پليجو مخدوم يعقوب

پليجو، مخدوم يعقوب: مخدوم يعقوب پليجو وقت جو عارف، ستيا پرڳڻي جي ٽاري ڳوٺ (موجودہ ٽنڊي ڊويزن) جو رهاڪو هو. هي بيحد سخي ۽ صاحب ڪرامت بزرگ هو، تحفة الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ڪنهن سائل اچي مخدوم يعقوب کان سوال ڪيو، مخدوم ان سائل کي چيو تہ وڃي جهنگ مان منهنجي غلام کان مينهن وٺي اچ، سائل غلام کي اچي پيغام ڏنو، غلام ٻڌي کيس اهڙي مينهن ڏني‘ جيڪا هر روز ڇھہ ڪاسا کير ڏيندي هئي، مخدوم يعقوب اها ڳالھہ ٻڌي غلام کي چيو تہ جنهن صورت ۾ منهنجي پڇا کانسواءِ تو جي نالي بھترين مينهن ڏني آهي، انهيءَ ڪري آئون بہ توکي جي راھہ ۾ آزاد ٿو ڪريان ۽ مخدوم يعقوب اها ڳالھہ وڃي پنھنجي گهرواريءَ سان ڪئي، هن اهو سڀ ڪجهہ ٻڌي چيو تہ جڏهن تو ھہڙي احسان جي بدلي ۾ غلام کي آزاد ڪيو آهي، تڏهن منهنجا بہ جيڪي اوهان جي مٿان شرعي حق آهن، اهي سڀ بہ معاف ڪيم.“ روايت مشھور آهي تہ هڪ هندو پنھنجي نياڻيءَ جي شاديءَ خاطر مائٽن کان اڌ خرار (10 مڻ) ساريون وٺي ڍڳي تي ڳوٺ نيو پئي آيو، اتفاقاً جڏهن درياھہ تان لنگهيو تہ بار هجڻ ڪري ڍڳو سارين سميت وڃي درياھہ ۾ ڪريو ۽ گم ٿي ويو، ان وقت مخدوم يعقوب پڻ اچي اتان لنگهيو ۽ هندوءَ کي ڍڳي ۽ سارين جي ٻڏي وڃڻ جي غم ۾ بيقرار ڏسي چيائينس تہ وڃ، وڃي فلاڻي جاءِ کان ٽُٻي هڻ، اتي توکي هڪ ڪچهري ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪو ماڻهو توکي سڀ کان وڌيڪ ڪچهريءَ ۾ رئيس ڏسڻ ۾ اچي، تنهن کي منهنجا سلام چئجانءِ ۽ پوءِ جيڪي گهرندين سو توکي ملي ويندو. مخدوم يعقوب جي حڪم موجب هندو ٽٻي هنئين تہ کيس سڪل ميدان ڏسڻ ۾ آيو، هندو اڳتي وڃي ان ڪچهري ۾ تخت تي ويٺل بزرگ هستيءَ کي مخدوم يعقوب جا سلام پهچايا، ان بزرگ پنھنجي خدمتگارن کي چيو تہ مون توهان کي چيو ڪو نہ ٿي تہ اجهو ٿو يعقوب وٽان ڍڳي ۽ اَن جي گهرڻ لاءِ ماڻهو اچي. بس پوءِ ڍڳو اَن سميت هندوءَ جي حوالي ڪيائون ۽ هن پاڻ کي اوچتو ئي اوچتو ڪناري تي بيٺل ڏٺو. مشھور آهي تہ اهو هندو انهيءَ اناج جي ذريعي وڏي هلندي پڄنديءَ وارو ٿي پيو ۽ هميشہ لاءِ اهو مخدوم يعقوب جو خادم ٿي ويو“. مخدوم يعقوب مرزا شاھہ حسن ارغون (902ھہ/1496ع ) جو همعصر هو ۽ نائين صدي هجريءَ جي ولين مان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو