
پاناما ملڪ جو نقشو
پاناما (Panama ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه پاناما آهي. هن جي اتر پاسي ڪريبيئن سمنڊ، اوڀر ۾ ڪولمبيا، ڏکڻ پاسي پيسفڪ سمنڊ ۽ اولھہ ۾ ڪوسٽاريڪل آهن. پاناما جي ڪل پکيڙ 77082 چورس ڪلوميٽر (29753 چورس ميل) ۽ آبادي 28 لک 21 هزار آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ ’پاناما سٽي‘ آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ٻرندڙ جبل بارو (Baru) جي چوٽي (بلندي: 3475 ميٽر) آهي. پاناما جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن تہ هتي انگريزي ۽ ڪريول ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتان جي موسم گرم پر خوشگوار رهي ٿي. هتي جون راتيون نهايت سرد آهن، جڏهن تہ جابلو علائقن ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اپريل کان ڊسمبر تائين مينهن پون ٿا. هتان جي مکيہ زرعي پيداوار چانور، ڪيلو، مڪئي، ڪوڪو، اپاڪا، تماڪ، ڪافي ۽ پام آهي ۽ مکيہ صنعتن ۾ سيمينٽ، سگريٽ، بـوٽ، ڪـپـڙو، سبيـل لـبـاس، صـابڻ، فـوڊ پروسيـسنگ، شـراب، تيـل جي صفائي ۽ ڪافي شامل آهي. پاناما هڪ آزاد جمهوري ملڪ آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، چيف ايگزيڪيوٽو ۽ حڪومت جو اڳواڻ، هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. پاناما جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 3 نومبر 1903ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبر شپ 13 نومبر 1945ع کان کيس حاصل آهي.
1903.11.03 عيسوي
پاناما ملڪ جي آزادي جو ڏهاڙو 03 نومبر 1903 آهي