معمور يوسفاڻي
پلي ’معمور‘ يوسفاڻي: نامور اديب ’معمور يوسفاڻيءَ‘ جو پورو نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي هو. هو ادب جي دنيا ۾ ’معمور يوسفاڻيءَ‘ جي نالي سان مشهور آهي. هن جو جنم، 28 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پليءَ کان حاصل ڪيائين. ان بعد ايم. اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور ڪيائين. ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردوءَ جا امتحان به امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. هو پرائمري استاد، سيڪنڊري استاد (HST)، ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ رهيو. ان کان سواءِ مدرسه دارالعلوم اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پليءَ (عمرڪوٽ) ۾ سنڌي شعبي جو اعزازي پروفيسر ۽ انچارج به رهيو. معمور يوسفاڻي، هڪ عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو.
معمور يوسفاڻي، صرف ونحو، جفر ۽ نجوم جي علمن کان سواءِ علم موسيقيءَ جو به ماهر هو. پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان مولود پڙهيائين. سنڌي نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن تي لکيائين. هن جا خاص موضوع لطيفيات، لوڪ ادب، تاريخ، گرامر، شاعري ۽ شخصيات رهيا آهن. معمور يوسفاڻيءَ لوڪ ادب اسڪيم هيٺ تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي.
هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي هڪ سگهڙ طور پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ان کان سواءِ ڪافي مشاعرن ۾ به حصو ورتائين. معمور يوسفاڻي ڪامياب ڊبيٽر هو ۽ ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪردار ادا ڪيائين.
سنڌ جي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو ميمبر، بنيادي ميمبر ۽ عهديدار رهيو. پنهنجي دور جي ڪيترين ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪيترا مشاعرا منعقد ڪرايائين. سنڌ ۾ هن وقت سندس دوستن ۽ شاگردن جو وڏو حلقو موجود آهي، جيڪي هر سال ’لطيف نگر‘ (عمرڪوٽ) ۾ سندس ياد ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪندا رهندا آهن.
معمور يوسفـاڻي پنهنجي دور جو صاحبِ ديـوان ۽ استاد شاعـر هـو. في البديـهه شاعـريءَ تي کيـس ملڪـو حاصل هو. هـو نـامـور محـقـق به هـو. سندس تحقيقي مضمون سنڌي ادب ۾ اهم مقام والارين ٿا. خاص ڪري شـاهه عبـداللطيف جي رسـالـي، آثـار قـديـمه ۽ سـنـڌي ادب جـي تـاريـخ تـي سندس ’محرڪات‘ گهڻو مقبول ٿيا، جن تحقيق جا نوان گوشا متعارف ڪرايا. معمور يوسفاڻي، شاهه عبداللطيف جو رسالو به ترتيب ڏنو ۽ شاهه جي رسالي جو گرامر به لکيو، جيڪي ٻئي مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن.
معمور يوسفاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 14 آهي ۽ 30 کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل مسودا موجود آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
(1) آڏي ڍال مَ ڍار (شـاعـري)، (2) پکـن منجهـه پـسـاه (شـاعـري)، (3) ستا اُٿي جاڳ (شاعري)، (4) ڏاهر (مثنوي)، (5) مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات (ترجمو)، (6) پکن منجهه پساهه (شاعري: ٻيو ۽ وڌايل ڇاپو)، (7) ست سورهيه ڏهه ڏاتار (تحقيقي مقالا)، (8) لطيف جا ٿر تان ڀيرا (لطيفيات)، (9) ڍوليو ڍٽ ڌڻي (لطيفيات)، (10) سنڌ ۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ (نثر)، (11) ڀٽائي جو مطالعو (لطيفيات)، (12) ڪائو ڪمايوم (تحقيقي مقالا)، (13) مهراڻي جا مور (عمرڪوٽ جي ادبي تاريخ)، (14) مهراڻي جو مير (راضي شاهه لڪياريءَ جي سوانح ڪلام).
جڏهن ته سندس ڪتاب ’ديوان معمور (شاعري)، ’ٿر جو مطالعو‘ (تحقيقي مقالا) ۽ ’شاهه لطيف جي رسالي جو گرامر‘، ٽي ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن.
معمور يوسفاڻيءَ وٽ هڪ ضخيم لائبرري کان سواءِ هڪ ننڍو ميوزيم به هو، جنهن ۾ ڪيتريون نادر ۽ ناياب تاريخي شيون موجود آهن. معمور صاحب جي وفات 24 ڊسمبر 1993ع تي لطيف نگر (لڳ عمرڪوٽ) ۾ ٿي. معمور صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند حزب الله ’ڪمال‘ پليءَ کي پڳ ٻڌرائي وئي. سندس سڄو علمي سرمايو حزب الله پليءَ وٽ محفوظ آهي.
1929.01.28 عيسوي
معمور يوسفاڻي جو جنم، 28 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو.
1993.12.24 عيسوي
معمور يوسفاڻي جي وفات 24 ڊسمبر 1993ع تي لطيف نگر (لڳ عمرڪوٽ) ۾ ٿي.