نامياري شاعره پشپا ولڀ

نامياري شاعره پشپا ولڀ

پشپا ولڀ

پـشـپا ولـڀ: سنڌي ٻوليءَ جـي خـوبصـورت شـاعـره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ۽ سنڌيڪار ولي رام ولڀ جي گهر، مٺيءَ ۾ 15 جنوري 1963ع تي جنم ورتو. نذرٿ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد نوابشاھہ ميڊيڪل ڪاليج مان 1986ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيائين. بعد ۾ هن مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ايم. فل ڪئي. جڏهن تہ جينيٽڪس ميڊيسن ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ پيٿالاجيءَ جي سينيئر ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڏھہ سـال خـدمت ڪـرڻ کان پـوءِ هاڻي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر (مائيڪرو بايولاجي) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. 1988ع جي ڊسمبر ۾ سندس شادي قلمڪار/ نثري نظم جي شاعر ڊاڪٽر مرلي لال ڇاٻڙيا سان ٿي، جيڪو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ڪراچيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ روزاني ’عوامي آواز‘ جو پندره روزہ ’هيلٿ ميگزين‘ صفحو سهيڙي ٿو. پشپا ولڀ لکڻ جي شروعات ٻارهن ورهين کان ڪئي، جڏهن تہ ڇپجڻ جو سلسلو ڪاليج واري دؤرکان شروع ٿيس. نذرت ڪاليج پاران نڪرندڙ ادبي رسالي جي ايڊيٽنگ کان پوءِ، نوابشاھہ ميڊيڪل ڪاليج پاران نڪرندڙ رسالو ’مارئيءَ‘ بہ ايڊٽ ڪيائين ۽ ڪجهه وقت ’عوامي آواز‘ جي ادبي صفحي ’تخليق‘ ۾ بہ وقت ڏنائين. نثري نظم جي حوالي سان سندس شمار هڪ منفرد شاعرہ جي حيثيت ۾ ٿئي ٿـو. اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ نظم لکيا اٿس، جيڪي ’آرسي‘ (سنڌي)، ٽِماهي ’مهراڻ‘ (سنڌي)، ’پرھہ ڦٽي‘ (سنڌي)، ’مـاه نؤ‘ (اردو)، ’جفاڪش‘ (اردو)، ’ڪونجبمبئي ۽ ٻين ڪيترن مخزنن ۾ شايع ٿيا آهن.
1985ع ۾ ساهـت چتـر پبلشــرز پاران سندس شـاعـريءَ جو مجمـوعـو ’دريءَ کان ٻاهر‘ شايع ٿيو. تازو سندس ٻيو مجموعو ’بند اکين ۾ آسمان‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


لفظ پشپا ولڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو