
معمور يوسفاڻي
پلي ’معمور‘ يوسفاڻي: نامور اديب ’معمور يوسفاڻيءَ‘ جو پورو نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي هو. هو ادب جي دنيا ۾ ’معمور يوسفاڻيءَ‘ جي نالي سان مشھور آهي. هن جو جنم، 28 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنھنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پليءَ کان حاصل ڪيائين. ان بعد ايم. اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور ڪيائين. ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردوءَ جا امتحان بہ امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. هو پرائمري استاد، سيڪنڊري استاد (HST)، ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ رهيو. ان کان سواءِ مدرسہ دارالعلوم اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پليءَ (عمرڪوٽ) ۾ سنڌي شعبي جو اعزازي پروفيسر ۽ انچارج بہ رهيو. معمور يوسفاڻي، هڪ عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر بہ رهيو.
معمور يوسفاڻي، صرف ونحو، جفر ۽ نجوم جي علمن کان سواءِ علم موسيقيءَ جو بہ ماهر هو. پنھنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان مولود پڙهيائين. سنڌي نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن تي لکيائين. هن جا خاص موضوع لطيفيات، لوڪ ادب، تاريخ، گرامر، شاعري ۽ شخصيات رهيا آهن. معمور يوسفاڻيءَ لوڪ ادب اسڪيم هيٺ تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي.
هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي هڪ سگهڙ طور پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ان کان سواءِ ڪافي مشاعرن ۾ بہ حصو ورتائين. معمور يوسفاڻي ڪامياب ڊبيٽر هو ۽ ڪجهہ اسٽيج ڊرامن ۾ بہ ڪردار ادا ڪيائين.
سنڌ جي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو ميمبر، بنيادي ميمبر ۽ عهديدار رهيو. پنھنجي دور جي ڪيترين ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڪيترا مشاعرا منعقد ڪرايائين. سنڌ ۾ هن وقت سندس دوستن ۽ شاگردن جو وڏو حلقو موجود آهي، جيڪي هر سال ’لطيف نگر‘ (عمرڪوٽ) ۾ سندس ياد ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪندا رهندا آهن.
معمور يوسفـاڻي پنھنجي دور جو صاحبِ ديـوان ۽ استاد شاعـر هـو. في البديـھہ شاعـريءَ تي کيـس ملڪـو حاصل هو. هـو نـامـور محـقـق بہ هـو. سندس تحقيقي مضمون سنڌي ادب ۾ اهم مقام والارين ٿا. خاص ڪري شـاھہ عبـداللطيف جي رسـالـي، آثـار قـديـمه ۽ سـنـڌي ادب جـي تـاريـخ تـي سندس ’محرڪات‘ گهڻو مقبول ٿيا، جن تحقيق جا نوان گوشا متعارف ڪرايا. معمور يوسفاڻي، شاھہ عبداللطيف جو رسالو بہ ترتيب ڏنو ۽ شاھہ جي رسالي جو گرامر بہ لکيو، جيڪي ٻئي مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن.
معمور يوسفاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 14 آهي ۽ 30 کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل مسودا موجود آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
(1) آڏي ڍال مَ ڍار (شـاعـري)، (2) پکـن منجهـه پـسـاه (شـاعـري)، (3) ستا اُٿي جاڳ (شاعري)، (4) ڏاهر (مثنوي)، (5) مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات (ترجمو)، (6) پکن منجهہ پساھہ (شاعري: ٻيو ۽ وڌايل ڇاپو)، (7) ست سورهيه ڏھہ ڏاتار (تحقيقي مقالا)، (8) لطيف جا ٿر تان ڀيرا (لطيفيات)، (9) ڍوليو ڍٽ ڌڻي (لطيفيات)، (10) سنڌ ۾ شاھہ ولي ﷲ جا همعصر بزرگ (نثر)، (11) ڀٽائي جو مطالعو (لطيفيات)، (12) ڪائو ڪمايوم (تحقيقي مقالا)، (13) مهراڻي جا مور (عمرڪوٽ جي ادبي تاريخ)، (14) مهراڻي جو مير (راضي شاھہ لڪياريءَ جي سوانح ڪلام).
جڏهن تہ سندس ڪتاب ’ديوان معمور (شاعري)، ’ٿر جو مطالعو‘ (تحقيقي مقالا) ۽ ’شاھہ لطيف جي رسالي جو گرامر‘، ٽي ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن.
معمور يوسفاڻيءَ وٽ هڪ ضخيم لائبرري کان سواءِ هڪ ننڍو ميوزيم بہ هو، جنهن ۾ ڪيتريون نادر ۽ ناياب تاريخي شيون موجود آهن. معمور صاحب جي وفات 24 ڊسمبر 1993ع تي لطيف نگر (لڳ عمرڪوٽ) ۾ ٿي. معمور صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند حزب ﷲ ’ڪمال‘ پليءَ کي پڳ ٻڌرائي وئي. سندس سڄو علمي سرمايو حزب ﷲ پليءَ وٽ محفوظ آهي.
1929.01.28 عيسوي
معمور يوسفاڻي جو جنم، 28 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو.
1993.12.24 عيسوي
معمور يوسفاڻي جي وفات 24 ڊسمبر 1993ع تي لطيف نگر (لڳ عمرڪوٽ) ۾ ٿي.