پاسو

پاسو: هيءُ گلگت واديءَ جو، اوچن برفاني جبلن ۾ گهيريل هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو تاريخي قدامت جي لحاظ کان قابل ذڪر آهي. هن ڳوٺ ۾ 80 کان وڌيڪ گهر آهن. پاسو گلگت کان 170 ڪلوميٽر پري ڪراڪرم (قراقرم) شاهراھہ جي پاسي ۾ واقع آهي. هيءُ ڳوٺ گليشيئر (برفاني تھہ) مان نڪرندڙ درياھہ جي ڪپ تي گونيءَ ڪُنڊ جي نشان وانگر سھڻو ڳوٺ آهي. نومبر ۽ ڊسمبر مهينن ۾ درياهي نهرن ۾ ٻوڏ ايندي آهي، انهيءَ ڪري ’پاسو‘ جي آسپاس وارا علائقا متاثر ٿين ٿا. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي جبلن جي وچ ۾ قدرتي ڍنڍ آهي، جيڪا ’پاسو ڍنڍ‘ جي نالي سان مشھور آهي. هيءُ ڳوٺ ماضيءَ ۾ چار ڀيرا تباھہ ٿيو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ڳوٺ کي چئن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دؤر تاريخ کان اڳ واري زماني جو آهي، جيڪو پنج هزار کان ٽي هزار سالن تائين جو دؤر آهي. شمسان ماٿري ۽ درياھہ ويجهو وڏين وڏين ڇپن تي جيڪي نشان اُڪريل آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري مارخور، خچرن، دائرن ۽ ماڻهن جون شڪيلون اُڪريل آهن. انهيءَ قسم جا نشان سوات ۽ چين جي ”هيلان ڪانو“ واري علائقي مان لڌا ويا آهن، جن کي پنجن هزارن کان وٺي ڏهن هزارن سالن تائين قديم ڄاڻايو ويو آهي. تباهيءَ جو ٻيو دؤر ڇهين ستين صدي هجريءَ ۾ آيو، جنهن ۾ مهاتما ٻڌ جو وڏو مجسمو ۽ ڳوٺ ڊهي ويا. ’پاسو‘ جي تباهيءَ جو ٽيون حادثو اسلامي دؤر ۾ ٿيو، جڏهن شاهراھہ ڪراڪُرم (قراقرم) جي کاٻي پاسي کان اوچيون ڇپون ’پاسو‘ ڳوٺ تي اچي ڪريون، جن جي ڪري ڳوٺ صفا تباھہ ٿي ويو. اُنهيءَ دؤر ۾ ڇپن تي جيڪي لکيتون اُڪريل هيون، سي سڀ ميسارجي ويون. پاسي جي تباهيءَ جو چوٿون دؤر 18 صدي عيسويءَ آهي. ان وقت ڳوٺ جي آبادي 5/ 6 گهرن تي مشتمل هئي، ان وقت گوچال جي ماٿريءَ جي ويجهو پهاڙي ڇپون هيٺ ڪريون، جنهنڪري درياھہ جو وهڪرو بند ٿي ويو ۽ ٻيهر آبادي تباھہ ٿي وئي. درياھہ پنهنجو نئون رُخ اختيار ڪيو ۽ آسپاس جي رهاڪن ٻيهر ’پاسو‘ کي آباد ڪيو. ’پاسو‘ جا رهاڪو ”تاجڪ“ قبيلي جا ماڻهو آهن، جن کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي. هتي مئي کان وٺي نومبر تائين سياح ايندا آهن، جن جي لاءِ سٺا هوٽل تعمير ٿيل آهن.


لفظ پاسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو