ٽَٽُون: ننڍي قد وارو گهوڙو، جيڪو عام چڙهيءَ جي ڪم ۾ نه ايندو آهي، پر بار برداريءَ وغيره لاءِ ڪم ايندو آهي. هن گهوڙي کي ”ڊڊَو“ به چوندا آهن. چوڻي آهي ته ”ٽَٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو“.