پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ

پهرين عالمي جنگ: پهرين عالمي جنگ، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، 28 جون 1914ع تي شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ يوگوسليوَ قومپرست، آسٽريا ۽ هنگريءَ جي گڏيل سلطنت جي ولي عهد آرچ ڊيوڪ فرانز فررڊينڊ ۽ سندس زال صوفي کي سراجيوو شهر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٻن مهينن اندر آسٽريا، هنگري ۽ جرمنيءَ جون محوري طاقتون هڪ طرف ۽ روس، فرانس، برطانيه ۽ اٽلي جون اتحادي طاقتون ٻئي طرف ٿي، هڪ ٻئي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويون. 11 نومبر 1918ع تي وڙهندڙ ملڪن ۾ جنگبنديءَ جي ٺاهه تي صحيحون ٿيڻ تائين ٻنهي پاسن جا 2 ڪروڙ ماڻهو مارجي چڪا هئا، جن ۾ هڪ لک تيرهن هزار آمريڪي سپاهي به شامل هئا. ان کان سواءِ ٻه ڪروڙ ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. دنيا پهريون ڀيرو ايڏي وڏي پئماني تي ۽ ايڏي وڏي عرصي (1914ع کان 1918ع) تائين جاري رهندڙ عالمي جنگ ۾ خونريزي، جاني ۽ مالي نقصان ڏٺو، جنهن ۾ زهريليون گيسون، نوان نوان هٿيار، بمباريءَ کانسواءِ نئين فوجي ٽئڪنالاجي استعمال ٿي.
جنگ جو پسمنظر ۽ ان جا مُکيه سبب: هن جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي يورپ جي مختلف طاقتن ۾ ڇڪتاڻ تمام گھڻي وڌي چڪي هئي. هڪ طرف فرانس، روس ۽ برطانيه هئا، ته ٻئي طرف جرمني، آسٽريا هنگري ۽ اٽلي هئا. جنگ جي شروع ٿيڻ بعد ترڪي ۽ بلغاريه به جرمنيءَ سان شامل ٿي ويا ۽ بيلجيم، سربيا، يونان، رومانيه، مانٽينگرو، پورچوگال ۽ جاپان اتحادي طاقتن سان شامل ٿي ويا. هي ٻئي ڌريون ‘Balance of Power’ يعني فوجي طاقت جو توازن رکڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هيون، پر ڌرين ۾ امن ۽ صلح کي قائم رکڻ ڏکيو ٿي نظر آيو، جنهن جا هيٺيان سبب هئا:
اهي ٻئي ڌريون آفريڪا، ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجي لاءِ نيون نيون ڪالونيون هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجون بادشاهتون وڌائڻ ۾ رڌل هيون. تڪڙي صنعتي ترقيءَ کانپوءِ فوجي ۽ جنگي سامان جي تياري وڌي ويئي هئي.
ڪيترن قدامت پسند بيٺڪِي ۽ صنعتي طاقتن کي پنهنجن ملڪن ۾ به پنهنجي پڙهيل ڳڙهيل وچولي طبقي، سجاڳ مزدورن ۽ سوشلسٽ/ ڪميونسٽ تنظيمن طرفان سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو ٿي پيو.
علائقائي، اقتصادي، تجارتي ۽ بيٺڪِي مفادن، رقابتن ۽ حسد، گڏيل اعتماد ۽ تعاون کي ختم ڪري ڇڏيو.
سڀني وڏين طاقتن وڏي پئماني تي هٿيار ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا هئا.
جرمنيءَ کي جنگ شروع ڪرڻ جي ان ڪري تڪڙ هئي، جو ان جي خيال ۾ ان کي پنهنجي وڏي دشمن روس کان هٿيارن ۾ برتري حاصل هئي.
جرمنيءَ کي روس ۽ فرانس جي فوجي اتحاد جي ڪري به خطرو هو، ته اها ٻنهي پاسن کان حملن ۾ اچي ويندي. ان ڪري ان فرانس تي وڏو حملو ڪري، ان کي فيصلائتي شڪست ڏيڻ چاهي ٿي، جيئن ان کان پوءِ اهو هڪ طرفو ٿي پوري طاقت سان روس تي حملو ڪري.
28 جون 1914ع تي روس جي اتحادي ملڪ سربيا جي سرزمين تي سراجيو شهر ۾ جرمنيءَ جي اتحادي ملڪ آسٽريا هنگريءَ جي ولي عهد کي سندس زال صوفي سميت هڪ قومپرست جي هٿان قتل ٿيڻ ڪري آسٽريا، هنگريءَ جي سلطنت، جرمنيءَ کان مدد طلب ڪئي ۽ آسٽريا ۽ جرمني گڏجي 28 جون تي سربيا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، روس پنهنجي اتحادي سربيا جي مدد جو اعلان ڪيو ته جرمنيءَ به روس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. فرانس، روس سان فوجي معاهدن سبب جرمنيءَ جي خلاف ميدان ۾ لهي پيو. چند ڏينهن ۾ جرمني، فرانس تي بيلجيم مان لنگهي حملو ڪيو ۽ بيلجيم سان اڳواٽ موجود دفاعي تعاون جي معاهدي تحت برطانيه جرمنيءَ خلاف جنگ ۾ ٽپي پيو ۽ پوءِ جلد يورپ جا ٻيا رهيل ملڪ به جنگ ۾ شامل ٿي ويا.
حقيقت ۾ 1910ع تائين يورپ جا سڀئي ملڪ يا ته جرمني ۽ آسٽريا هنگريءَ جي ڪئمپ ۾ يا وري انگلينڊ، روس ۽ فرانس جي ڪئمپ ۾ شامل ٿي چڪا هئا ۽ هڪٻئي کي ڌمڪيون ۽ چتاءُ ڏيڻ سان گڏ انهن فوجي چرپر ۽ هٿيارن جي تياري شروع ڪري ڏني هئي.
پوري يورپ جي مختلف ملڪن ۽ قومن پاڻ کي مختلف گروهن ۾ ۽ فوجي معاهدن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، هي دفاعي معاهدا انهن جي هڪٻئي کان خوف ۽ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش جي پيش نظر ڪيا ويا هئا. تنهن ڪري جيئن ئي هڪڙي ملڪ تي حملو ٿيو ٿي، ته ٻيا ملڪ به جنگ ۾ شامل ٿيندا ٿي ويا. هنن جنگي معاهدن جي ڪري ئي بعد ۾ آمريڪا، جاپان ۽ اٽلي به اتحادين پاران جنگ ۾ شامل ٿي ويا.
ايشيا ۽ آفريڪا ۾ خام مال جي پيداوار ۽ نيون نيون ڪالونيون حاصل ڪرڻ لاءِ يورپي طاقتن ۾ رقابت اوج تي پهچي چڪي هئي.
جرمني، برطانيه ۽ روس وغيره ۾ وڏي پيئماني تي هٿيارن ۽ فوجن جي تياري، انهن ملڪن جي فوجي سربراهن کي ملڪي پاليسين ۾ مداخلت جو موقعو ڏنو هو. يورپي ملڪن ۾ قومپرستي جو جنون پيدا ٿي چڪو هو ۽ اهي هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب هيون. بوسنيا ۽ هرزيگووينا جو صوبو آسٽريا ۽ هنگريءَ جي گڏيل سلطنت جو حصو هو، پر اتي جي سرب رهاڪن، هن صوبي کي سربيا سان ملائڻ ٿي چاهيو ۽ ان ڪري ئي هڪ سرب قومپرست سربيا جي دوري تي آيل آسٽريا هنگري جي وليعهد تي حملو ڪري، کيس زال سميت قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهو واقعو ئي پهرين عالمي جنگ جي شروع ٿيڻ جو اهم سبب بڻيو.هن پهرين عالمي جنگ ۾ 5 ڪروڙ 90 لک فوجي لاٿا ويا هئا. يورپ ۾ بيشمار دولت هن جنگ دوران کٽل سامان ۽ کاڌي پيتي جي شين جي خريداري لاءِ آمريڪا منتقل ٿي ويئي هئي. ٽئنڪون پهرين ته اتحادين ٺاهيون ۽ استعال ڪيون، پر پوءِ ٻين ملڪن به پنهنجون پنهنجون ٽئڪون ٺاهي جنگ جي ميدان تي آنديون. زهريلي گئس جو جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان استعمال ڪيو ويو. هوائي جهازن کي پهريون ڀيرو هن جنگ ۾ بمباري ۽ ٻين فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
خندقن جي خونريز جنگ: زميني جنگ مختلف محاذن تي سؤ ميلن جي خندقن مان وڙهي ويئي. نئين قسم جي خطرناڪ توپن، مشين گنن ۽ ٽينڪن جنگ جي ميدانن کي لاشن ۽ رت سان ڀري ڇڏيو هو. فرانس تي جرمنيءَ جي حملي بعد انگلينڊ جون فوجون، فرينچ فوج سان گڏجي جرمن فوج سان وڙهي رهيون هيون ۽ هيءَ ويڙهه گھڻو ڪري فرانس جي سرزمين تي ٿيندي رهي. هتي زميني جنگين کي دراصل ”خندقن جي جنگچوڻ کپي، ڇاڪاڻ جو ٻنهي مخالف فوجن پنهنجي اڳيان خندقون کوٽي ڇڏيون هيون، پر پوءِ به ٿوري مقابلي ۽ خونريزيءَ بعد ٻنهي پاسي جي فوجن کي چند وال اڳيا ن ملي سگھندا هئا يا کين پوئتي هٽڻو پوندو هو. خندقن جي هن تباهي ڦهلائيندڙ جنگ ۾ گھڻن محاذن تي سموري عرصي دوران، وڏي خونريزي ٿيندي رهي ۽ هر معرڪي ۾ سوين يا هزارين سپاهي مرندا رهيا. سو، اصل زميني جنگ ته روس ۽ جرمني جي وچ ۾ روس جي سرزمين تي ۽ جرمن، فرينچ ۽ انگلينڊ جي فوجن جي وچ۾ فرانس جي سرزمين تي ٿيندي رهي. پر ٻين محاذن تي به خونريز جنگيون ٿينديون رهيون. جن ۾ انگلينڊ جي فوج گيلپولي ۽ دردانلياس وٽان ترڪيءَ تي حملو ڪيو، پر اهي ترڪن جي خونريز جواب بعد ناڪام ٿي واپس وريون. روس ترڪستان وٽان حملو ڪيو. فلسطين ۽ ميسوپوٽيما ۾ انگريز فوج ترڪيءَ جي فوج سان جنگ وڙهي. جرمن ۽ انگلينڊ جن وٽ سڀ کان وڏيون بحري فوجون ۽ ٻيڙا هئا، تن سمنڊن ۾ به پاڻ ۾ لڙائي ڪئي ۽ هڪٻئي جي تجارتي جهازن کي ٻوڙيو. هن جنگ ۾ روسي فوجن جي حملي آور جرمن فوجن خلاف عوام خراب ڪارڪردگي ۽ ملڪ ۾ خراب اقتصادي حالتن جي ڪري روس ۾ بغاوت ڪري وڌي ۽ ڪميونسٽ ليڊر لينن، 26 نومبر 1917ع تي جرمن سان جنگبنديءَ جو ٺاهه ڪري روس کي جنگ کان الڳ ڪري ورتو ۽ جرمن فوج روس جي محاذ تان واندي ٿي انگلينڊ ۽ فرانس جي فوجن سان وڙهڻ لاءِ مغربي محاذ تي فرانس پهتي. ٻئي طرف آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس جنگ ۾ شامل ٿي ويا. آمريڪا جي 12 لک فوجن جنگ جو فيصلو اڳتي هلي آهستي آهستي انگلينڊ ۽ فرانس جي حق ۾ ڪري ڇڏيو. وڏي تعداد ۾ آمريڪي فوجين يورپ ۾ اچي جرمنيءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انگلينڊ ۽ فرانس کي وڏي پئماني تي اوڌر تي فوجي هٿيار به ڏنا. جرمنيءَ جي فوجن پهرين عالمي جنگ جي شروعاتي وقت ۾ يورپ جي جنگي محاذن تي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون، پر برطانيه، فرانس ۽ روس جي فوجين جلد انهن کي روڪي ڇڏيو ۽ وڌيڪ پيشقدمي نه ڪرڻ ڏني. 1918ع تائين سمورين طاقتن جي پوزيشن خراب ٿي چڪي هئي. آسٽريا هنگريءَ جي سلطنت، روسي انقلاب مان متاثر ٿيڻ سان گڏ مزدورن ۽ عام ماڻهن ۾ بيچيني ۽ بغاوت سبب 1918ع جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ ئي ويهي رهي ۽ جنگ تان دستبردار ٿي وئي. اتحادين جي حملي ۾ جرمنيءَ جي فوج کي فرانس ۽ بيلجيم مان شڪست ڏئي پوئتي هٽايو ويو. جرمن فوج ۽ عوام جي دلشڪستگي ۽ مايوسيءَ سبب جرمني جو بادشاهه قيصر وليم (ٻيو) 9 نومبر تي پنهنجي تخت تان دستبردار ٿي ويو ۽ 11 نومبر تي اتحادين ۽ جرمنيءَ جي وچ۾ جنگبنديءَ جي معاهدي تي صحيحون ٿيون. اهڙي طرح پهرين عالمي جنگ پنهنجي چوٿين سال جي يارهين مهيني جي يارهين تاريخ 11 وڳي بند ٿي. جديد مورخن ۽ تاريخ نويسن هن وڏي جنگ ۽ ان جي تباهه ڪارين لاءِ اتحادي ملڪن کي جوابدار قرار ڏنو آهي. انهن جي خيال ۾ هي عظيم الميو اجايو هو ۽ اتحادي ملڪن جي بهادر سپاهين کي ڪنٽرول ڪري هروڀرو خونريزي ڪرائي وئي. پهرين عالمي جنگ ۾ دنيا جي مڙني جنگين (سواءِ ٻي عالمي جنگ جي) کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. جنگ ۾ شامل ٿيل ملڪن کي جلد فتح حاصل ڪرڻ جو گمان هو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ هي جنگ وڏي تباهيءَ سان پورا چار سال جاري رهي. اتحادي طاقتن سڀني شڪست کاڌل ملڪن سان جنگبنديءَ جا الڳ الڳ ٺاهه ڪيا. جرمني کان فرانس جي ورسائيليس شهر ۾ ‘Treaty of Versailles’ يعني ورسائيليس جي ٺاهه تي صحيحون ورتيون ويون، جيڪو سراسر جرمن قوم ۽ ملڪ جي نقصان ۾ هو. پر شڪست کاڌل جرمنيءَ مجبور ٿي ان تي صحيحون ڪيون. اتحادين حقيقت ۾ جرمنيءَ کان ذليل شرطن تي ٺاهه ڪرائي ۽ ان کان جنگ جا نقصان ڀرائڻ وارا شرط مڃرائي، جرمن قوم جي دلين ۾ ايتري ته نفرت ڀري ڄڻ ته ٻي عالمي جنگ جو بنياد وجھي ڇڏيائون. اتحادين هن جنگ جو ذميوار جرمنيءَ کي قرار ڏنو، پر يورپ کي هن جنگ تباهه ڪري ڇڏيو.
پهرين عالمي جنگ ۾ آمريڪا جو فيصلائتو ڪردار: آمريڪا شروع شروع ۾ پاڻ کي جنگ کان پري رکيو، ڇاڪاڻ جو آمريڪا جو جرمنيءَ سان به وڏو واپار هلندڙ هو ۽ ٻنهي طاقتن ۾ ڪي وڏا اختلاف به نه هئا. 1910ع ۾ آمريڪا جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو يورپ مان لڏي آيل ماڻهن تي مشتمل هو، جن آمريڪا کي هن جنگ ۾ ملوث ٿيڻ کان روڪيو پئي. آمريڪا 1917ع تائين جنگ جي ٻنهي ڌرين کي خوراڪ توڙي ضرورت جون ٻيون عام شيون وڪڻي رهيو هو. هن واپار مان آمريڪا وڏي دولت ڪمائي رهيو هو. يورپ ۾ سامان جي کپت جي ڪري آمريڪي ڪارخانن جي پيداوار تمام گھڻي وڌي ويئي هئي. 19 جنوري 1915ع تي جرمنيءَ اعلان ڪيو ته، اهو پنهنجي تازي خطرناڪ ايجاد يعني آبدوز ذريعي اتحادي ملڪن ۽ فوجن ڏانهن هٿيار توڙي کاڌي خوراڪ کڻي ويندڙ بحري جهازن تي حملا ڪندو. جرمنيءَ جي انهيءَ ڳالهه آمريڪا کي ڪاوڙائي وڌو. آمريڪا جا ڪارخانيدار ڇتا ٿي پيا. انهن پنهنجي حڪومت کي جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو. 8 مارچ 1915ع تي جرمنيءَ جي آبدوزن لوسيٽانيا نالي هڪ وڏي برطانوي بحري جهاز کي غرق ڪري ڇڏيو، جنهن ذريعي آمريڪا مان هٿيار ۽ بارود برطانيه ڏانهن وڃي رهيا هئا. هن جهاز جي غرق ٿيڻ سان جهاز ۾ سوار 100 کان وڌيڪ آمريڪي عملي سميت سوين ٻيا مسافر مارجي ويا. جرمنيءَ هن واقعي بعد ٽي ٻيا به آمريڪي جهاز ٻوڙي ڇڏيا. جرمني ميڪسيڪو کي خط لکي، ان کي ٽيڪساس ۽ نيوميڪسيڪو تي حملي ڪرڻ لاءِ چيو، اهي ٻئي صوبا پهرين ميڪسيڪو جو حصو رهيا هئا. آمريڪي صدر وڊرو ولسن اپريل 1917ع تي آمريڪي ڪانگريس کان هن جنگ ۾ اتحادين جو ساٿ ڏيڻ جي اجازت گھري، جيئن واپاري رستن جي حفاظت ڪري سگھجي ۽ دنيا کي جمهوريت لاءِ محفوظ بڻائجي، پر آمريڪا ۾ آخر تائين عوام جو هڪ حصو هن جنگ ۾ ٽپي پوڻ جي مخالفت ڪندو رهيو. انهن آمريڪين جي ترجمان يوجين ڊيبس کي آمريڪا جي حڪومت غداريءَ جي الزام ۾ ڏهه سال ٽِيپ ڏئي ڇڏي. ڊيبس چوندو هو ته: ”هتان جا وڏا ماڻهو جنگ شروع ڪرائين ٿا ۽ هيٺئين طبقن جا ماڻهو جنگ وڙهن ٿا، جنهن ۾ نقصان هيٺئين طبقي جو ئي ٿئي ٿو ۽ جانيون به انهن جون ئي زيان ٿين ٿيون.“ اتحادين وٽ سپاهين جي کوٽ به آمريڪا جي تازي 12 لک فوج اچي پوري ڪئي. ان کان سواءِ برطانيه، فرانس جي ڪالونين جون فوجون به اتحادين طرفان وڙهي رهيون هيون. مثال طور هن جنگ ۾ رڳو هندوستان جا هڪ لک کان وڌيڪ سپاهي برطانيه جي سپاهين سان گڏجي وڙهندي مارجي ويا هئا، جن جون قبرون انهن جي قطبن سميت اڄ به پوري يورپ ۾ موجود آهن. پهرين عالمي جنگ دوران ٻنهي ڌرين جي مالي نقصان جو اندازو، 337 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي. وڙهندڙ ملڪن اهي پئسا ملڪي ٽئڪسن ذريعي گھٽ ۽ قرضن ذريعي وڌيڪ گڏ ڪيا هئا. هن جنگ ۾ آمريڪا جا هڪ لک سورهن هزار ست سؤ اٺ سپاهي مارجي ويا ۽ محوري طاقتن جا 35 لک ماڻهو مارجي ويا. هن جنگ ۾ حصو وٺندڙ يورپي ملڪ ته بلڪل تباهه ٿي ويا.
هن جنگ جا ٻيا ڪجهه عجيب نتيجا ظاهر ٿيا. مثال طور آمريڪا ۾ ڪارخانا هلائڻ لاءِ يعني نيگرو ماڻهو 90 سيڪڙو ڳوٺاڻن علائقن مان نڪري وڏن صنعتي شهرن ۾ گڏ ٿي ويا، جتان انهن هن جنگ بعد پنهنجا سياسي پروگرام شروع ڪيا. آمريڪا ۾ صنعتي ترقيءَ سبب مزدورن جون يـونيـنون طاقتـور ٿـي ويون ۽ بار بار هـڙتالـون ڪري مطـالبا مڃـرائيـنديـون رهيون. لکين نيگرو آمريڪي فوج ۾ ڀرتي ٿي يورپ ۾ وڃي وڙهيا ۽ پـنـهنـجـي لاءِ آمـريـڪـي فـوج ۾ بـه مـسـتقـل جـاءِ پيـدا ڪيائون. آمريڪي عورتون پورهيتن جي کوٽ سبب ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ جنگ بعد پنهنجي لاءِ ووٽ جا حق ۽ ٻيا ڪجهه حق به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. هن جنگ ۾ هندوستان جي هڪ لک کان وڌيڪ سپاهين جي مارجڻ، هندوستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ کي وڏي هٿي ڏني. هندوستان جي اڳواڻن برطانوي حڪومت تي الزام هنيو ته، هندوستاني سپاهين کي هن جنگ ۾ ‘Cannon Fodder’ يعني ’توپن جي چاري‘ طور استعمال ڪيو آهي. انگلنڊ جي 6 لک 8 هزار فوجي آفيسرن ۽ سپاهين جي هن جنگ ۾ جاني نقصان بعد هندستان ۾ آءِ. سي. ايس ۽ وڏا فوجي عهدا به هندستانين لاءِ کوليا ويا. برطانيه ۽ فرانس وغيره جو ڪنٽرول پنهنجين ڪالونين تي ڪجهه ڪمزور پئجي ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ هن جنگ ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويا هئا. آمريڪا هن جنگ جي ڪمائيءَ مان بيحد شاهوڪار ٿي ويو، جنهن آمريڪا جي صنعتي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي وڌيڪ وڌايو. ترڪيءَ جي شڪست کاڌل سلطنت بيت المقدس سميت فلسطين وڃايو ۽ مڊل ايسٽ جا ٻيا عرب ملڪ به ترڪيءَ جي قبضي مان نڪري برطانيه ۽ فرانس ۾ ورهائجي ويا. روس ۾ بادشاهت ختم ٿي ويئي ۽ اتي ڪميونسٽ انقلاب اچي ويو. ترڪيءَ ۾ ڪمال اتا ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي پئماني تي سماجي اٿل پٿل ٿي. لکين ڪروڙين ڪٽنب پنهنجن ڪمائيندڙن کان محروم ٿي ويا. ڊگهي عرصي تائين سپاهين جي پنهنجي گهرڀاتين کان دوري، انهن جا گھر برباد ڪري ڇڏيا ۽ انهن جون شاديون به گھڻي ڀاڱي رُلي ويون. جنسي بي راهه روي وڌي ويئي. جنگ تان واپس آيل ماڻهن جون زندگيون پنهنجي معمول تي اچي نه سگھيون. يورپي ملڪن ۾ بيروزگاري وڌي ويئي ۽ کٽل حڪومتون وڏي مصيبت ۾ پئجي ويون. روس جي ڪميونسٽ انقلاب پوري سرمائيدار يورپ کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، جنهن پنهنجن شهرين کي زندگيءَ جون ضروري سهولتون ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش شروع ڪئي. برطانيه جي ان وقت جي وزير اعظم لائڊ جارج يورپ جي سرمائيدارن کي وارننگ ڏني ته پنهنجي اڌ ماني غريبن کي ڏيو، نه ته سڄي ماني اوهان کان ڦرجي ويندي. بين الاقوامي تڪرار طئي ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏين طاقتن ليگ آف نيشنس (League Of Nations) جي نالي سان هڪ اهم عالمي تنظيم قائم ڪئي، پر ان سان جڙيل اميدون پوريون نه ٿيون، ڇاڪاڻ جو وڏين طاقتن جي هٺ ڌرمي ۽ مفادن سبب اها عالمي تنظيم صرف بحث مباحثي جو پليٽ فارم بڻجي رهجي ويئي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي، پر سڀ کان وڏي حيرت جوڳي ڳالهه اها ٿي، ته سڄي دنيا پهرين عالمي جنگ کان ترت پوءِ اهو سمجهيو هو ته، ههڙي خوفناڪ ۽ تباهه ڪن جنگ، جنهن کي ‘Mother of all Wars’ يعني ’سڀني جنگين جي ماءُ‘ چيو پئي ويو، کانپوءِ دنيا وري ههڙي جنگ ڪڏهن ڪونه ڪندي، پر ٿيو ڇا جو هن جنگ جي ختم ٿيندي ئي سڀني مخالف طاقتن نئين سر هڪ نئين جنگ لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون ۽ 1939ع ۾ يعني 21 سالن کانپوءِ ٻي عالمي جنگ شروع ڪري ڇڏي، جيڪا پهرئين عالمي جنگ کان به وڌيڪ خونريز ۽ تباهه ڪن نڪتي ۽ دنيا جو نقشو بدلائي 1945ع ۾ وڃي ختم ٿي.
هن جنگ جو هڪ خوفناڪ نتيجو اهو به نڪتو جو هن جنگ دوران مخالف طاقتن ۾ نون نون ۽ خوفناڪ هٿيار ٺاهڻ جو مقابلو شروع ٿي ويو ۽ هٿيارسازيءَ جي صنعت هر وڏي طاقت جي لاءِ لازم ٿي پئي، جتان پنهنجي لاءِ نوان نوان هٿيار ٺاهيا ويا ۽ اتان ئي ٻين ملڪن کي هٿيارن جي ايڪسپورٽ جو وڏو نفعي بخش ڪاروبار به شروع ٿي ويو. نون هٿيارن جو سلسلو ايٽم بم، هائيڊروجن بم ۽ ڪيميائي زهريلي گئسن تائين وڃي پهتو، پر هاڻي ته خلائي جنگ جا هٿيار به ٺهڻ لڳا آهن. هتان ئي ٻي اها مصيبت به پيدا ٿي ته، دنيا جا غريب ملڪ به پنهنجي علائقائي جنگين ۽ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ مهانگا هٿيار وڏين طاقتن کان خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ان طرح پنهنجن غريب ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بدران پنهنجا محدود وسيلا وڏين طاقتن کان مهانگا هٿيار خريد ڪرڻ تي وڃائڻ لڳا. جرمنيءَ جي شڪست سان سندس ساٿي ترڪيءَ به شڪست کاڌي ۽ ان سان عثماني سلطنت ۽ خلافت جو به خاتمو اچي ويو. جديد ترڪي جي باني ڪمال اتا ترڪ، حڪومت پنهنجي هٿن ۾ وٺي ترڪيءَ جي آخري خليفي عبدالمجيد کي جلاوطن ڪري ڇڏيو ۽ ترڪيءَ کي جمهوريه قرار ڏنو. عربي زبان ۾ تعليم بند ڪري ترڪي ٻوليءَ کي انگريزي/ رومن رسم الخط تي آڻي ڇڏيو، ملڪ ۾ مغربي لباس ۽ تهذيب کي رائج ڪيو ۽ عورتن مان پردو ختم ڪري ڇڏيو. عربن، انگريزن جي ڀڙڪائڻ تي ترڪيءَ خلاف بغاوت ته ڪئي، پر جنگ کان پوءِ آزاديءَ جي وعدن تي انگريزن ۽ فرانس جو ساٿ نه ڏنو ۽ پر هنن ٻنهي مغربي طاقتن عربن سان ڌوڪو ڪيو ۽ کين آزادي ڏيڻ بجاءِ مختلف عرب ملڪ پاڻ ۾ ورهائي کنيا. انگلينڊ مصر سان گڏ عراق تي به قبضو ڪيو ۽ فرانس شام ۽ لبنان تي به عراق جو تيل انگلينڊ ۽ ٻين طاقتن لاءِ ضروري ٿي پيو هو. انگلينڊ جا بحري ۽ هوائي جهاز ۽ ٽئنڪون تيل تي هلڻ لڳيون هيون، جن لاءِ تيل کپندو هو. ان کانپوءِ پوري مڊل ايسٽ تي تيل جي کوهن جي ڪري برطانيه، فرانس ۽ بعد ۾ تازو آمريڪا قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ان طرح پهرئين عالمي جنگ مڊل ايسٽ جي تيل وارن ملڪن جي مغربي طاقتن جي هيٺان نئين سر غلامي جو به آغاز ٿي ويو، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. برطانيه، فلسطين تي قبضي ڪرڻ بعد هڪ ڳجهي ٺاهه ذريعي اهو اڳتي هلي يهودين جي نئين ملڪ اسرائيل جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اڄ تائين وچ اوڀر ۾ امن ڪونهي.
پهرين عالمي جنگ جا اهم واقعا (Chronology):
1914ع: 28 جون 1914ع تي آسٽريا، هنگريءَ جي ولي عهد کي سندس زال سميت هڪ سرب قومپرست سربيا جي سراجيوو شهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. 28 جولاءِ تي آسٽريا، سربا خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو. 11 آگسٽ تي جرمنيءَ روس خلاف، 3 آگسٽ تي فرانس ۽ 4 آگسٽ تي بيلجيم خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. جرمن فوجن روس تي حملو ڪري ڏنو ۽ فرانس تي حملي ۾ پيرس کان 25 ميلن جي فاصلي تي پهچي ويون، پر هن سال جي آخر تائين جرمنيءَ جون فوجون روس ۽ فرانس جي فوجن ۽ فرانس ۾ لٿل انگريز فوجن سان زميني مقابلا ڪنديون رهيون، جن ۾ ٻنهي ڌرين جو وڏو جاني نقصان ٿيندو رهيو ۽ فوجون هڪٻئي جي آمهون سامهون جنگ جي ميدان ۾ گھڻو ڪري اتي جو اتي وڙهنديون رهيون.
1915ع: جرمنيءَ جي آبدوزن انگلينڊ جي بحري ناڪي بندي شروع ڪري ڇڏي. انگريز فوج اپريل ۾ ترڪي ۾ لٿي، جتان مصطفيٰ ڪمال ان کي شڪست ڏيئي ڊسمبر 1915ع ۽ جنوري 1916ع ۾ ڊوڙائي ڪڍيو. اپريل- مئي ۾ جرمنيءَ جنگ ۾ زهريلي گئس استعمال ڪئي. مارچ ۾ جرمنيءَ جي آبدوزن برطانيه جو مسافر جهاز لوسيٽانيا ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ۾ 128 آمريڪي ۽ 11 سؤ ٻيا مسافر مري ويا. هن جهاز ۾ آمريڪا مان برطانيه لاءِ هٿيار ۽ ليٿوينيا تي قبضو ڪري ورتو. جون کان سيپٽمبر تائين هن محاذ تي روس کي شڪست آئي ۽ ان جا ڏهه لک ماڻهو مارجي ويا. فرانس ۽ برطانيه بلغاريه خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. هن سال اتحادي فوجون پوري ڪوشش جي باوجود جرمنيءَ جي فوجن کي هٽائي نه سگھيون.
1916ع: فيبروري ۾ جرمن ۽ فرينچ فوجن جي وچ ۾ وردن جي محاذ تي خوفناڪ دوبدو جنگ ۾ تيزي اچي ويئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن مان هر هڪ کي ساڍن ٽن لک فوجين جو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو. مارچ ۾ آبدوزن جي لڙائي تيز ٿي وئي. مئي ۾ جٽلينڊ ۾ برطانيه ۽ جرمن جي بحري جنگي جهازن ۾ وڏي لڙائي ٿي، جنهن ۾ برطانوي جنگي بحري ٻيڙي کي وڏو نقصان ٿيو، پر جرمنيءَ پنهنجي نقصان کي ڏسي ٻيهر اهڙي بحري لڙائي لڙڻ جي سگهه نه ساري، جنهن ۾ روسي فوجن کي ڏهه لک سپاهين جو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو. مغربي محاذ تي جولاءِ کان نومبر تائين سومي جي شديد جنگ ۾ برطانيه جا چئن لکن کان مٿي سپاهي جرمن فوجن هٿان مارجي ويا. ان کان سواءِ فرانس جا ٻه لک سپاهي ۽ جرمنيءَ جا ساڍا چار لک سپاهي به مارجي ويا. پر هن محاذ تي ڪنهن به ڌر واضح فوجي برتري نه حاصل ڪئي. رومانيا آسٽريا، هنگريءَ جي خلاف 27 آگسٽ تي جنگ جو اعلان ڪيو، پر آسٽريا هنگري جي فوجن ڊسمبر ۾ رومانيا جي گاديءَ واري هنڌ بخارسيٽ تي قبضو ڪري ورتو.
1917ع: 6 اپريل تي آمريڪا جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. اپريل ۾ ئي آبدوزن جي لڙائي تيز ٿي وئي. آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين اٽليءَ جا 6 لک سپاهي ڪيپورٽيو جي جنگ ۾ قيدي بڻايا ويا. مغربي محاذ تي جرمن فوج ۽ فرينچ ۽ برطانوي فوجن ۾ ڇتي لڙائي جاري رهي. نومبر ۾ انگلينڊ ٽينڪن جو وڏو حملو ڪيو. 7 ڊسمبر تي آمريڪا آسٽريا هنگري خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. 15 ڊسمبر تي روس جي نئين بالشيوڪ حڪومت ۽ جرمنيءَ ۾ جنگبنديءَ جي ٺاهه تي صحيحون ٿيون.
1918ع: مارچ کان جون جي وچ تائين جرمن فوج مغربي محاذ تي انگريز ۽ فرينچ فوجن تي وڏو حملو ڪيو. جون ۾ آمريڪي فوجن فرانس پهچي فرينچ فوجن جي مدد ڪئي. ان کان پوءِ مختلف محاذن تي آمريڪي، فرينچ ۽ برطانوي فوجن جي گڏيل حملن جرمنيءَ جي فوج کي منجھائي ڇڏيو. برطانوي فوجن سيپٽمبر ۾ فلسطين تي قبضو ڪري، ان کي ترڪ سلطان جي قبضي مان ڪڍي، پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ائين بيت المقدس صليبي جنگين کان پوءِ پهريون ڀيرو عيسائي قومن جي قبضي ۾ اچي ويو. 4 آڪٽوبر تي جرمنيءَ جنگبنديءَ جي تجويز ڏني. آڪٽوبر ۾ برطانيه ترڪيءَ سان جنگبنديءَ جو ٺاهه ڪيو. نومبر ۾ جرمن بادشاهه قيصر ويلم ٻيو تخت تان دستبردار ٿي ويو ۽ ان بعد جرمني ۽ اتحادي طاقتن ۾ ٺاهه تي صحيحون ٿيون. 11 نومبر تي مغربي محاذ تي به جنگ بند ٿي ويئي.


لفظ پهرين عالمي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.06.28  عيسوي

پهرين عالمي جنگ، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، 28 جون 1914ع تي شروع ٿي،


1918.11.11  عيسوي

11 نومبر 1918ع تي وڙهندڙ ملڪن ۾ جنگبنديءَ جي ٺاهه تي صحيحون ٿيڻ تائين ٻنهي پاسن جا 2 ڪروڙ ماڻهو مارجي چڪا هئا.



جنگيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دٻلي ٻيٽ جي جنگ
ڀيٽاري واري جنگ
بدر جي جنگ
پهرين مڪليءَ جي جنگ
چانڊين ۽ مگسين جي جنگ
سيدن ۽ دائودپوٽن جي جنگ
رند ۽ لاشار جي جنگ
دٻي جي لڙائي
خندق جي جنگ
بهاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون
جنگيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون