ٽيٽم ايڊوارڊ ايل

ٽيٽم، ايڊوارڊ. ايل (Tatum, Edward.L ):ايڊوارڊ ايل. ٽيٽم (Tatum, Edward. L) کي ”ڪيميائي عملن جو جينياتي مضبوطيءَ جي تحقيقي ڪم“ جي اعتراف ۾ 1958ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. طب ۽ فعليات جو هي ماهر سائنسدان 14 ڊسمبر 1909ع ۾ ڪولوزيڊو ۾ ڄائو. هن جو پيءُ آرٿر لاري. ٽيٽم (Arthur Lawrie, Tatum) وسڪونسن (Wiscosin) يونيورسٽي جي ميڊيڪل اسڪول ۾ فارماڪولاجي جو پروفيسر هو. ٽيٽم شڪاگو ۽ وسڪونسن يونيورسٽين مان 1931ع ۾ ڪيميا کي گريجيوئيشن ۽ مائيڪروبائلاجيءَ ۾ ايم. ايس. جي ڊگري 1932ع ۾ ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 1934ع ۾ ملي. بيڪٽريا جي تجزئي ۽ ميٽابولزم تي تحقيقي مقالو ايڊون برائون فرڊ (Edwin Braun Ferd) ۽ وليم هيرالڊ پيٽرسن (William Harold) جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو. هو، 1937ع کان 1941ع تائين ٽينفورڊ يونيورسٽي جي شعبي حياتياتي علوم ۾ ريسرچ ايسوسي ايٽ ۽ ان کان پوءِ 1948ع ۾ ييل (Yale) يونيورسٽي ۾ مائيڪروبائيولاجي جو پروفيسر ۽ ٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ حياتياتي ڪيميا ۾ پروفيسر جي حيثيت سان گهڻي تحقيقي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ باريڪ جاندارن (Micro Organisms) ۽ ڦل مکي (Drossophila Melanogaster) جي حياتياتي ڪيميا ۽ جينيات شامل آهن.
هن کي آمريڪا جي ڪيميڪل سوسائٽي طرفان 1953ع ۾ ريماسن اوارڊ (Remasen Award) ڏنو ويو. ٽيٽم کي نيشنل فائونڊيشن جي مشاورتي ڪميٽي جو رڪن چونڊيو ويو. هو ڏهن سالن تائين جرنل آف بايولاجيڪل ڪيميسٽري (Journal of Biological Chemistry) جي ادارتي بورڊ ۾ شامل رهيو. طب ۽ فعليات جو هيءَ عظيم سائنسدان 5 نومبر 1975ع تي نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.12.14  عيسوي

ماهر سائنسدان ايڊوارڊ ايل . ٽيٽم 14 ڊسمبر 1909ع ۾ ڪولوزيڊو ۾ ڄائو


1975.11.05  عيسوي

عظيم سائنسدان ايڊوارڊ ايل . ٽيٽم 5 نومبر 1975ع تي نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرپور شاھہ
حڪيم لقمان
جمشيد انصاري
خواجہ احمد دمائي
امير علي شاھہ ڄاموٽ
حسرت موهاني مولانا
دين محمد سيد
رامچند اوڏ
هرچندراءِ سوٽهڙ ڊاڪٽر
ڀنگرمحمد اقبال ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون