پيرل شاهه بخاري: سيد پيرل شاهه بخاري ولد سيد علي شاهه بخاري ٻيو. ڊسمبر 1898ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هُن 1916ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم ڳوٺ جھلي ڪلواڙِي ۾ استاد مولوي ديـن مــحــمــد ســومـري وٽ حــاصــل ڪـــئــي. سـيـد پـيـرل شـاهه ڪـجـهه وقـت سرڪاري ملازمت به ڪئي. سيد پيرل شاهه جي رهائش، جھلي ڪلواڙي جي ڀرسان ڳوٺ سهڪجي ۾ هئي. پاڻ بلند پايه شاعر هو. پنهنجي مرشد سخي اشن شاهه جي صحبت ۾ رهي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام صوفيانه آهي، جنهن ۾ بيت، ڪلام، سه حرفيون، وايون ۽ ڪافيون وغيره آهن. پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس 350 ڪلام، پنج سه حرفيون، 30 اکري ۽ 430 بيت مختلف سرن ۾ سندس پونئرن وٽ موجود آهن، جي معرفت جا بيش بها موتي آهن. سيد پيرل شاهه راڳ رنگ جو به ماهر هو، پاڻ ڪلاسيڪل جو به ڄاڻو هو. پنهنجا خيال ۽ ترانا ٺاهيائين ۽ سهڻي ۽ مٺڙي آواز ۾ موسيقي ڳائيندو به هو. مثال طور: راڳ ڀيروي تي:
راڳ ڀيروي: ترنم- تلاني- ترنم تلاني،
توم، توم- توم- توم-
ترڪ ڌا- ترڪ ڌا- ڌم ۾
سيد پيرل شاهه بخاريءَ ڊسمبر 1959ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سهڪجي ۾ آهي ۽ سندس ڀر ۾، سندس فرزند سيد علي شاهه ٽئين جي مـزار بـه آهـي. سـنـدس ڪـلام کي سندس ٽيون نمبر فرزند سيد جڙيل شاهه بـخـاري تـرتـيـب ڏنو آهي جيڪو جلدن جي صورت ۾ وٽس موجود آهن. سيد پيرل شاهه کي پنجن فرزندن، 1. علي شاهه، 2. احمد شاهه عرف بلا شاهه، 3. جڙيل شاهه، 4. محسن شاهه ۽ 5. غلام حيدر شاهه جو اولاد آهي، جن مان علي شاهه ۽ محسن شاهه وفات ڪري ويا آهن. سيد پيرل شاهه جي مريدن ۾ آندل فقير ڳوٺ بيکاري ۽ فقير گل محمد ڀٽو وغيره مشهور آهن.