پنچائت

پنچائت: هند توڙي سنڌ ۾ هيءُ هڪ مڪمل سماجي نظام قائم هو، جنهن جي قاعدن تي اڃا به ڪن برادرين جهڙوڪ: ”ڀيلن، ميگهواڙن، ڪولهين، گَوارين، جوڳين، ولهارن“ وغيره ۾ عمل ٿئي ٿو. سندن برادرين جا پٽيل يا چڱا مڙس برادريءَ ۾ ڏيتي ليتي، ڦڏي فساد کان وٺي ننڍي وڏي مسئلي جو فيصلو ڪندا آهن. پنچائت جي گڏجاڻي اڪثر ڪري شادي ڪاڄ واري ڇني يا ڪنهن جي مانيءَ تي ٿيندي آهي. اتي ئي فيصلو ٿيندو ۽ اتي ئي نبيرو ٿيندو آهي. هر فيصلو پنچائت جي طئه ڪيل اصولن مطابق ٿيندو آهي. انهيءَ فيصلي ۾ ٻي ڪنهن به ذات جي ماڻهوءَ کي ويهڻ به نه ڏنو ويندو آهي. برادريءَ جا اندروني فيصلا سموري برادريءَ جي روبرو ٿيندا ۽ قبول ڪيا ويندا آهن ۽ انهيءَ فيصلي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ويندي. اڳرائي ڪندڙ لاءِ ڀت ۽ هٿ بند ڪيا ويندا آهن. ساڻن ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي نه ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به برادري سان ڪو مسئلو يا ڦڏو فساد ٿيندو آهي ته برادريءَ جا چار چڱا ساڻس ڳالهائيندا آهن ۽ پوءِ اهو پنچائت اڳيان آڻي فيصلو ڪيو ويندو آهي. هي هڪ مڪمل شراڪتي، ضابطن، قانونن ۽ آئين وارو نظام آهي، پر هاڻي اهو نظام اڪثر برادرين ۾ ناهي رهيو. ڏکڻ سنڌ ۽ وچولي کي ڇڏي، اتر سنڌ ۾ جيڪو جرڳي يا ڪٺ ڪوٺائڻ وارو سرشتو آهي، جنهن کي سرداري نظام چئون ٿا، اهو هن نظام جي بگڙيل شڪل چئي سگهجي ٿو، جرڳي ۾ سردار فيصلو ڪندو آهي، پر پنچائت ۾ نج شراڪتي بنياد تي فيصلا ٿيندا هئا. پنچائت ۾ ڪو به سردار ڪو نه ٿئي، راڄن جا چڱا مڙس ئي گڏجي فيصلا ڪندا آهن. انهيءَ ڪري طاقت اڪيلي ماڻهوءَ وٽ نه هئي. پنچائت جي ڪري ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ ڪمزور نه سمجهندو هو. اڀرا سڀرا هوندي به سڀ برابر هئا. پنچائت جا فائدا ۽ قانون سڀني لاءِ ساڳيا هئا. انهن جي پٺيان پـنچـائت جي طـاقـت هـئي، مهـاتما گانڌيءَ انگريز دؤر ۾ ”پنچائت سسٽم“ کي زور وٺايو هو.


لفظ پنچائتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو