پنجاهه غزل ڪتاب

پنجاهه غزل ڪتاب

پنجاھہ غزل

پنجاھہ غزل (ڪتاب): هند ۽ سنڌ جي نامور شاعر ايم. ڪمل جي 50 غزلن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪمل ڪتاب گهر، الهاس نگر پاران ڊسمبر 1983ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو پبلشر ايم. ايم. بندراڻي آهي، جنهن پبلشر نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ”ادب ۽ تخليق، زندہ قوم جي نشاني آهي، ٻولي ۽ تھذيب جي وجود کي خطرو محسوس ڪندي، اسان کي ادب جي ميدان کان جنگ وڙهڻي پوندي.“ ايم ڪمل ’پنھنجي پاران‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”مان نٿو ڄاڻان تہ منهنجي عمر گهڻا ڪتاب آهي. منهنجي زندگي ۽ منهنجو موت، انهن ۾ ئي ڦلجندو آهي ۽ ڦلجندو رهي ٿو ۽ ڦهلجندو رهندو.“ ۽ شاعريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو هي اهم شاعر لکي ٿو: ”محبت جيان شاعري ڪبي ناهي، ٿي ويندي آهي.“ ڊيمي سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويھہ روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو