پراڻناٿ

پراڻناٿ (1618-1694ع): پراڻناٿ سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم نالو آهي، جيڪو قاضي قادن، شاھه ڪريم، لطف الله قادري کان شاهه لطيف جي وچ واري ڪڙيءَ جو شاعر آهي، جنهن جون ’چوڀايون‘ مشهور آهن. دادو ديال به هن دؤر جو اهم شاعر آهي. پراڻناٿ بابت سڀ کان اڳ جئرام دولترام ڄاڻ ڏني، ان بعد پراڻناٿ جو ڪلام جھمون ڇڳاڻيءَ ٻن جلدن ۾ ’مهامتي پراڻ ناٿ جي واڻي‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
پراڻناٿ 6 آڪٽوبر 1618ع ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي جنم کان لڳ ڀڳ 71 سال اڳ، نوانگر (ڄام ننگر، گجرات، ڀارت) ۾ ڄائو. سندس اصل نالو مهر راج هو. سندس پيءُ جو نالو ڪيشو ٺاڪر هو ۽ ماءُ ڌن ٻائي هئي، جنهن جا مائٽ سنڌ جا هئا. اُن ڪري سندن گھر ۾ گجراتيءَ سان گڏ ڪڇي ۽ سنڌي زبانون به ڳالهايون وينديون هيون. جھمون ڇڳاڻيءَ پراڻناٿ جي مادري زبان سنڌي لکي آهي.
پراڻناٿ هڪ هوشيار ٻار وانگر اُسريو. هو ابتدا کان مذهبي ويچار رکندڙ ۽ سچ جو متلاشي هو. هڪ دفعي هڪ سيلاني سنت ديوچند اچي ڄام نگر (گجرات) ۾ نڪتو. هن ٻالڪ تي نظر پوڻ سان ڏاڍو خوش ٿيو. اڳتي هلي پراڻناٿ سندس پوئلڳ ٿيو ۽ مهراج پراڻناٿ به مرشد جي حڪم موجب جوانيءَ جي دؤر ۾ عربستان ۽ ٻيا علائقا گھميو، جتي عربيءَ سان گڏ ٻين اسلامي علمن کان واقف ٿيو، قرآن شريف جو به مطالعو ڪيائين.
ديوچند جي وفات کان پوءِ مطالعي ۽ خلق جي روحاني ترقيءَ لاءِ وڌيڪ محنت ڪيائين، مختلف زبانن جو مطالعو ڪيائين. روايت آهي ته هُو پور بندر ۽ مانڊوي رستي سنڌ ۾ ٺٽي نگر پهتو. اهو سال 1659ع هو ۽ سندس عمر چاليهن سالن کان مٿي هئي. جهمون ڇڳاڻي لکي ٿو ته: ”پراڻناٿ ٺٽي ۾ هڪ برهمڻ ناٿا جوشيءَ جي گھر ۾ ڏهه مهينا رهيو. اُتي رهندي سندس سنگت شري لعلداس سان ٿي، جيڪو اڳتي هلي سندس شِش بڻيو. جنهن لعلداس سندس ٺٽي شهر ۾ رهڻ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”بيتڪ“ ۾ به ڏنو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته هو ٺٽي ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌي بزرگن سان گڏيو ۽ اُنهن کي پنهنجن ويچارن کان آگاھه ڪيائين.
پراڻناٿ جي خيالن جو اثر ڪيترن سنتن ۽ سچ جي ڳولا ڪندڙن تي پيو، جن بابت ويجھي زماني ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سيڪريٽري شري پياري لعل جي ڪتابMahatma Gandhi, The Early Phase مان ڪافي ڄاڻ ملي ٿي.
پراڻناٿ جي ويچارن توڙي ڪلام جو ڪافي علائقن ۾ پرچار ۽ اثر ٿيو. وچ ۽ اُتر هندستان ۾ پراڻناٿ جي ڪلام سندس ڪيترن مُريدن تي اثر ڪيو. مهامتي پراڻناٿ هندستان جي مڌيه پرديش جي شهر ’پوني‘ ۾ 29 جون 1694ع ۾ يعني ڀٽائيءَ جي پيدائش کان پنج سال پوءِ وفات ڪئي ۽ پنا شهر جي گمٽ بنگلامندر ۾ سندس سماڌي ٺاهي وئي.
پراڻناٿ جي واڻي اٽڪل پوڻا ٽي سئو سال قلمي صورت ۾ رهي. سندس مريد اُن جا نقل تيار ڪري پرچار ڪندا رهيا. سندس ڪلام پهريون ڀيرو 1965ع ۾ اشاعت هيٺ آيو. جنهن گرنٿ (ڪتاب) ۾ سندس پورو ڪلام گڏ ڪيو ويو، ان جو نالو ”ڪلجم سروپ“ رکيو ويو، جيڪو اصل ۾ مصر جي نيل نديءَ جو نالو به هو. سندس ڪُل ڪلام ۾ 18785 چوپايون آهن، جن مان 524 سنڌي چوپايون ۽ بيت آهن. ڪلام جي ٻولي ڪڇي سنڌي آهي. هي ڪلام ڇپجڻ کان گھڻو اڳ ششن (مريدن) جي وسيلي هزارين پنٿين تائين پهتو ۽ قلمي صورت ۾ مَٺن (مندرن ) ۾ موجود رهيو. واڻيءَ (ڪلام) وانگر مهامتي پراڻناٿ جا ويچار نثري صورت ۾ به ششن (مريدن) اندازاً سندس وفات کان ڪجھه مهينا اڳ تحرير هيٺ آندا. دادو ديال ۽ پراڻناٿ جي واڻي گڏ ملڻ سان اها اُميد وڌي وئي آهي ته سنڌ کان ٻاهر مندرن ۽ مٺن ۾ ٻيو به ڪيترو سنڌي ڪلام موجود ٿي سگھي ٿو. مهامتي پراڻناٿ پنهنجي واڻيءَ ۾ جيڪي اشارا ڏنا آهن، سي فنا ۽ بقا بابت آهن. مثال طور:
آخر وير اُٿڻ جي، اَئين روحين ڇڏيجا راند،
اُٿي وچ عرس، ڪوڏ ڪري مل ڪانڌ.
[”اي غافل انسان هتان لڏڻ جو آخري وقت اچي ويو آهي. ڪوڙي سنسار کي ڇڏي پاڻ کي مايا جي موھ کان آجو ڪري (مالڪ) ڏانهن هل“.]
تو لکـيو فرمـان ۾، مـون عـرس دل مـومـن،
سي سڻي ويڻ فرمان جا، مُوجو جھليو دل روحن.
[”توهان فرمان (قرآن) ۾ لکي موڪليو آهي ۽ اهو مومن جي دل ۾ آهي ۽ قرآن جا اکر ٻڌي منهنجي دل روحن پڪڙي ڇڏي آهي“.]
پراڻناٿ جي واڻي چؤپاين تي ٻڌل آهي. سندس ڪلام هٿ اچڻ سان سنڌي شعر جي ٽٽل ڪڙيءَ جو تسلسل جُڙي ٿو ۽ سنڌي شاعريءَ جو نئون باب ظاهر ٿئي ٿو


لفظ پراڻناٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو