پنڊت وجئه لڪشمي

پنڊت وجئه لڪشمي

پنڊت وجئه لڪشمي

پنڊت وجئه لڪشمي (Pandit, Vijaya Lakshmi): وجئه لڪشميءَ جو جنم 18 آگسٽ 1900ع تي هندستان جي نهرو خاندان ۾ پنڊت موتي لال نهروءَ جي گهر ۾ ٿيو. هوءَ هندستان جي نامور سياستان پنڊت جواهرلال نهروءَ جي ڀيڻ هئي. 1921ع ۾ هُن رنجيت سيتارام پنڊت سان شادي ڪئي، جيڪو 14 جنوري 1944ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. هوءَ پهرين هندستاني عورت هئي، جيڪا ڪئبنيٽ جي ميمبر رهي. 1937ع ۾ کيس اُتر پرديش جي صوبائي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. هن مڪاني خودمختيار حڪومت ۽ عام صحت واري وزارت جو قلمدان سنڀاليو. هن 1939ع تائين پبلڪ هيلٿ جي وزارت سنڀالي 1946ع ۾ کيس يو پيءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ چونڊيو ويو. 1947ع ۾ انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوءِ هوءَ 1947ع کان 1949ع تائين، 1949ع کان 1951ع تائين سوويت يونين ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ ميڪسيڪو ۾ ۽ 1955ع کان 1961ع تائين آئرلينڊ ۾ سفارتڪار جون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. (انهن سالن دوران هوءَ هندستان پاران اقوام متحدہ ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر بہ رهي)، 1958ع کان 1961ع تائين اسپين جي سفير رهي. 1946ع ۽ 1968ع جي وچ ۾ هوءَ اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ جي پهرين عورت صدر بہ رهي. هندستان ۾ هوءَ 1962ع کان 1964ع تائين مهاراشٽر صوبي جي گورنر رهي. ان کان پوءِ هوءَ 1964ع کان 1968ع تائين لوڪ سڀا جي ميمبر رهي. اندرا گانڌي جي 1966ع ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ وجيه لڪشمي سندس سخت نقاد رهي ۽ سخت اختلافن سبب آخرڪار رٽائر ٿي وئي ۽ باقي ڏهاڙا ديرادون ماٿريءَ ۾ گذاريائين. سندس ڪتابن ۾ (1) The Evolution of India (1958) ۽ (2) The Scope of Happiness: A Peronal Memoir (1979) شامل آهن.
وجئه لڪشمي جو ديهانت ديراندون (ڀارت) ۾ 1 ڊسمبر 1990ع تي ٿيو. سندس ڌيءَ نئن تارا سهگل، مشھور ناول نگار آهي ۽ سندس ڏوهٽي گيتا سهگل صحافت جي پيشي سان تعلق رکي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.08.18  عيسوي

وجئه لڪشميءَ جو جنم 18 آگسٽ 1900ع تي هندستان جي نهرو خاندان ۾ پنڊت موتي لال نهروءَ جي گهر ۾ ٿيو.


1990.12.01  عيسوي

وجئه لڪشمي جو ديهانت ديراندون (ڀارت) ۾ 1 ڊسمبر 1990ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان مري حاجي
حافظ شفيع محمد محمدي
شاھہ احمد نوراني
شيخ عبدالواحد علامہ
شمني
رئيس محمد اسحاق خان گبول
زڪيه بيگم
جان پولن
سلا خان ڊومينيق ڊاڪٽر
اشرف علي سمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون