
پوپٽ1
پوپٽ1: رنگ برنگي پرن واري هڪ اُڏامندڙ جيت جو قسم آهي، جيڪو گلن تي اُڏامي، گلن جو رس چوسيندو آهي. پوپٽ جي نسل جا قسم هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهن. پوپٽ جا پَرَ تمام نازڪ هوندا آهن. هن جي پرن تي سج جي روشنيءَ جي ڪري مختلف رنگ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوپٽ گلن جو رس چوسيندو آهي. پوپٽ جي وات ۾ ننڍڙيون نليون ٿينديون آهن، جن سان هو جيت بہ کائيندو آهي. رات جي ڀيٽ ۾، پوپٽ ڏينهن جو گهڻو گهمندي ڦرندي نظر ايندو آهي. پوپٽ سڄي سال ۾ موجود هوندو آهي، پر خاص طرح بھار جي مند ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ گلن مٿان اڏامندو رهندو آهي.
پوپٽ جي جسم ۾ ٻارهن ڀاڱا ٿيندا آهن. هن جيت کي ڇھہ ننڍڙيون اکيون ٿينديون آهن. آنن مان ڦٽڻ مھل پوپٽ جا ٻچا سُوٻٽن جھڙا ڊگها ۽ گول ٿيندا آهن، جيڪي پنن تي گذران ڪندا آهن. پوپٽ پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا کلون لاهيندا آهن، جڏهن اُهي وڌي ويندا آهن، تڏهن کائڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ سندن رنگ گم ٿي ويندو آهي. اهي سست ۽ موڳا ٿي پوندا آهن. پوءِ ڪي پاڻ کي پڇ سان اٽڪائي، ابتو ٽنگي ڇڏيندا آهن تہ ڪي بُت تي پَٽ جهڙي تند ويڙهي پاسيرا لڙڪي پوندا آهن. انهيءَ آرام واري حالت اندر، پوپٽ کي کنڀ، سڱ، مڇون ۽ ٻيا عضوا نڪرندا آهن. اهي سڀ ڳُتيا پيا هوندا آهن، جي پوءِ کُلندا آهن ۽ نيٺ کل جو پڙدو ڦاڙي اُڏامي نڪرندا آهن.
هنن جا ڪجهہ قسم گروهن جي شڪل ۾ سفر ڪن ٿا ۽ سرديءَ کان بچڻ لاءِ ترڪ وطن (Migration) ڪري هزارين ميل ڏور بہ هليا ويندا آهن.