پيرل شاھہ بخاري: سيد پيرل شاھہ بخاري ولد سيد علي شاھہ بخاري ٻيو. ڊسمبر 1898ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هُن 1916ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم ڳوٺ جهلي ڪلواڙِي ۾ استاد مولوي ديـن مــحــمــد ســومـري وٽ حــاصــل ڪـــئــي. سـيـد پـيـرل شـاھہ ڪـجـھہ وقـت سرڪاري ملازمت بہ ڪئي. سيد پيرل شاھہ جي رهائش، جهلي ڪلواڙي جي ڀرسان ڳوٺ سھڪجي ۾ هئي. پاڻ بلند پايه شاعر هو. پنھنجي مرشد سخي اشن شاھہ جي صحبت ۾ رهي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام صوفيانه آهي، جنهن ۾ بيت، ڪلام، سه حرفيون، وايون ۽ ڪافيون وغيرہ آهن. پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس 350 ڪلام، پنج سه حرفيون، 30 اکري ۽ 430 بيت مختلف سرن ۾ سندس پونئرن وٽ موجود آهن، جي معرفت جا بيش بھا موتي آهن. سيد پيرل شاھہ راڳ رنگ جو بہ ماهر هو، پاڻ ڪلاسيڪل جو بہ ڄاڻو هو. پنهنجا خيال ۽ ترانا ٺاهيائين ۽ سھڻي ۽ مٺڙي آواز ۾ موسيقي ڳائيندو بہ هو. مثال طور: راڳ ڀيروي تي:
راڳ ڀيروي: ترنم- تلاني- ترنم تلاني،
توم، توم- توم- توم-
ترڪ ڌا- ترڪ ڌا- ڌم ۾
سيد پيرل شاھہ بخاريءَ ڊسمبر 1959ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سھڪجي ۾ آهي ۽ سندس ڀر ۾، سندس فرزند سيد علي شاھہ ٽئين جي مـزار بـه آهـي. سـنـدس ڪـلام کي سندس ٽيون نمبر فرزند سيد جڙيل شاھہ بـخـاري تـرتـيـب ڏنو آهي جيڪو جلدن جي صورت ۾ وٽس موجود آهن. سيد پيرل شاھہ کي پنجن فرزندن، 1. علي شاھہ، 2. احمد شاھہ عرف بلا شاھہ، 3. جڙيل شاھہ، 4. محسن شاھہ ۽ 5. غلام حيدر شاھہ جو اولاد آهي، جن مان علي شاھہ ۽ محسن شاھہ وفات ڪري ويا آهن. سيد پيرل شاھہ جي مريدن ۾ آندل فقير ڳوٺ بيکاري ۽ فقير گل محمد ڀٽو وغيرہ مشھور آهن.