پليگ/طاعون/مهامري (Plague, Black death): هن بيماريءَ جي تاريخ تمام قديم آهي، هن بيماريءَ جو بيان اسان کي توريت (Hebrews Bible (Turah) ۾ به ملي ٿو. تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته هن بيماريءَ انسانن سان ڪيترا ننڍا توڙي وڏا معرڪا ڪيا آهن، جنهن ۾ هر ڀيري فتح هن ئي بيماريءَ جي ٿي آهي. ماضيءَ ۾ ڪو خوش نصيب مريض هوندو، جيڪو هن بيماريءَ ۾ وٺجي وڃڻ کان پوءِ هن جي چنبي مان آزاد ٿيو هجي، هن بيماريءَ جڏهن به منهن ڪڍيو آهي ته هر ڀيري ڪڏهن هزارن جي تعداد ۾ ڪڏهن ته لکن جي تعداد ۾ انساني جانيون ٻهاري کڻي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن بيماريءَ کي مهامري واري بيماري يعني گهڻا ماڻهو ماريندڙ بيماري به چوندا آهن. ماضيءَ ۾ هيءَ بيماري انسانن ۾ ٻن طريقن سان پکڙي آهي، هر هڪ طريقي جي تاريخ جي حوالي سان روشني وجھجي ٿي.
(1) قدرتي وبا (Natural Epitdemic): حضرت عيسيٰ عليه السّلام جي ولادت کان چار سو ٽيهه (430) سال اڳ ۾ هن بيماريءَ اٿوپيا، لبيا ۽ يونان جي ملڪن ۾ ”طاعون“ جي نالي سان منهن ڪڍيو، هن بيماريءَ يونان جي هڪ شهر اٿينس (Athens)، جيڪو ان وقت يونان جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو، ان جي آدم شماريءَ جو 1/3 حصو متاثر ڪري اجل جو شڪار ڪيائين. ائين عيسوي سن جي شروع ٿيڻ سان جڏهن هيءَ بيماري (طاعون) ٻيهر اٿوپيا، لبيا، يونان، مصر ۽ شام ۾ پکڙي ته انهن ملڪن جي ڳوٺن جا ڳوٺ، شهرن جا شهر، هن بيماريءَ خالي ڪري ڇڏيا ۽ لکن جي تعداد ۾ انساني جانيون ڳڙڪائي وئي.
دنيا جي تاريخ ۾ پليگ جي بيماريءَ جيڪا انسانن سان وڏي ويڌن ڪئي، اها عيسوي سن 541 ۽ 542 دوران قسطنطنيه ۾ ڪئي، جتي ڏهاڙي ڏهن هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا هئا. هي بيماري سڄي ملڪ جي جملي 40 سيڪڙو آبادي ڳڙڪائي وئي، انهيءَ ساڳي عرصي دوران هن بيماريءَ اولهه ميڊيٽرينن وارن ملڪن جي آباديءَ جو حصو موت جي ور چاڙهي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ انساني جانين جو وڌ ۾ وڌ زيان هن بيماريءَ 588ع ڌاري فرانس ۽ وچ يورپ ۾ ڪيو، جتي لڳ ڀڳ هڪ سو ملين ماڻهو هن بيماريءَ جي ور چڙهي ويا. انهيءَ کان پوءِ 561 کان 700ع تائين ڏيڍ صديءَ کان به گهٽ عرصي جي وچ ۾ سڄي يورپ جي اڌ آدمشماري هيءَ بيماري ڳڙڪائي وئي. ويهين صديءَ جي شروع ۾ هن بيماريءَ چين ۾ ستن مهينن اندر 60 هزار ماڻهو موت جي ور چاڙهي ڇڏيا. ائين 1994ع ۾ هندستان جي شهر سورت (Surat) ۾ هن بيماريءَ منهن ڪڍيو ته پاڪستان سميت سڄي هندستان ۾ ٻائيتال مچي ويو هو. جيتوڻيڪ سورت ۾ هن بيماريءَ جي وگهي اڃا 70 يا 80 کن ماڻهو مئا هئا، پر هن بيماريءَ جي هندستان ۽ سڄي دنيا جي موت جي پراڻي تاريخ جي ڊپ کان سورت جو ٽن لکن جي آباديءَ وارو شهر ڏسندي ڏسندي سڄو خالي ٿي ويو، ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي هندستان جي ٻين شهرن ۾ ٽڙ پکڙ ٿي ويا.
