پريٽي زنٽا

پريٽي زنٽا

پريٽي زنٽا

پريٽي زنٽا: بالي ووڊ جي مشھور اداڪارہ پريٽي زنٽا، هڪ هندو راجپوت خاندان ۾ 31 جنوري 1975ع تي ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ڳوٺ روهري، ضلعي شملا ۾ جنم ورتو. سندس والد درگا تند زنٽا هندستاني فوج ۾ ملازم هو، جيڪو هڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن کي پاڻ کان وڏو هڪ ڀاءُ ديپنڪار ۽ هڪ ننڍو ڀاءُ منيش بہ آهن. ديپنڪار هن وقت هندستاني فوج ۾ ڪميشن آفيسر آهي، جڏهن تہ منيش ڪيليفورنيا ۾ رهي ٿو. پريٽي زنٽا، ڪانونٽ آف جيوسس ۽ ميري اسڪول شملا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪافي عرصو ميري اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي. اتي هن ادب کي پنهنجو مشغلو بڻايو ۽ شيڪسپيئر کي تمام گهڻو پڙهيو. هن نفسيات ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ جرمياتي نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري ورتائين. پر پوءِ هن ماڊلنگ کي پنهنجو مشغلو بڻايو.
هوءَ پهريان چاڪليٽ جي هڪ اشتهار ۾ 1996ع ڌاري اسڪرين تي آئي. پوءِ کيس ماني رستم جي فلم ”دل سي“ لاءِ چونڊيو. ترت ئي هن کي ڪندن شاھہ جي فلم ”ڪيا ڪهنا“ ۾ ڪردار مليو، جيڪا پوءِ دير سان سال 2000ع ۾ رليز ٿي. ان کانپوءِ سندس فلم ”سولجر“ تمام گهڻو ڪامياب وئي، جنهن ۾ بوبي ديول هيري جو رول ادا ڪيو هو. هنن ٻنهي فلمن تي کيس فلم فيئر اوارڊ مليا. هن جون پوءِ جون ٻہ مشھور تيلگو فلمون ’پريمانتي اديرا‘ (Premanti Idera) 1998ع ۾ ۽ ٻي ’راجا ڪمرو دو‘ (Raja Kamarudu) 1999ع ۾ ٺهيون. ان کان پوءِ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ”ڪيا ڪهنا“، ”مشن ڪشمير“، دل چاهتا هي“، ”چوري چوري چپڪي چپڪي“، ”دل هي تمهارا“، ”دي هيرو“، ”ڪوئي مل گيا“، ”ڪل هو نہ هو“، ”وير زارا“، ”سلام نمستي“، ”کلم کلا پيار ڪرين“ وغيرہ شامل آهن.
پريٽي زنٽا وقت جي سمورن وڏن اداڪارن ۽ اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ عامر خان، شاھہ رخ خان، سلمان خان، هرتيڪ روشن ۽ ٻيا شامل آهن. هوءَ ليکڪا بہ آهي. هن بي.بي.سي نيوز لائين ۽ سائوٿ ايشيا ڪمينٽيٽرس ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. اسڪرين کانسواءِ اسٽيج تي بہ بھترين پرفارمر رهي آهي ۽ ڪيترن ئي فلاحي پروگرامن ۾ بہ حصو وٺندي رهي ٿي. ڪرڪيٽ هن جي پسنديدہ راند آهي. انڊين پريميئر ليگ (IPL) ۾ سندس پنھنجي فرنچائيز آهي. کيس ڪيترين ئي فلمن تي اوارڊ بہ مليا آهن. هوءَ هن وقت بمبئيءَ ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.01.31  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره پريٽي زنٽا، هڪ هندو راجپوت خاندان ۾ 31 جنوري 1975ع تي ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ڳوٺ روهري، ضلعي شملا ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيمور لنگ
نواب احمد خان لغاري
آچاريه ڀڳوان ديو
سيد علي اڪبر شاھہ
حسن ناصر
رشيد عطري
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
شيخ محمد حاجن پروفيسر
باک پيرزادو
جينت ريلواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون