
پريانڪا چوپڙا
پريانڪا چوپڙا: ڀارت ڄائي اڳوڻي مس ورلڊ ۽ بالي ووڊ جي ڏيهان ڏيھہ مشھور اداڪارہ پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ 1982ع تي ڀارتي ضلعي جمشيدپور جي جهارکنڊ شھر ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر اشوڪ چوپڙا ۽ ماءُ جو نالو مڌو چوپڙا آهي، جيڪي پيشي جي لحاظ کان ٻئي ڊاڪٽر آهن. پريانڪا پنھنجي ابتدائي تعليم لکنوءَ جي لا مارٽينري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب هوءَ نيوٽن سائوٿ هاءِ اسڪول، جان ايف ڪينيڊي هاءِ اسڪول ۾ پڙهي. هن ’جئہ هند ڪاليج ممبئيءَ‘ ۾ گريجوئيشن دوران (2000ع) مس ورلڊ جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ ’مس ورلڊ‘ جو اعزاز بہ کٽيو.
هن پنھنجي فلمي ڪيريئر جو آغاز 2002ع ۾ تامل فلم ٿاميزن ۾ پريا نالي هيروئن جي ڪردار سان ڪيو. 2003ع ۾ هن بالي ووڊ جي هندي فلمن ۾ پير پاتو ۽ هن انيل شرما جي فلم ’لَو اسٽوري آف اَ اسپاءِ‘ ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ريت هن جون ڪيل فلمون ڪامياب ٿيڻ لڳيون ۽ پريانڪا بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪامياب اداڪارہ طور اڀري آئي. هن جي ڪيل فلمن ۾ ’هيرو‘، ’انداز‘، ’پلان‘، ’قسمت‘، ’مجهہ سي شـادي ڪـرو گِي‘، ’اعتـراض‘، ’بليـڪ ميل‘، ’ڪرم‘، ’وقت‘، ’يقين‘، ’برسات‘،’بلف ماسٽر‘، ’ٽيڪسي نمبر 9211‘، ’36 چـائنـا ٽائون‘، ’ڪرش‘، ’آپ ڪِي خاطر‘،’سلام عشق‘، ’گاڊ تُسي گريٽ هو‘، ’ڊرونا‘، ’بلو‘، ’ڪميني‘، ’پيار امپاسيبل‘ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪيو آهي. کيس ڪيترائي اوارڊ بہ مليا آهن. هوءَ ممبئيءَ ۾ رهي ٿي.
1982.07.18 عيسوي
مشهور اداڪاره پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ 1982ع تي ڀارتي ضلعي جمشيدپور جي جهارکنڊ شهر ۾ جنم ورتو.