(2) پليگ هڪ ڪيميائي هٿيار (Plague as biological weapons): تاريخ ۾ پليگ جي بيماريءَ کي جنگين ۾ ڪيميائي هٿيار طور ڪتب آندو ويو آهي. جنهن جي به هڪ پراڻي ۽ ڊگهي تاريخ آهي. ماضيءَ ۾ گهڻن طريقن سان پليگ جي بيماري هٿرادو طريقي سان مخالفن جي فوج ۾ پکيڙڻ جو طريقيڪار شروع ۾ هيئن هو ته پليگ ۾ مري ويل جانورن جو ڍونڍ (Carcasses) دشمن فوج جي پيئڻ واري پاڻيءَ (رسد واري پاڻيءَ) ۾ اڇلائي پاڻيءَ کي زهريلو بڻايو ويندو هو، جنهن زهريلي پاڻي پيئڻ سان مخالف ڌر جا فوجي يا ته مري ويندا هئا يا انهن ۾ پليگ جي بيماري پکڙجي ويندي هئي، نتيجي ۾ ڪيترا فوجي پليگ جي بيماريءَ ۾ مري ويندا هئا. هن قسم جي تجربي جي شروعات اسان کي تاريخ ۾ قديم چين ۾ ملي ٿي. هان (Han) گهراڻي جو فوجي جنرل هو قوبنگ (Hou Qubing) زئائينگنو گهراڻي (Xiongnu Dynasty) وارن سان جنگ دوران اهڙو روڳي (زهريلو) پاڻي پيئڻ کان پوءِ مري ويو هو، جنهن پاڻيءَ کي زئائينگو گهراڻي وارن پليگ ۾ ورتل جانور جي ڍونڍ کي پاڻيءَ ۾ اڇلائي روڳي (زهريلو) بڻايو هو. ماضيءَ ۾ هن قسم جو طريقو اسان کي زئائينگنو، تاتاري منگول ۽ ترڪش قومن ۾ عام ملي ٿو، جيڪي جنگين دوران پنهنجي مخالفن جي فوجي رسد واري پاڻيءَ ۾ ڍونڍ اڇلائي پيئڻ جي پاڻيءَ کي زهريلو بڻائيندا هئا.
ڪيميائي هٿيارن طور هيءَ بيماري ماضيءَ ۾ دنيا جي تاريخ ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو ممڻ مچايو ۽ موت بڻجي رڪارڊ راتاها هنيا، اها آهي يورپ ۽ ان جي ڀرپاسي واري سر زمين. 1347ع ڌاري ڪاري سمنڊ (Black Sea) جي ڪرائمين (Crimean) نالي اپٻيٽ ۾ ڪافا (Caffa) نالي وڏو واپاري مرڪز هيو، جتي جنيوا جي واپارين جو قبضو هو، جنيوا جا واپاري هتي پنهنجي ڪٽنبن سميت رهندا هئا. هن اپٻيٽ جي واپاري مرڪز تي منگولن جي ڪمانڊر جاني بيگ محاصرو ڪيو، جيڪو محاصرو گهڻي عرصي تائين هليو. انهيءَ محاصري دوران منگولن جي فوج ۾ نمونيا واري پليگ (Pneumonic Plague) جي بيماري اچي پئي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ منگولن جا فوجي مري ويا. منگولن فوجي حڪمت عمليءَ تحت فيصلو ڪيو ته پليگ جي بيماريءَ ۾ مئل فوجي لاشن کي جيڪي سڙي ڍونڍ بڻجي ويا هئا، تن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري کانڀاڻين جي ذريعي ڪافا جي شهر ۾ اڇلائجن ۽ منگولن ائين ئي ڪيو، پنهنجي مئل فوجين جي لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري کانڀاڻين جي ذريعي ڪافا تي اڇلايا، اها نازڪ صورتحال ڏسي جنيوا جا واپاري پليگ جي بيماريءَ جي ڊپ کان 1347ع جي اونهاري جي آخر ۾ تڙ تڪڙ ۾ ٻارهن ٻيڙن ۾ سوار ٿي ڏکڻ يورپ (اٽليءَ) جي طرف وٺي ڀڳا، انهيءَ ڀاڄ دوران ماڻهن سان گڏ ڪجهه روڳي ڪئا ۽ پسو جيڪي اڳي ئي ٻيڙن ۾ لڪل هئا، اهي به سفر ۾ هليا آيا، تنهن کانسواءِ ڪجهه ٻيڙا قافلي مان ٽڙ پکڙ به ٿي ويا. 1347ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪجهه ٻيڙا جڏهن مسينا (Messina) جي واپاري بندرگاهه تي پهتا ته روڳي بيماريءَ جي پکڙجڻ جي ڊپ کان مسينا جي آفيسرن ٻيڙن ۾ سوار جنيوا جي واپارين کي ٻيڙن کان هيٺ لهڻ نه ڏنو ۽ ٻيڙا ٻه ڏينهن بندرگاهه تي بند لڳا پيا هئا، پر مسينا جا آفيسر روڳي ڪئن ۽ پِسن تي ڪو به ظابطو آڻي نه سگهيا، اهي روڳي ڪئا ۽ پِسو مسينا جي شهري آباديءَ ۾ پکڙجي ويا، نتيجي ۾ هتي نمونيا واري پليگ پکڙي ته مسينا جي اڌ آبادي اجل جو شڪار بڻجي وئي.
1347ع جـي آخــر ۾ پليگ متاثر ماڻهن جا ڀريل ٻيڙا جڏهن مسينا کان اٽليءَ پهتا ته اٽليءَ ۾ به اها بيماري پکڙي، جنهن ۾ هڪ اندازي موجب اٽليءَ جي اڌ آبادي اجل جو شڪار ٿي وئي. 1347ع ۾ ڪـجهـه پـوئـتـي رهـيـل ٻـيــڙا فرانس پهتا، جتي وڌ ۾ وڌ هيءَ بيـمــاري پئـرس (Paris) ۾ پکڙي، جتان پوءِ ڏکڻ جرمنيءَ ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي، جتي هن بيماريءَ سڄي يورپ جي آبادين جون آباديــون ماري چٽ ڪري ڇڏيـون، اهـو ئي سبـب آهي جو يورپ جي تاريخ ۾ هن بيمـاريءَ کي مهامري (Great dying disease) جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي. اڄ به يورپ وارا اينٿراڪس (ٻلهاڙي: Anthrax) جي بيماريءَ کان ايترو ڪو نه ڊڄندا آهن، جيترو پليگ جي بيماريءَ کان ڊڄندا آهن. 1348ع ۾ سڄي يورپ جي آدمشماري 4 ڪروڙ هئي، جنهن مان اڍائي ڪروڙ ماڻهو هن بيماريءَ ماري ڇڏيا.
1348ع جي ڊسمبر ۾ هيءَ بيماري يورپ جي ملڪن کان پوءِ برطانيا ڏي رخ ڪيو، جتي پهريائين اتر لنڊن ۾ پکڙي پوءِ سڄي انگلينڊ ۾ پکڙجي وئي، چيو وڃي ٿو ته ان وقت سڄي انگلينڊ جي آدمشماري 04 لک (4 ملين) هئي، جيڪا اڍائي سالن ۾ سڄي آدم شماريءَ جو ٽيون 1/3 حصو هن بيماريءَ ڪري موت جي ور چڙهي ويو.
هينئر به دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي پليگ جي بيماري موجود آهي، جيئن مڊگاسڪر، تنزانيا، برازيل، برما، پيرو ۽ ويٽ نام وغيره، پر هيءَ بيماري هاڻي وبائي صورت ۾ ڪانهي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي ضرور ٿئي ٿي. هن بيماريءَ جي وبائي صورت اختيار نه ڪرڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته ميڊيڪل سائنس جي گهڻن شعبن ۾ هاڻي اهڙيون دوائون ۽ ويڪسين (سُيون) موجود آهن، جيڪي هن بيماريءَ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ به احتياطي اپائن طور ڪتب اچن ٿيون ۽ بيماري گهٽ ٿئي ٿي، پر جتي ٿئي ٿي ته مريض بيماريءَ مان چڙهي وڃي ٿو.
(الف) بيماريءَ جي ٿيڻ جا سبب (Aetiology): پليگ جي بيماري تمام تڪڙي پکڙجندڙ (Epidemic) ۽ گهڻي وچڙندڙ بيماري آهي، هيءَ بيماري يرسينا نالي جيوڙي (Yersinia Pestis) (جنهن جيوڙي جو ٻيو نالو پاسٽيوريلا جيوڙو (Pasteverella Pestis) آهي) جي ڪري ٿيندي آهي ۽ پکڙبي به آهي، يعني پليگ جي بيماريءَ جي ٿيڻ جو ڪارڻ يرسينيا پاسٽيوريلا جيوڙو آهي. بنيادي طرح هي جيوڙو ڪوئي جي هڪ قسم، جنهن کي (Rodent) چئبو آهي، (جيڪو ڪُئو رنگ جو بلڪل ڪارو ٿيندو آهي) کي پليگ ڪري وجهندو آهي، هي جيوڙو ڪوئي ۾ ٽن طريقن سان پليگ جو روڳ پيدا ڪندو آهي، هڪ ته هوا جي ذريعي اڏامي ڪوئي جي جسم ۾ داخل ٿي ڪوئي ۾ پليگ جي بيماري پيدا ڪري وجهندو آهي، ٻيو ذريعو هي آهي ته خود پليگ جو جيوڙو ڪوئي کي چڪ هڻي پليگ ڪري وجهندو آهي، ٽيون جيڪو وڏي ۾ وڏو ذريعو (سبب) آهي، اهو آهي ته پسو (ڪارڙو) جيت (Flea: جنهن جيت کي جيتن جي علم ۾ Xenopsylla cheopis چئبو آهي) ڪوئي کي چڪ هڻي ڪوئي ۾ پليگ جو جيوڙو داخل ڪري ڪوئي کي روڳي ڪري وجهندو آهي، نه رڳو ايترو پر پسو، پليگ جا جيوڙا هڪ ڪوئي کان ٻئي ڪوئي تائين پهچائي صحتمند ڪوئي کي به روڳي ڪري وجهندو آهي. هاڻي جڏهن روڳي ڪوئو پليگ وگهي مري ويندو آهي ته مئل ڪوئي مان پليگ جا جيوڙا انسانن تائين ٻن طريقن سان انساني جسم ۾ داخل ٿي پليگ جي بيماري ڪري وجهن ٿا، هڪ ته هوا جي ذريعي اڏامي (Aerosols) ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ دوران پليگ جو جيوڙو ماڻهن جي جسم (ڦڦڙن) ۾ داخل ٿي پليگ جي بيماري ڪري وجهي ٿو، ٻيو ذريعو پسو (ڪارڙو) (Flea) آهي، جيڪو مئل ڪوئي مان پليگ جو جيوڙو ماڻهن جي جسم ۾ داخل ڪري پليگ جو روڳ ڪري وجهندو آهي. روڳي پسو پهريائين جهنگلي ڪوئي تي حملو ڪري انهيءَ ڪوئي ۾ پليگ جي بيماري ڪري وجهندو آهي ۽ جهنگلي ڪوئن ۾ پليگ جي بيماري پکيڙيندو آهي، جتان پوءِ پليگ جي بيماري انسانن ۾ پکيڙيندو آهي، ائين چئجي ته پليگ جي بيماري پهريائين جهنگلي ڪوئن ۾ ٿئي ٿي، پوءِ گهريلو ڪوئن ۾ ٿئي ٿي، آخر ۾ انسانن ۾ پکڙجي ٿي.
(ب) پليگ جي بيماريءَ جا قسم (Types of Plague):
(1) نمونيا واري پليگ (Pneumonic Plague)
(2) غدودن (ڳنڍن/ڳوڙهن) واري پليگ (Bubonic Plague)
(3) روڳي (زهريلي) رت واري پليگ (Septiceamic Plague)
(1) نمونيا واري پليگ (Pneumonic Plague): هن قسم جي پليگ، سڀني قسمن جي پليگن مان گهڻي ٿئي ٿي ۽ گهڻي خطرناڪ به ٿئي ٿي. هن قسم جي پليگ مان ورلي ڪو مريض بچندو آهي. هن قسم جي پليگ ۾، پليگ جو جيوڙو، يرسينيا، صحتمند ماڻهن جي ڦڦڙن ۾ ٽن مختلف طريقن سان داخل ٿئي ٿو، پليگ جا جيوڙا نڪري هوا جي ذريعي (Aerosols) صحتمند ماڻهن جي ساهه کڻڻ دوران ڦڦڙن ۾ داخل ٿي صحتمند ماڻهن کي هن قسم جي پليگ ڪري وجهندا آهن. ٻيو پليگ جي روڳ ۾ اڳي ئي ورتل مريض جي کانگهاري (Sputum) مان اڏامي هوا جي ذريعي صحتمند ماڻهن جي ساهه کڻڻ دوران ڦڦڙن ۾ داخل ٿي هن قسم جي پليگ ڪري وجهندا آهن. ٽيون پليگ جي مريض سان آمهون سامهون ڳالهائڻ تي مريض جي وات مان نڪتل جيوڙا يا مريض جي ٿڪ يا گگ جي ڦڙن (Droplets) مان هي جيوڙا نڪري صحتمند ماڻهن جي ساهه کڻڻ دوران ڦڦڙن تائين پهچي هن قسم جي پليگ جي بيماري ڪري وجهندا آهن.
بيماريءَ جون علامتون (Clinical Symptoms): مريضن کي مٿي ۾ سُور پوڻ سان گڏ اوچتي کنگهه ٿيندي آهي، ان کان پوءِ مريض کي ساهه ۾ بي حد تنگي ٿيندي آهي، مريض جو ساهه گهٽبو آهي، کانگهاري ۾ پهريائين رت جا ذرڙا ايندا آهن، پوءِ مرض جڏهن اڳتي وڌندو آهي ته تمام گهڻو، هر هر رت جي ٽڪرن ۾ ڀريل، گج سان کانگهارو ايندو آهي، آخر ۾ رت جون الٽيون اينديون آهن، جنهن سان گڏ مريض سڄو نيرو ٿي ويندو آهي، مٿي جي سور وڌڻ سان گڏ مريض تمام گهڻو ملول ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن مـريـض جو ٿـڏي تي تـرت عـلاج نـه ٿيـو تـه بنـا ديـر جي مـوت جـي ور چڙهي ويندو آهي.
(2) غدودن (ڳوڙهن) واري پليگ (Bubonic Plague): ‘Bubo’ يوناني (Greek) ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سڄيل غدود يا غدودن جي سوڄ (Swollen Glands) روڳي پسو جي چڪ پائڻ ڪري ماڻهن جي جسم جي ڪنهن هڪ لعابي جوڙ (ڳنڍ) (Lymphatic Node) جي چو طرف وارن اوڄن (Tissues) ۾ سوڄ ٿيڻ ڪري هن قسم جي پليگ ٿي پوندي آهي. روڳي پسوءَ جي چڪ پائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ پسند واريون جايون نري (Groin) ۽ بغل (Axilla/Armip) وارا لعابي جوڙ (ڳنڍيون) آهن. (نري واري اها جاءِ جتي ڳنر ٿي پوندي آهي) انهيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي پسوءَ جي چڪ پائڻ واريون جايون ڪنڌ وارو ڪو به پاسو (جتان لعابي سرشتي (Lymphatic System) جو مکيه لنگهه آهي ۽ گوڏي جي پاسي وارو حصو جنهن کي ‘Poptitea’ چئبو آهي، انهن عضون مان جنهن به عضوي ۾ پسو چڪ هڻندو ته ان عضوي جا لعابي غدود (Lymphatic Gland) سڄي پوندا آهن ۽ چڪ واري جاءِ تي ڪجهه ڏينهن ۾ ڦٽ ٿي پوندو آهي، جيڪو ڦٽ اڳتي هلي سنيوارجي (Septic) خراب ٿي پوندو آهي. روڳي پسو چڪ هڻڻ سان ئي پليگ جو جيوڙو يرسينا (پاسٽيوريلا) ماڻهن جي لعابي ڳوڙهيءَ جي اوڄن ۾ اماڻي ڇڏيندو آهي، جتي هي جيوڙو واڌ ويجهه ڪري بيماري پيدا ڪندو آهي. جيتوڻيڪ انساني جسم ۾ زهريلن جيوڙن کي ناس ڪندڙ (ڳڙڪائيندڙ) نظام (Phagocytosed) موجود آهي، پر هي جيوڙو ايترو ته خطرناڪ آهي، جو مرندو ناهي. هي جيوڙو هڪڙو ڀيرو انساني جسم جي عضوي جي ڪنهن به اوڄي ۾ داخل ٿيو ته هر صورت ۾ مريض جي لعابي نظام (Imune Systerm) (مکيه نظام) ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جتي پليگ جو جيوڙو ڪيترن قسمن جا زهر، مريض جي لعابي نظام ۾ ڳاڙيندو آهي، جن سڀني زهرن مان هڪ خطرناڪ قسم جو زهر ’ ‘Beta-adrenergic blockade به آهي. هي زهر اينٿراڪس جي زهر کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، تنهنڪري هن قسم جي پليگ کي ‘Black Death’ جي نالي سان ڪوٺيندا آهن.
يرسينا جو جيوڙو مريض جي لعابي نظام (Lymphatic System) ۾ تيستائين پکڙجندو رهندو آهي، جيستائين وڃي لعابي ڳنڍ (ڳوڙهي) (Lymphatic Node) تائين پهچي، جيڪو هنڌ هن جيوڙي جو اصل نشان هوندو آهي. لعابي ڳنڍ ۾ پهچڻ کانپوءِ هتي هي جيوڙو زبردست قسم جو ساڙو (باهه) ڪري وجهندو آهي، آخر ۾ ڳوڙهي ۾ ڦٽ ٿي پوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي سينوارجي (Septic) خراب ٿي پوندو آهي. هن قسم جي پليگ تمام گهٽ هڪ مريض کان ٻئي مريض کي ٿيندي آهي.
(الف) بيماريءَ جي اوسر جو عرصو (Incubation Period): پسوءَ جي نري، بغل، ڪنڌ، يا گوڏي جي پاسي واري لعابي ڳوڙهي (ڳنڍن) (Lymphatic Node) ۾ چڪ پائڻ کانپوءِ ٽن کان ڇهن ڏينهن اندر انهيءَ جاءِ تي تمام گهڻو سور ٿيندو آهي ۽ لعابي ڳوڙهي سُڄي وڌي وڏي ٿي بيدي يا ڪڏهن ڪڏهن نارنگيءَ جيترو وڏو ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، انهيءَ سور واري جاءِ ۽ سڄيل هنڌ کي (Buboes) يعني سڄيل غدود چئبو آهي، جنهن کي غدودن (ڳوڙهن) واري پليگ چئجي ٿو. ياد رهي ته پسوءَ جي چڪ پائڻ سان جيڪو وڏي ۾ وڏو ڳوڙهو ٺهندو آهي، اهو ڪڇ ۾ ٺهندو آهي، جيڪو ٻين هنڌن تي نڪرڻ واري ڳوڙهن کان وڌيڪ سخت هوندو آهي، جڏهن ته وڏو ڦٽ وري نري واري ڳوڙهي ۾ ٺهندو آهي.
(ب) بيماريءَ جون علامتون (Clinical Symptoms): پسوءَ جي چڪ پائڻ ڪري پليگ جو جيوڙو ماڻهن جي لعابي ڳوڙهي (ڳنڍ) کي روڳي ڪري وجهندو آهي، اها روڳي ڳوڙهي جلدي سڄي ڳوڙهو ٿي ويندي آهي، جنهن ڳوڙهي ۾ سور، ساڙو (باهه) تمام گهڻي هوندي آهي. مريض جو سڄو جسم ڪنهن به وقت اوچتو سخت (Rigor) ٿي ويندو آهي، مريض کي تيز بخار ٿيندو آهي، چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ مٿي ۾ گهڻو سور پوندو آهي، مريض جو رت زهريلو ٿي ويندو آهي، جنهن سان گڏ نبض تڪڙي هلندي آهي، دل وڌي ويندي (Hypertrophy of Heart) آهي. مريض ذهني طرح گهڻو پريشان ٿي ويندو آهي، ڪي مريض وڦلندا به آهن ۽ انهن کي دماغي دورا به پوندا آهن. ٻين سڀني علامتن سان گڏ مريض جي تري وڌيل (Splenomegaly) هوندي آهي، يعني هيانچو به ٿي پوندو آهي، جيڪڏهن مريض جو ترت علاج نه ٿيو ته مريض هن بيماريءَ ۾ تڪڙو مري ويندو آهي.
(3) روڳي (زهريلي) رت واري پليگ (Septiceamic Plague): پسوءَ جي چڪ پائڻ سان يا روڳي ڪوئي جي چڪ هڻڻ سان پليگ جا جيوڙا يرسينيا (پارسٽيوريلا) ماڻهن جي بلغمي سرشتي جي ذريعي يا رت جي وهڪري (ناڙين) جي ذريعي بدن جي ڪنهن نه ڪنهن عضوي تائين پهچي ويندا آهن ۽ جنهن به عضوي تائين پهچندا آهن، انهيءَ عضوي کي پليگ جي بيماريءَ جو روڳي ڪري ڇڏيندا آهن. هن قسم جي پليگ ۾ مريض جو رت زهريلو ٿي ويندو آهي ۽ اهو زهريلو رت مريض جي جسم جي سڄي رت جي تنتي سرشتي (Nerve System) ۾ پکڙجي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مريض جي سڄي رت ۾ رت جا ذرڙا (Clots) ٿي پوندا آهن، جن رت جي ذرڙن جي ڪري جسم ۾ رت جي رسد واري نظام ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي، تنهن کانسواءِ رت جي قدرتي ڄمڻ واري خاصيت (Blood Clotting) ۾ به بگاڙو ٿي پوندو آهي. سڄي جسم جو رت زهريلو ٿي وڃڻ ڪري مريض تڪڙو تڪڙو موت ڏي وڌندو آهي. هن قسم جي پليگ ۾ مريض انهيءَ ساڳي ڏينهن تي اجل جو شڪار ٿيندو آهي، جنهن ڏينهن پليگ جي بيماريءَ جون علامتون مريض ۾ ظاهر ٿينديون آهن.
(الف) بيماريءَ جي اوسر جو عرصو (Incubation Period): بيماري جي اوسر جو عرصو جيوڙن جي تعداد ۽ مريض جي بيماريءَ سان مهاڏي اٽڪائڻ واري قدرتي سگهه (Vital Force) تي مدار رکي ٿو. جيڪڏهن بيماريءَ جا جيوڙا تعداد ۾ گهڻا آهن ۽ مريض جي بيماريءَ سان مهاڏي اٽڪائڻ واري قدرتي سگهه ڪمزور آهي ته بيماري جي اوسر 3 کان 4 ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن بيماريءَ جا جيوڙا ٿورا آهن ۽ بيماريءَ سان مهاڏي اٽڪائڻ واري قدرتي سگهه طاقتور آهي ته پوءِ ان صورت ۾ بيماري جي اوسر هڪ هفتي ۾ ٿي سگهي ٿي. پليگ جي بيماريءَ جو جيوڙو هڪ ڀيرو ماڻهن جي جسم ۾ داخل ٿيو ته دير يا سوير پليگ جي بيماري ضرور ڪري وجهندو آهي.
(ب) بيماريءَ جون علامتون (Clinical Symptoms): جيئن ته ڄاڻايل آهي ته هن قسم جي پليگ ۾ رت جي ڄمڻ جي قدرتي خاصيت (Blood Clotting) ۾ بگاڙ ٿيڻ ڪري مريض جي رت جي وهڪري ۽ سرشتي تي ضابطو نه ٿو رهي، تنهنڪري رت جي اوڄن مان چمڙيءَ جي هيٺان ۽ ٻين عضون مان اندروني طور رت رِسندو رهندو آهي، انهيءَ ڪري چمڙيءَ تي ڪارا ۽ ڳاڙها وڏا ڊٻڙ ٿي بيهندا آهن ۽ مريض جي ٿڪ ۽ کانگهاري ۾ رت ايندو آهي. مرض وڌي جڏهن نازڪ حالت ۾ داخل ٿيندو آهي ته مريض کي واتان رت جون الٽيون اينديون آهن ۽ چمڙيءَ تي ڳاڙهي رنگ جا وڏا ڳوڙها (Bumps) ٺهي بيهندا آهن، ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن زهريلي جيت جي چڪ هڻڻ ڪري هي وڏا ڳوڙها ٿي پيا هجن.
سنڌ جي نامور اديب پرمانند ميوارام 1896ع ڌاري حيدرآباد ۾ آيل پليگ جو احوال پنهنجي ڪتاب ’گل ڦل‘ ۾ هيئن ڏنو آهي:
”اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ هيءَ آفت هن شهر تي نازل ٿي هئي. اٽڪل ٽيهه هزار آدمشماري هئي. روز ڏيڍ سؤ ماڻهو هن بيماريءَ جي ور چڙهندا هئا. ڀائيبند ۽ مسلمان گهڻا لڏي ويا. پر عامل رهيا پيا هئا ۽ ڪريا ڪرم لاءِ ڪي ٻانڀڻ ڇڏي ويا، جن کي ”ٿاني“ (آسٿاني) ڪري سڏڻ لڳا، جنهن جي اَنس اڄ تائين آهي. لاسن کي پهريائين ساڙيندا هئا، پر آخر ايترو موت ٿيڻ لڳو جو بيل گاڏين ۾ کڻائي نالي جي هڪ ٻه ڪاٺي ڏيئي سرن درياهه تي ڪيائون. اميد شافي گهٽي ۾ هڪڙي ڏينهن هڪ ڄڻو، يارنهن ڄڻن جي پورائيءَ لاءِ بيٺو هو. صفائي ڪانه هوندي هين. ٻُهن جا ڍڳ، جي کُڏن ساڻ وڃي لڳندا هئا، تن جو پنجين- ڇهين مهيني نيڪال ٿيندو هو.“
حيدرآباد منجهه 1897ع ۾ جڏهن اهو مرض پيو تڏهن واءِ ويلا لڳي وئي هئي. سرڪار جي ڏاڍي سختي هوندي هئي. ماڻهن اصل کڻي بيت ٺاهيا:
’ڪُئي مُئي جو ڪيس ڪيائون ڄڻ ته مُئو سردار!‘
رڳو ڪنهن گهر ۾ ڪُئو ٿي مئو، يا ڪنهن کي مهامري ٿي ٿِي ته پائوڊر ڇٽجي، ۽ فنائل جا ڦوهارا لڳي ويندا هئا، ڪپڙا ساڙيا ويندا هئا، بلڪ ڇتين کي پٽائي هوا لاءِ سوراخ ڪيا ويندا هئا، ۽ ماڻهن کي ٻارين ٻچي لانڍين ۾ هڻندا هئا، ته متان ٻين ۾ نه مرض وچڙي وڃي.