پنج تن: ”پنجتن“ مان مراد حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم، حضرت علي عليہ السلام، حضرت بيبي فاطمة الزهريٰ سلام ﷲ عليها، حضرت امام حسن عليہ السلام ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جا پنج پاڪ نالا آهن. مسلمان مختلف حاجتن ۽ دعائن ۾ پنجتن پاڪ جي وسيلي سان ﷲ جي درگاھہ ۾ دعا گهرندا آهن. اسلامي ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم کي ﷲ تعاليٰ طرفان پاڪ چادر ۾ اچڻ جو حڪم ٿيو تہ ان چادر ۾ حضور صلعم کان پوءِ ترتيبوار حضرت عليعه، حضرت امام حسن عليہ السلام ، حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ بيبي فاطمہ عليہ السلام داخل ٿيا. جڏهن هي پنجئي هڪ چادر ۾ گڏ ٿيا، تہ حضرت جبرئيل پنجن ئي هستين جي شان ۾ ﷲ پاڪ جي آية پاڪ ”اِنَّمَايُرِيۡدُ اللُه لِيُذۡهِبَّ عَنۡڪُمُ الرِّجۡسَ اَهَلَ الۡبَيۡتِ وَيُطَهّرڪُمۡ تَطۡهِيۡرَا“ پڙهي ٻڌائي. اسلامي تاريخ ۾ پنجتن پاڪ جو وسيلو اتان ئي قائم ٿيل بيان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ جڏهن عيسائين حضرت محمد صلعم سان مناظرو ڪيو تہ پاڻ سڳورا صلي ﷲ عليہ وسلم پاڻ سان گڏ حضرت عليعه ، بيبي سيده فاطمه عليہ السلام ، حضرت امام حسن عليہ السلام ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام کي وٺي ويا، جنهن ۾ اسلام کي فتح حاصل ٿي. حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي مشھور حديث ”حديثِ ڪساء“، جنهن جا راوِي، بيبي فاطمه عليہ السلام ۽ مشھور اصحابي حضرت جابر بن عبدالله رضي ﷲ عنه آهن، تنهن ۾ پنجن تنن جو ذڪر ڪيل آهي.