پلي وڏيرو محمد سگهو

پلي، وڏيرو محمد سَگهو: وڏيرو محمد سگهو پلي، ولد محمد قاسم پلي، ’شادي پليءَ‘ جو رهواسي هو. پنھنجي دور جو همت وارو ۽ مشھور شخص هو. سندس ڏاڏو محمد انس پلي، پنھنجي جوانن جو جٿو وٺي، دٻي (ديھہ ناريجاڻي) واري جنگ ۾ شيرِ سنڌ، مير شير محمد ٽالپر جي لشڪر ۾ انگريز فوج سان وڙهيو هو. وڏيرو محمد سگهو پلي، پهرين مولانا محمد عثمان قِرانيءَ وٽ ’پروڙ‘ ۾ پڙهيو ۽ پوءِ پٿوري واري زمينداري اسڪول ۽ ان بعد سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. اتي سندس دوستي قائداعظم محمد علي جناح سان ٿي.
قائداعظم محمد علي جناح ’آبو مائونٽ‘ تي وڏيري محمد سگهي پليءَ وٽ سندس گيسٽ هائوس تي مهمان ٿي بہ رهيو هو. اهو گيسٽ هائوس، وڏيرو محمد سگهو هميشہ پنھنجي لاءِ 12 مهينا بوڪ رکندو هو. هن جناح صاحب جي اپيل تي مسلم ليگ لاءِ ڪيترا ڀيرا وڏي رقم چندي ۾ بہ ڏني. جناح صاحب جي چوڻ تي گنبٽ جي هڪ شاھہ صاحب سان گڏ هن مخدوم سجاد حسين قريشي، ملتان واري کي مسلم ليگ ۾ شموليت لاءِ آمادہ ڪيو. سندس خطن جو هڪ وڏو تعداد نامور اديب معمور يوسفاڻيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. وڏيري محمد سگهي پليءَ جي چوڻ تي جناح صاحب هڪ دفعي شادي پلي بہ آيو ۽ سندس ناشتي جو بندوبست ريلوي اسٽيشن شادي پليءَ تي ڪيو ويو.
وڏيري محمد سگهي پليءَ، 30 ڊسمبر 1950ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو