پتڻ منارو

پتڻ منارو: هن ڦٽل شهر جا نشان رحيم يارخان کان 5 ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌوءَ جي ڦٽل وھڪري تي آهن. ھي دڙا ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آھن. ڪرنل منچن 1870ع ۾ ھن ماڳ جي کوٽائي ڪرائي، مگر ڪامياب ٿي نه سگھيو. هي ٻڌ جي خانقاهه جا نشان چئجن ٿا، جيڪي پنجن منارن جي صورت ۾ موجود آھن. وچ ۾ ھڪ وڏو منارو (چوڪنڊو) ۽ چوڌاري چار منارا ھئا؛ جيڪي ھڪ ٻئي جي مٿان ٽه- منزلا ھئا. انھن جي ھڪ منزل اڳ ۾ ڊٺل ھئي، پر وچين منزل بھادرخان ھالاڻيءَ 1740ع ۾ ڪيرائي ھئي. جتان ھڪ سِرَ ظاھر ٿي ھئي، جنھن تي سنسڪرت ۾ لکيل ھو ته ھي خانقاه سڪندراعظم جي وقت ۾ (327-324 ق.م ۾) تعمير ڪئي وئي ھئي. ڀر وارا چار منارا فضل علي خان ھالاڻيءَ ڪيرايا ھئا، انھن جو سرون ۽ پٿر کڻائي دين ڳڙهه، صاحب ڳڙهه ۽ ڀاڳلا جا قلعا مضبوط ڪرايا ويا. مٿاڇري تي ڀڳل ٺڪراٺو ۽ سرن جا اڌڙ جام ملن ٿا. مينھن جي مند ۾ ٽامي جا سڪا ۽ ٽامي جا ٿانوَ به ملن ٿا. ھن دڙي جي باقاعدي کوٽائي نه ٿي آھي. پتڻ مناري جي چوڌاري ٻيا ڪيترائي دڙا ملن ٿا. روايتون آھن ته ھي شھر ھڪ سؤ ميلن ۾ پکڙيل ھو ۽ ڀرپاسي وارا دڙا ھن شھر جو حصو آھن. ڀنڊار، جيڪو ھن کان چئن ميلن تي آھي، اتي به گودامن جا نشان ملن ٿا. جن ۾ شايد اناج وغيره رکيو ويندو ھوندو. کوکڙ دڙو پنجن ميلن تي آھي. اھو به ھن شھر جو ڀاڱو آھي. دروازي جا نشان اوڀر طرف پنجن ميلن تي ملن ٿا. ھي شھر جو لنگهه ھو. بند پتڻ کان ٽي ميل اولهه طرف آھي. جنھن لاءِ ڄاڻايل آھي ته اھو ھنڌ قيدخاني طور استعمال ٿيندو ھو. اتي اڄ به بندور نالي وسندي آباد آھي. بندور جي ڀرسان ھڪ ٻي وسندي ”ٽي لاڙان“ آھي، جنھن ۾ لاڙ ذات جا ماڻھو رھن ٿا، جيڪي اصل سنڌي آھن ۽ ڄام جي لقب سان سڏجن ٿا. ڪرنل ٽاڊ جيسلمير جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي ھن پتڻ جو ذڪر ڪيو آھي. پتڻ جو شھر ڪنھن حڪمران جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، جيڪو پوءِ برباد ٿي ويو. ھنن دڙن جي اتر ۾ پراڻي وھڪري جا نشان موجود آھن، جن کي مقامي طور گھگھر درياهه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڏھين صدي عيسيويءَ ۾ سومرن ھن شھر کي ٻيھر آباد ڪيو. ھمير سومرو، سومرن جو آخري حڪمران ھو، ان کان پوءِ جيڪي سومرا ھتي رھجي ويا، انھن پاڻ کي ھڪ بلوچ قبيلي گورچاڻيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو. روايت آھي ته گوريش نالي سومرو شڪار ڪندي رستو ڀلجي ويو ۽ ٿڪ سبب بيھوش ٿي ويو. ڪن بلوچن کيس لڌو ۽ پاڻ وٽ وڃي رهايائونس. اتي ڪنھن ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويس ۽ ان سان شادي ڪيائين ۽ قبيلي سميت ان بلوچ قبيلي ۾ شامل ٿي گورشاڻي سڏجڻ لڳو. چون ٿا ته ھي ھنڌ لاکي ڦلاڻيءَ جو تخت گاهه به رھيو. پتڻ کي پتڻپور به سڏيو ويندو ھو، جو اڪبر مغل بادشاهه جي دور جون ڪجهه سندون ماڻھن وٽ آھن، جن ۾ ھن علائقي کي پتڻ پور سڏيو ۽ لکيو ويو آھي. ارڙھين صديءَ تائين ھي شھر ورسيل ھو، جو سنڌ، بيڪانير ۽ جسلمير جا ماڻھو ”شو راتڙي“ جي ميلي تي ھتي ايندا ھئا. ڪرنل منچ جو چوڻ آھي ته: ”عمارت جي پلستر لاھڻ سان ڀت مان اندران سنڌيءَ ۾ ھڪ لکت لڌي آهي، جنھن ۾ ڪنھن اتي عبادتگاهه يا اوتار لاءِ مڃتا گهري ھئي ۽ ڪجهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو. اھا لکت 1559ع کان 1569ع جي وچ ڌاري جي ھئي. اھا لکت ھي آھي ”اناج وار ڪي لاڻي اٿي آمدني ھماري آوي سان، رپئي پيڇي اڌ آنا ڀيجون“. ميچن ھن لکت کي سنڌي سڏيو آھي، جيڪا خواجڪي سنڌي يا سرائيڪيءَ سان ملندڙ سنڌي چئي سگهجي ٿي، جڏھن ته ھيءَ لکت سرائيڪيءَ ۾ آھي. عبدالله خان ورياھه ھي ماڳ 30 ڊسمبر 1979ع تي ڏٺو ته باقي ھڪ منارو بچيل ھو ۽ پنج ڇهه دڙا باقي ھيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو