ٽڳو محمد صالح

ٽڳو محمد صالح

ٽڳو محمد صالح

ٽڳو، محمد صالح: حاجي محمد صالح ٽڳو، پياري ڳوٺ اسٽيشن کان ڪجهہ ميل پري رئيس امير بخش ٽڳي زميندار جي گهر پهرين ڊسمبر 1933ع تي تولد ٿيو. گورنمنٽ پرمانند هرداس پائلٽ اسڪول دادو مان 1954ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. راند جي شوق ۾ تدريسي ذميواري سان انصاف نہ ڪري سگهڻ سبب نيچ نوڪري کي خيرآباد چئي، پنھنجي اباڻي زمين سنڀاليائين. ننڍپڻ کان سندس راغبو والي بال طرف هئو. 1949ع ۾ پهريون ڀيرو پنھنجي ڳوٺ جي ٽيم ۾ راند سکيو ۽ جولاءِ 1952ع ۾ قربان ڪلب طرفان دادوءَ ۾ بخش لاکير جي ٽيم طرفان نيٽ تي پهريون دفعو ٽورنامينٽ ۾ احمد شاھہ استاد بخاريءَ سان سخت مقابلي بعد ڌڪن جي زور جو وڏو ڦڙو وسائي ڪاميابي حاصل ڪيائين. (گهٽ ماڻهن کي خبر آهي تہ استاد بخاري والي بال ۾ سنڌ سطح تي وڏو رانديگر هو) 1953ع کان 1955ع تائين استاد قربان جي نيٽ کيڏڻ بعد 1955ع کان پنھنجي نالي سان ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندو رهيو. اڪثر ڪاميابيون ماڻيائين. ڪيترائي انعام ۽ شيلڊون کٽيائين. پنو عاقل ٽورنامينٽ کٽڻ کان پوءِ هڪ انوکي احساس تحت راند کان رٽائر ڪيائين. محمد صالح ٽڳي جي راند ڪرڻ جو انداز هيءُ هو تہ هو بئڪ سينٽر جي پوزيشن تي يا ڪارنر تي سروس ڪرڻ وقت چيتي وانگر چست بيهندو هو ۽ جڏهن سندس رانديگر سروس ڪندو هو ۽ اهو بال جڏهن مقابلي واري ڌر کان واپس ايندو هو تہ هي تيز رفتاريءَ سان اسٽارٽ وٺي بال کي اهڙو ڌڪ هڻندو هو جنهن ۾ کيس پوائنٽ حاصل ٿي ويندي هئي. سندس راند جي آفاقي شھرت سبب پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ۾ آءِ يو خان جي معرفت اسپورٽس بنياد تي نوڪري ڏني. PIA جي ٽيم ۾ شامل ٿي پنجاب جي شھر ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ اهڙي راند ڪيائين جو وڻ وڄي ويا ۽ پوري ٽورنامينٽ ۾ سندس ڪوبه بال آئوٽ نہ ٿيو. انهيءَ ڪاميابيءَ کيس ملڪي سطح تي مشھور ڪيو. پر ڪاش! سنڌ جي اهڙن رانديگرن کي ملڪي سطح تي کيڏڻ جو موقعو ملي ها تہ هو ضرور ملڪ جو نالو روشن ڪن ها. پاڻ سال 2000ع ۾ وفات ڪري ويو. پوئين وقت هِن گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ رب کي ريجهائڻ ۾ مصروف رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.00.00  عيسوي

محمد صالح ٽڳو رئيس امير بخش ٽڳي زميندار جي گھر ۾ پهرين ڊسمبر 1933ع تي تولد ٿيو


2000.00.00  عيسوي

محمد صالح ٽڳو سال 2000ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
جانوري مصري خان
ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا
گلڻ ڄام ڏاهري
احسان علي لغاري
عنايت ﷲ مرزا
برهان فقير
مولوي محمد صادق ٺٽوي
غلام نبي عبداللطيف
الھرکيو ٻٽ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون