پَرِيشان خٽڪ: پشتو زبان جي مشھور ليکڪ پريشان خٽڪ جو اصل نالو محمد غم جان هو. هن 10 ڊسمبر 1932ع ۾ ڳوٺ مير خان خيل، ضلعي ڪرڪ ۾ جنم ورتو. ايم. اي (تاريخ) ۽ ايم. اي (پشتو) ڪيائين. سندس واسطو تدريس جي شعبي سان رهيو. پاڻ گومل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بہ رهيو. ان کان سواءِ 1966ع ۾ کيس اڪادمي ادبيات، اسلام آباد جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هو سٺو شاعر، ڊرامانگار ۽ تنقيدنگار هو، جڏهن تہ تحقيق جي ميدان ۾ ڪافي ڪم ڪيائين. سٺو منتظم بہ رهيو. سندس تصنيفن ۾: (1) ’تڙاڪي‘ (پشتو شاعري)، (2) ’اٽوٽ لساني رابطي‘ (نثر)، (3) ’پشتو شعراء و ادباء کي فهرست‘ (نثر)، (4) ’درنه پشتو‘ (نثر)، (5) ’ايڪ دور‘ (نثر)، (6) ’خوشحال نامہ‘ (ديوان خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ جو اٺن جلدن ۾، اردو زبان ۾ ترجمو)، (7) ’روه ملالي سترگي‘، (8) ’پشتو ڪون‘ (10) ’ديوان خواجہ محمد بنگش‘ (ترتيب)، (11) ’جديد پشتو شاعري‘ وغيرہ شامل آهن. کيس حڪومت پاڪستان طرفان ستارہ امتياز جو تمغو مليل آهي. ان کان سواءِ کيس رائيٽر گلڊ اوارڊ، شاھہ لطيف اوارڊ، اباسين آرٽ ڪائونسل اوارڊ ۽ همدرد اوارڊ، وغيرہ مليل آهن. هن پشتو ۽ سنڌيءَ بابت ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن بابت بہ لکيو آهي. هن پشاور ۾ 21 مارچ 2009ع تي وفات ڪئي.
1932.09.10 عيسوي
پشتو زبان جي مشهور ليکڪ پريشان خٽڪ جو اصل نالو محمد غم جان هو. هن 10 ڊسمبر 1932ع ۾ ڳوٺ مير خان خيل، ضلعي ڪرڪ ۾ جنم ورتو.
2009.03.21 عيسوي
پريشان خٽڪ21 مارچ 2009ع تي وفات ڪئي.