پليجو مخدوم يعقوب

پليجو، مخدوم يعقوب: مخدوم يعقوب پليجو وقت جو عارف، ستيا پرڳڻي جي ٽاري ڳوٺ (موجوده ٽنڊي ڊويزن) جو رهاڪو هو. هي بيحد سخي ۽ صاحب ڪرامت بزرگ هو، تحفة الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ڪنهن سائل اچي مخدوم يعقوب کان سوال ڪيو، مخدوم ان سائل کي چيو ته وڃي جهنگ مان منهنجي غلام کان مينهن وٺي اچ، سائل غلام کي اچي پيغام ڏنو، غلام ٻڌي کيس اهڙي مينهن ڏني‘ جيڪا هر روز ڇهه ڪاسا کير ڏيندي هئي، مخدوم يعقوب اها ڳالهه ٻڌي غلام کي چيو ته جنهن صورت ۾ منهنجي پڇا کانسواءِ تو الله جي نالي بهترين مينهن ڏني آهي، انهيءَ ڪري آئون به توکي الله جي راهه ۾ آزاد ٿو ڪريان ۽ مخدوم يعقوب اها ڳالهه وڃي پنهنجي گهرواريءَ سان ڪئي، هن اهو سڀ ڪجهه ٻڌي چيو ته جڏهن تو ههڙي احسان جي بدلي ۾ غلام کي آزاد ڪيو آهي، تڏهن منهنجا به جيڪي اوهان جي مٿان شرعي حق آهن، اهي سڀ به معاف ڪيم.“ روايت مشهور آهي ته هڪ هندو پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ خاطر مائٽن کان اڌ خرار (10 مڻ) ساريون وٺي ڍڳي تي ڳوٺ نيو پئي آيو، اتفاقاً جڏهن درياهه تان لنگهيو ته بار هجڻ ڪري ڍڳو سارين سميت وڃي درياهه ۾ ڪريو ۽ گم ٿي ويو، ان وقت مخدوم يعقوب پڻ اچي اتان لنگهيو ۽ هندوءَ کي ڍڳي ۽ سارين جي ٻڏي وڃڻ جي غم ۾ بيقرار ڏسي چيائينس ته وڃ، وڃي فلاڻي جاءِ کان ٽُٻي هڻ، اتي توکي هڪ ڪچهري ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪو ماڻهو توکي سڀ کان وڌيڪ ڪچهريءَ ۾ رئيس ڏسڻ ۾ اچي، تنهن کي منهنجا سلام چئجانءِ ۽ پوءِ جيڪي گهرندين سو توکي ملي ويندو. مخدوم يعقوب جي حڪم موجب هندو ٽٻي هنئين ته کيس سڪل ميدان ڏسڻ ۾ آيو، هندو اڳتي وڃي ان ڪچهري ۾ تخت تي ويٺل بزرگ هستيءَ کي مخدوم يعقوب جا سلام پهچايا، ان بزرگ پنهنجي خدمتگارن کي چيو ته مون توهان کي چيو ڪو نه ٿي ته اجهو ٿو يعقوب وٽان ڍڳي ۽ اَن جي گهرڻ لاءِ ماڻهو اچي. بس پوءِ ڍڳو اَن سميت هندوءَ جي حوالي ڪيائون ۽ هن پاڻ کي اوچتو ئي اوچتو ڪناري تي بيٺل ڏٺو. مشهور آهي ته اهو هندو انهيءَ اناج جي ذريعي وڏي هلندي پڄنديءَ وارو ٿي پيو ۽ هميشه لاءِ اهو مخدوم يعقوب جو خادم ٿي ويو“. مخدوم يعقوب مرزا شاهه حسن ارغون (902هه/1496ع ) جو همعصر هو ۽ نائين صدي هجريءَ جي ولين مان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو