
پراتڀا ديوِي سنگهه
پراتڀا ديوِي سنگهہ: ڀارت جي موجودہ صدر ۽ پهرين خاتون صدر طور چونڊيل پراتڀا ڌيءُ نارائڻ پگلو رائو، 13 ڊسمبر 1934ع تي مهاراشٽر ۾ ڄائي. شروعاتي تعليم آر. آر. اسڪول جلگائون ۾ حاصل ڪيائين. ايم. اي، مولجي ڄيٺا ’ايم. جي ڪاليج‘ جلگائون مان ڪيائين، جڏهن تہ قانون جي ڊگري گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ مان ورتائين. هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 1962ع کان ڪيو. شروع کان وٺي ڪانگريس پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهي آهي. سندس شادي 1965ع ۾ ڊاڪٽر ديوِي سنگهہ رام سنگهہ شيکاوٽ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، جنهن جو نالو جيوتي آهي. پراتڀا ديوي سنگهہ شروع کان وٺي نهرو- گانڌي خاندان جي حمايتي رهي آهي. 1977ع ڌاري جڏهن اندرا گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو تہ ان عمل خلاف ملڪ اندر ٿيل احتجاج دوران پراتڀا کي بہ گرفتار ڪري 10 ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو. هوءَ پنھنجي اليڪشني تڪ جلگائون مان مسلسل چونڊ کٽيندي رهي آهي. هوءَ سياحت ۽ سوشل ويلفيئر کاتن جي وزير بہ رهي چڪي آهي. شاگرديءَ واري دؤر ۾ پراتڀا ٽيبل ٽينس جي بھترين رانديگرياڻي هئي ۽ ڪاليج طرفان ڪيترين ٽورنامينٽن ۾ ڪامياب ٿي. کيس 1962ع ۾ ايم. جي ڪاليج ۾ ’ڪاليج ڪوئين‘ جو لقب بہ ڏنو ويو. هوءَ سبزي خور (Vegetarian) آهي. پراتڀا ديوي سنگهہ ڪيترن ئي فلاحي ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهي آهي. کيس 2007ع جي صدارتي چونڊن ۾ 65.82 سيڪڙو اڪثريت جي حمايت حاصل ٿي ۽ هن 25 جولاءِ 2007ع تي ڀارت جي 12هين صدر طور حلف کنيو.
1934.12.13 عيسوي
ڀارت جي پهرين خاتون صدر طور چونڊيل پراتڀا ڌيءُ نارائڻ پگلو رائو، 13 ڊسمبر 1934ع تي مهاراشٽر ۾ ڄائي.
2007.07.25 عيسوي
پراتڀا ديوِي سنگهه 25 جولاءِ 2007ع تي ڀارت جي 12هين صدر طور حلف کنيو.