پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر: ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو مشھور گائڪ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر، شڪارپور سنڌ جي هانڊن ۾ هر سال ايندو هو. سندس ڳائڻ جو انداز نرالو هو ۽ سندس آواز ۾ مڌرتا هئي، ان ڪري حاضرين محفل کي تمام گهڻو پسند هوندو هو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس گلي ۾ قدرتي ميٺاڄ هو. 13 ورهين جي ڄمار ۾ هندستان جي مشھور گائڪ ”وشنو ڊگمبر“ جو شاگرد ٿيو ۽ ان وٽ 9 سال سنگيت جي سکيا ورتائين. جون 1922ع ۾ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر نيپال جي راجا وٽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪافي شھرت حاصل ڪيائين. ڪجهہ وقت خان صاحب عبدالڪريم خان جو بہ شاگرد ٿي رهيو. اٽليءَ جي حڪمران مسولينيءَ آڏو بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. 1955ع ۾ کيس ڀارت سرڪار پاران ملڪ جو وڏي ۾ وڏي خطاب ”پدم شري“ مليو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.


لفظ پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.06.26  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو.


1967.12.28  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خوشي ڪي مٽائي
بخشو ۽ صادق علي
گجڻ اوڏ
ساهڙ فقير خاصخيلي
خالد حسين پتافي
ضامن علي
ٻارٽ
سوڍل فقير لغاري
فرزانہ پروين
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون