پونٽنگ، رڪي ٿامس

پونٽنگ، رڪي ٿامس

پونٽنگ رڪي ٿامس

پونٽنگ، رڪي ٿامس: آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ مشھور بئٽسمين رڪي پونٽنگ آسٽريليا جي شھر ليونسٽن ۾ 19 ڊسمبر 1974ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو گريم (Graeme) ۽ ماءُ جو نالو لورين (Lorraine) آهي. ساڄي هٿ سان بئٽنگ ڪندڙ پونٽنگ، 1995ع ۾ نيوزيلينڊ ۾ کيڏي ويل گرانڊ اينگيولر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سائوٿ آفريڪا خلاف پنھنجي بين الاقوامي سطح تي ون ڊي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي ۽ ساڳئي سال آسٽريليا جي پرٿ گرائونڊ ۾ سريلنڪا خلاف ٽيسٽ مئچ جي شروعات ڪئي. سندس اعليٰ ڪارڪردگيءَ ۽ اڳوڻي ڪپتان اسٽيووا جي رٽائرمينٽ جي اعلان بعد کيس 2002ع ۾ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان ۽ 2004ع ۾ ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. هن 144 ٽيسٽ مئچن ۾55.22 جي شرح سان 11928 رنسون اسڪور ڪيون، جن ۾ 39 سينچريون ۽ 51 ففٽيون شامل آهن. ٽيسٽ مئچن ۾ سندس وڌ کان وڌ اسڪور 257 آهي، جڏهن تہ 345 ون ڊي مئچن ۾ 43.12 جي شرح سان 12895 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 29 سينچريون ۽ 78 ففٽيون شامل آهن. هڪ ڏينهن واري مئچ ۾ سندس وڏي ۾ وڏي اننگ 164 رنسن تي مشتمل آهي. هن جون 2002ع ۾ ريانا سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءُ ايمي چارلوٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.12.19  عيسوي

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ مشهور بئٽسمين رڪي پونٽنگ آسٽريليا جي شهر ليونسٽن ۾ 19 ڊسمبر 1974ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا سليم
انور فگار هڪڙو
غلام رسول شاھه1
خلجي علاؤالدين
بچل شاھہ جيلاني
در محمد خان
استاد دين محمد خان جيڻو
ابوبڪر شيخ
جوکيو اياز
ايڇ ٽي لئمبرڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون