ٽپهرِي ٽه پهري

ٽِپَهرِي/ ٽِه- پهري: ڏينهن (سج اُڀرئي کان وٺي سج لھڻ تائين) جي ورهايل چئن پهرن مان ٽيون پھر. قرون وسطيٰ (وچئين دور ۾) ڏينهن ۽ رات کي آسانيءَ خاطر اٺن پهرن ۾ ورهايو ويو. چار پھر ڏينهن جا ۽ چار پھر رات جا. ڏينهن جي چئن پهرن مان پهريون پهر، سج اُڀرڻ کان وٺي سج ڪانو مٿي چڙهي اچڻ تائين ليکيو ويندو آهي. ٻيو پھر اڌ ڏينهن تي پورو ٿيندو، يعني سج ڪاپار تي اچي تہ ٻيو پھر پورو سمجهبو. ان کان پوءِ ٽيون پھر شروع ٿيندو، جنهن ۾ اڳينءَ جي نماز بہ اچي ويندي آهي. چوٿون پھر سج لڙئي کان وٺي سج لھڻ تي پورو ٿيندو، جنهن ۾ وچئين ۽ سانجهيءَ واري نماز اچي ويندي آهي. مندن ۽ جاگرافيائي حالتن مطابق، پهرن جي انهيءَ ورڇ ۽ مدت ۾ فرق اچي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو