پيرزادو شاهنواز مولائي

پيرزادو، شاهنواز ’مولائي ‘:ليکڪ ۽ تعليمي ماهر حاجي شاهنواز ولد جمال الدين پيرزادو 14 ڊسمبر 1889ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي (انگريزي ادب) هئي. هن لکڻ جي ابتدا 1935ع ۾ حيدرآباد مان ’سياست‘ نالي اخبار ڪڍي ڪئي. سندس پيشو وڪالت هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سورهيه صوبيدار، (2) سڳوري سعديءَ جا سخن، (3) لنڊن کان ڪراچي، (4) ميان سومري جي صاحبي، (5) يادگيريون، (6) مصر جي راڻي، (7) ديوانو ديو، (8) عربستان جو پيغمبر، (9) ادي ايوب جي آزمائش، (10) انصاف، (11) اتحاد، (12) عربن جو عروج، (13) الاهي آواز جو آلاپِ: ٻه ڀاڱا، (14) آزادي جو ابو، (15) انگلينڊ جي تاريخ: ٻه ڀاڱا، (16) مجاهدات، (17) لڙائيءَ جي لڙاٽ، (18) سچ جو صدقو، (19) سکياڻي سنڌ، (20)اسان جو اٻوجهه اقبال، (21) ڪيڏاري جا ڪامل، (22) روح سدا حيات، (23) واندڪائيءَ جي وندر، (24) مصر جي تاريخ، (25) انصاف لاءِ عرض، (26) چينائي سالڪن جا سخن، (27) فاروقي فرياد، (28) ڪورٽ فتويٰ، (29) پنجهتر ورهين جو پوڙهو وغيره شامل آهن. هن 28 فيبروري 1974ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.12.14  عيسوي

حاجي شاهنواز پيرزادو 14 ڊسمبر 1889ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو


1974.02.28  عيسوي

حاجي شاهنواز پيرزادو 28 فيبروري 1974ع تي نوابشاهه ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عابد حسين
لڇمڻ ڪومل
بولا خان جاکرو
جي ايم سيد
شهزادي
مير ٺارو خان ٽالپر
محمدعثمان سومرو
اختر جهوناڳڙهي
جوش شيخ عبدالحليم
اَجن فقير ڏيرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون