پاڇو

پاڇو

پاڇو پاڇُولو

پاڇو/ پاڇُولو: ڪوبه گهاٽو ۽ سخت جسم روشنيءَ ۾ هوندو ته ان جي پٺئين پاسي يعني روشنيءَ جي ابتي پاسي ان شيءِ جو اونداهو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، جنهن کي ’پاڇو ‘ يا ’پاڇولو ‘ ۽ ’سايو ‘ به چوندا آهن . اصول آهي ته روشنيءَ جا ڪرڻا غيرشفاف شين مان گذري نه سگهندا آهن ، بلڪ ان جي پوئين طرف اونداهو حصو ٺهي پوندو آهي . سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ به انهيءَ اصول تحت ٿين ٿا . ڀتين ، ڇتين ، وڻن وغيره جي پاڇي کي انسان پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندو آيو آهي . سج جي تيز روشني ، يعني تيز اُس کان بچاءَ لاءِ وڻن ۽ ڀتين جا پاڇا استعمال ٿيندا آهن . سج جي تيز روشني هڪ طرف جسم کي ساڙيندي آهي ته ٻئي طرف وڻن ۽ ٻوٽن کي زندگي بخشيندي آهي . پاڇو هر شيءِ جو ٿيندو آهي ، سواءِ ” ڪاراڻ “ جي ، ڇوته ” ڪاراڻ “ خود ’پاڇو ‘ آهي . جيئن جيئن سج مٿي چڙهندو آهي ، هر شيءِ پنهنجو پاڇو ننڍو ڪندي ويندي آهي . تان جو سج ڪاپار تي پهچڻ سان پاڇو گم ٿي ويندو آهي ، وري جڏهن سج لڙندو آهي ته پاڇو وڏو ٿيندو ويندو آهي . پاڇي کي ” ڇانوَ “ به چوندا آهن . هرهڪ ساهواري جو پاڇو ٿيندو آهي ، جيڪو گهٽبو وڌبو رهندو آهي . آڳاٽي وقت کان وٺي پاڇن جي مدد سان وقت جو تعين ڪيو ويندو هو . ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر نماز به سج جي پاڇي کي ڏسي ادا ڪندا آهن . ماضيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن عالمن سج جي لهڻ ۽ چڙهڻ سان پاڇي جي ننڍ وڏائيءَ تي نماز جا وقت مقرر ڪيا ، جيڪي درست نه هئا ، انڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ” حاصل النهج “ ۾ ان مسئلي جي ذڪر هيٺ سنڌي مهينن بدران عيسوي مهينن جا نالا لکيا ته جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي . هن اصلي پاڇي جي ڊيگهه پيرن جي تعداد ڄاڻائڻ سان ظاهر ڪئي آهي . پير مان مراد ڪنهن به درمياني قد واري مرد جو پير . جيئن ته مخدوم محمد هاشم پنهنجي تحقيق جي ابتدا 6 جمادي الاول 1132هه/ 16 مارچ 1720ع کان ڪئي هئي ، ان ڪري هن ڪتاب ۾ پهريون مهينو 16 مارچ کان 15 اپريل تائين لکيو هئائين . ( 1 ) 16 مارچ کان 31 مارچ تائين اصلي پاڇي جي ڊيگهه درمياني قد واري ڪنهن به مرد جي اڍائي پيرن جي ڊيگهه برابر هوندي آهي ، ( 2 ) 1 اپريل کان 15 اپريل تائين ٻه پير ، ( 3 ) 16 اپريل کان 30 اپريل تائين ڏيڍ پير ، ( 4 ) 1 مئي کان 15 مئي تائين اڌ پير ، ( 6 ) 1 جون کان 15 جولاءِ تائين اصلي پاڇو ناپيد هوندو آهي ، ( 7 ) 16 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين اڌ پير ، ( 8 ) 1 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين ڏيڍ پير ، ( 9 ) 16 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين ڏيڍ پير ، ( 10 ) 1 سيپٽمبر کان 15 سيپٽمبر تائين ٻه پير ، ( 11 ) 16 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين ٽي پير ، ( 12 ) 1 آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين چار پير ، ( 13 ) 16 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر تائين چار پير ، ( 14 ) 1 نومبر کان 15 نومبر تائين ساڍا پنج پير ، ( 15 ) 16 نومبر کان 30 نومبر تائين ڇهه پير ، ( 16 ) 1 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر تائين ساڍا ڇهه پير ، ( 17 ) 16 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ست پير ، ( 18 ) 1 جنوريءَ کان 15 جنوريءَ تائين ساڍا ڇهه پير ، ( 19 ) 16 جنوري کان 31 جنوريءَ تائين ڇهه پير ، ( 20 ) 1 فيبرويءَ کان 28 فيبروريءَ تائين ساڍا چار پير ، ( 22 ) 1 مارچ کان 15 مارچ تائين ساڍا ٽي پير . وڌيڪ اونداهي ، جيڪا روشنيءَ جي لهرن ۾ غيرشفاف جسم جي دخل اندازيءَ سبب پيدا ٿئي ، ان کي پاڇو چوندا آهن . پاڇو جن عملن تي مشتمل آهي ، انهن ۾ روشنيءَ جي ماخذ جي جسامت ۽ گرميءَ جي تيزي ، غيرشفاف جسم جي ويجهائي ، ان جسم جو حجم ۽ ان سطح جو زاويو ۽ مفاصلو ، جنهن تي پاڇو پئجي رهيو آهي شامل هوندا آهن ، ” مڪمل پاڇو “ جنهن ۾ روشني پوريءَ طور رڪيل هوندي آهي ته ان کي ظلِ ڪامل ( umbra ) چئبو آهي ۽ ظلِ ناقص ( Penumbra ) جزوي ( اڌ ) پاڇي کي چئبو آهي . آڳاٽن وهمن ۽ وسوسن مطابق ماڻهو سمجهندا آهن ته جنهن انسان تي ڪڏهن ڪڏهن پريءَ جو پاڇو پوندو آهي ته ان جي اثر کان ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن . اهڙا ماڻهو چوندا آهن ته جن ۽ پريون رات جو اڏامندا آهن . جيڪڏهن انهن جو پاڇو ستل ماڻهوءَ تي پيو ته اهو اِن اثر سبب بيمار ٿي پوندو آهي ۽ اهڙيءَ بيماريءَ کي ” لڳت جو حساب “ چئي ، ان جو علاج ڪنهن پاڙهيٽي يا عامل کان ڦيڻي ڦوڪاري ذريعي ڪرائيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


عڪس - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڇو پاڇُولو
عڪس ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون