پرويز مشرف

پرويز مشرف

پرويز مشرف

پرويز مشرف: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف، 11 آگسٽ 1943ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مشرف الدين پرڏيهي وزارت ۾ سيڪشن آفيسر هو، جنهن ڪيترائي سال انقره ۽ ترڪيءَ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪم ڪيو. جنهن وقت مشرف الدين جڪارتا ۾ مقرر هو، تڏهن ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کيس بدعنوانيءَ جي الزام ۾ معطل ڪيو هو. والد جي نوڪريءَ سبب پرويز مشرف پنهنجو ننڍپڻ گهڻو ڪري ترڪيءَ ۾ گذاريو، ان ڪري کيس ترڪي ٻولي بہ ڳالهائڻ ايندي ھئي ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو هو تہ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ سندس آئيڊيل آهي. پرويز مشرف جي والدہ زھرہ مشرف انگريزي مضمون ۾ گريجوئيٽ آهي ۽ هن هڪ عالمي تنظيم ”انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن“ لاءِ ڪم ڪيو ۽ 1968ع ڌاري رٽائر ڪيائين. پرويز مشرف شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ 1958ع ڌاري لاهور جي ’فارمين ڪرسچن ڪاليج‘ مان گرئجوئيشن ڪئي، بعد ۾ پاڪستاني فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪري ملٽري اڪيڊمي، ڪاڪول ۾ شامل ٿيو. جڏهن تہ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا ۽ نيشنل ڊفينس ڪاليج راولپنڊيءَ ۾ بہ تربيت حاصل ڪيائين. هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيوھو ته، هُن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ- ڀارت جنگين ۾ بہ حصو ورتو ۽ ڪجهہ اعزاز بہ حاصل ڪيا. پرويز مشرف جي سياسي قسمت تڏهن نروار ٿي، جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کيس آرمي چيف جي عهدي تان هٽائي، سندس جاءِ تي آءِ. ايس. آءِ جي سربراھہ خواجہ ضياءُ الدين کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ ٿي چاهيو. ان وقت پرويز مشرف سريلنڪا جي دوري تي ويل هو ۽ هڪ ڪمرشل جھاز ۾ واپس پاڪستان پئي موٽيو. نواز شريف جي ان فيصلي کي فوج جي ڪيترن اعليٰ عملدارن مڃڻ کان انڪار ڪيو، پرويز مشرف جو جھاز ڪراچيءَ پهچڻ وارو هو. چيو وڃي ٿو تہ جھاز فضا ۾ ئي هڪ ڪلاڪ پرواز ڪندو رهيو ۽ پوءِ ڪراچي اڏي جي اجازت نہ ملڻ تي نوابشاھہ اڏي تي لاٿو ويو. اهو شام جو وقت هو ۽ پاڪستان ۾ سرڪاري توڙي نجي ٽي. وي چينلن جي نشريات معطل ڪئي وئي، سمورين سرڪاري عمارتن جو فوج ڪنٽرول سنڀاليو ۽ پرويز مشرف پهچڻ بعد رات جو سرڪاري ٽي. وي تي اچي قوم سان مخاطب ٿيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ٽن سالن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو ڪيائين. ان عمل سان پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ٿي. تڏهوڪي وزيراعظم نوازشريف کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. مٿس الزام لڳايو ويو تہ هن پرويز مشرف سميت جھاز ۾ ڪيترن مسافرن کي يرغمال بڻارايو هو ۽ جھاز کي ڪراچيءَ هوائي اڏي تي لھڻ جي اجازت نہ ڏني هئي، جنهنڪري جھاز ڪجهہ ڪلاڪ فضا ۾ ئي رهيو. اهو ڪيس اڄ بہ ”طيارہ سازش ڪيس“ جي نالي سان مشھور آهي. ان بعد پرويز مشرف ملڪ جو ’چيف ايگزيڪيوٽو‘ بڻيو ۽ ڪجهہ عرصي بعد سعودي حڪومت جي ٽياڪڙيءَ سان سنگين الزامن هيٺ گرفتار ڪيل ميان نواز شريف کي هڪ معاهدي هيٺ آزاد ڪري خاندان سميت ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو، جيڪو اٺن سالن تائين سعودي عرب ۾ رهيو. 11 سيپٽمبر 2001ع تي جڏهن آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملا ٿيا ۽ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، تڏهن اهو سمورو الزام سڌو سنئون افغانستان جي طالبانن تي لڳايو ويو، جنهن بعد آمريڪا سخت ڪاوڙ ۽ دٻاءَ هيٺ ڪجهہ قدم کنيا. حملي جي ٻن ڏينهن بعد آمريڪا طرفان پنھنجي سفير ’ونڊي چيمبرلين‘ معرفت پاڪستاني چيف ايگزيڪيوٽو پرويز مشرف آڏو ست مطالبا رکيا ويا، جن ۾ اهم مطالبو طالبان خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ هو. پرويز مشرف مطالبا مڃيندي ٽن ڏهاڪن تي مشتمل افغان پاليسي هڪ ئي رات ۾ تبديل ڪري ورتي. آمريڪا جا وڏا بحري ۽ جنگي جھاز پاڪستان پهچي ويا، جيڪب آباد ايئربيس سمورو آمريڪي فوج جي حوالي ڪيو ويو، ان عمل خلاف مقامي سياسي ۽ مذهبي ڌرين مظاهرا ۽ احتجاج ڪيا. آخرڪار افغانستان تي آمريڪي حملو شروع ٿيو، بمباريءَ ۾ طالبان سان گڏ ڪيترا معصوم ۽ بيگناھہ مرد، عورتون ۽ ٻار بہ مارجي ويا. افغان جنگ دوران پاڪستان ۾ موجود طالبان حمايتين خلاف بہ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڪيترن مدرسن کي انتهاپسنديءَ جي الزام هيٺ بند ڪيو ويو ۽ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب جي تبديليءَ جو عمل شروع ڪيو ويو. ڪيترين مذهبي تنظيمن تي پابندي مڙهي وئي ۽ لڳ ڀڳ 369 شهري، جن ۾ ڪجهہ عورتون بہ شامل هيون، آمريڪا جي حوالي ڪيا ويا. گرفتار ڪيل ماڻهن مان اڪثريت انهن جي هئي، جيڪي افغانستان ۾ تعليمي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ ويا هئا، جن کي گرفتاريءَ بعد آمريڪا جي گوانٽانامو ٻيٽ تي ٺاهيل جيل ۾ واڙي بدترين تشدد ڪيو ويو. اڳتي هلي انهن مان ڪجهہ بي ڏوهي ثابت ٿيا ۽ آزاد ڪيا ويا، پر سوين ماڻهو انهيءَ عتاب ۾ قيد رهيا، جڏهن تہ آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر بارڪ اوباما اهو قيدخانو بند ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. پرويز مشرف عدالتي حڪم تي 2002ع ۾ اليڪشن ڪرائي، پر ان کان اڳ هڪ ريفرنڊم ذريعي پاڻ کي پنجن سالن لاءِ صدر چونڊرايو. ان ريفرنڊم ۾ 98 سيڪڙو عوام جي حمايت ظاهر ڪئي وئي، جنهن تي اڪثر سياسي پارٽين ۽ عوامي حلقن ان ريفرنڊم کي غير شفاف قرار ڏنو ۽ ان خلاف احتجاج بہ ڪيو. آڪٽوبر 2002ع وارين عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) اڪثريت سان چونڊجي آئي، جنهن جا ٻہ سبب هئا، هڪ تہ پاڪستان جي ٻن وڏين پارٽين ’پيپلز پارٽي‘ ۽ نواز ليگ جي قيادت جلا وطن هئي ۽ ٻيو پرويز مشرف ۽ ق ليگ هڪ ٻئي جا حمايتي رهيا. اليڪشن دوران ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا، سڀني وڏين پارٽين مان ميمبر ٽوڙي ق ليگ ۾ آندا ويا. (وڌيڪ ڏسو: پاڪستان مسلم ليگ ق). پرويز مشرف قوم سان واعدو ڪيو تہ هو ڊسمبر 2004ع تائين فوجي عهدو ڇڏي وردي لاهيندو، پر ان وعدي تان اڳتي هليِ ڦري ويو، بعد ۾ هن پنھنجي حمايتين ذريعي قومي اسيمبليءَ مان ’سترهين ترميم‘ منظور ڪرائي، جنهن سان کيس با وردي صدر رهڻ جو قانوني جواز مليو. ان عمل کي آئين جي خلاف سمجهيو ويو. پرويز مشرف پنھنجي اقتدار دوران پنهنجين ئي پاليسين تي هليو، هن مڪاني حڪومتن جو نظام ٻيهر متعارف ڪرايو، جيڪو ڪامياب ويو پر ڪجهہ فيصلن سبب کيس شديد تنقيد ۽ مخالفت ڏسڻي پئي، 2004 ع ۾ نامور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان تي الزام هنيا ويا تہ هن ائٽمي اوزار ٻين اسلامي ملڪن کي وڪرو ڪيا آهن. کانئس اعتراف بہ ڪرايو ويو ۽ ڊاڪٽر قدير کي ڪيترا سال نظربند رکيو ويو. 2006ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير کي ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، نظربنديءَ دوران کيس علاج ۽ آپريشن جي اجازت ڏني وئي. ٻئي طرف پنهنجا حق گهرندڙ بلوچستان جي قومپرست ماڻهن تي فوجي آپريشن ڪيو ويو، 2006ع ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ نامور اڳواڻ نواب اڪبر بگٽيءَ کي سندس حمايتين سميت شھيد ڪيو ويو، ان فوجي آپريشن ۾ ڪيترا بيگناھہ بلوچ مارجي ويا ۽ صوبي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي باھہ ٻري اٿي. ان آپريشن دوران بلوچستان مان ڪيترن نوجوانن ۽ ٻڍن کي ڳجهن ادارن هٿان گم ڪيو ويو. 2007ع ۾ لال مسجد ۽ جامعہ حفظه وارو واقعو پيش آيو، جنهن جو پسمنظر هي هو تہ مولانا عبدالرشيد غازي ۽ سندس ڀاءُ مولانا عبدالعزيز، جيڪي اسلام آباد ۾ واقع جامعہ حفظه ۽ لال مسجد جا مهتمم هئا، تن پنھنجي مسلڪ موجب شرعي نظام لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد سان ان مطالبي لاءِ مظاهرا ڪيا ويا، گاديءَ واري هنڌ ۾ موجود پرڏيهي عورتن ۽ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي اغوا ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان لاءِ برقعا پوش، ڏنڊا بردار شاگردياڻين کي استعمال ڪيو ويو، سندن هٿياربند نوجوانن طرفان ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کي اغوا ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويو. اهو عمل حڪومت لاءِ چئلينج هو، ڇو تہ مدرسي ۾ هٿيارن جي موجودگي ۽ ملندڙ ڌمڪين سبب سموري ملڪ ۾ بيچيني پکڙيل هئي. شروع ۾ حڪومت ۽ ڪن عالمن معرفت ڪجهہ مذاڪرا بہ ڪيا ويا، پر ڪو بہ کڙ تيل نہ نڪتو، پوءِ آرمي آپريشن جو حڪم ڏنو ويو. جڏهن تہ ميڊيا ۽ عوامي حلقن طرفان اهو بہ ٻڌايو ويو تہ مدرسي ۾ هٿياربندن کان سواءِ معصوم ٻار ۽ ڪيترائي بي گناھہ بہ اندر موجود هئا. ٽن ڏينهن تائين لال مسجد فوج جي گهيري ۾ رهي، جهڙپن ۾ ڪجهہ فوجي آفيسر ۽ سپاهي بہ مارجي ويا، پر پوءِ جديد هٿيارن سان لال مسجد تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ حڪومتي انگ موجب سوا سؤ کن انتهاپسند مارجي ويا، جڏهن تہ ان آپريشن سان مسجد کي بہ شديد نقصان پهتو ۽ چيو وڃي ٿو تہ ڪيترا معصوم شاگرد بہ مارجي ويا. مولانا عبدالرشيد غازي بہ مارجي ويو. جڏهن تہ مولانا عبدالعزيز برقعو پائي فرار ٿيڻ دوران گرفتار ٿيو. پرويز مشرف پنھنجي حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هڪ ريفرنس ذريعي عهدي تان برطرف ڪيو، جنهن تي ڪيترائي مهينا وڪيلن ۽ ججن جي تحريڪ هلي، ڪيترن شهرن ۾ وڳوڙ بہ ٿيا. ان وچ ۾ جنرل پرويز مشرف طرفان ملڪ ۾ ايمرجنسي بہ لاڳو ڪئي وئي ۽ نجي ٽي. وي چينل بہ بند ڪيا ويا. عالمي ميڊيا جي تنقيد ۽ عوامي دٻاءَ سبب ڪجهہ عرصي بعد ايمرجنسي ختم ڪئي وئي. جڏهن چونڊن جو اعلان ڪيو ويو تہ محترمہ بينظير ڀٽو ۽ ميان نوازشريف ڏيھہ واپس آيا. محترمہ بينظير ڀٽو کي اليڪشن مھم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ خطاب ڪرڻ بعد شھيد ڪيو ويو، ان کان اڳ سندس آجيان واري قافلي تي 8 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 150 ماڻهو شھيد ٿيا. محترمہ جي شهادت ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو هو، اهو سمورو هفتو ملڪ ۾ احتجاج جي سخت باھہ ڀڙڪي اٿي، عوامي رد عمل ۾ سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي بي حد نقصان رسيو. بعد ۾ 2008ع جي اليڪشن ٿي ۽ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊجي آئي، حڪومتي اتحاد ۾ نوازليگ ۽ اي. اين. پي سميت ايم. ڪيو. ايم بہ شامل رهي، جنهن بعد پرويز مشرف خلاف اتحاد پيدا ٿيو ۽ مجبور ٿي پرويز مشرف کي آگسٽ 2008ع ۾ استعيفيٰ ڏيڻي پئي. اڄڪلھہ هو پرڏيھہ ۾ ترسيل آهي، جڏهن تہ بينظير قتل ڪيس ۾ کيس ان سازش ۾ شامل سمجهي، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ ڪڍيا ويا آهن. ان کان سواءِ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نواب اڪبر بگٽيءَ جي قتل سان گڏ ڪجهہ ٻيا ڪيس بہ مٿس داخل ڪيا ويا آهن. هن وقت ليگي ساٿين جي مدد سان ”آل پاڪستان مسلم ليگ“ نالي پارٽي جوڙي سياست ۾ ٻيهر اچڻ جو اعلان ڪيو ھو . پرويز مشرف 05 فيبروري 2023ع تي ڊگهي بيماري کانپوءِ دبئي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ پرويز مشرفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.08.11  عيسوي

پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف، 11 آگسٽ 1943ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فيض جوکيو
پيرل سومرو
خليل مورياڻي
سيد ظفر علي شاھہ
رئيس امام بخش
محمد ايوب ساند
چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
شازيه عطا مري
رحمون فقير
صديقي غلام عمر مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون