پيرل پرديسي سيتائي

پيرل پرديسي، سيتائي: مشهور شاعر پيرل پرديسيءَ جو مڪمل نالو پيرل ولد محمد پريل سولنگي هو، سندس جنم پهرين نومبر 1947ع تي ڳوٺ گرماڻي چانڊيي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. جتي هو پنج درجا سنڌي پڙهيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. بعد ۾ اباڻو ڳوٺ ڇڏي سيتاروڊ ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين، جتي ٻيڙين ۽ تماڪ جو دُڪان کولي گذر سفر ڪيائين. ادب جي دنيا ۾ هن ’پيرل پرديسيءَ‘ جي نالي سان 1965ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي. شاعريءَ ۾ سندس استاد سعدل صوفي ۽ بشير سيتائي هئا. پيرل پرديسيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب”دل آئينو، پٿر دنيا“ 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ استاد بخاريءَ لکيو ۽ ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي بشير سيتائيءَ جا تاثرات آهن. هن 29 ڊسمبر 2002ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.01  عيسوي

پيرل پرديسي سيتائي پهرين نومبر 1947ع تي ڳوٺ گرماڻي چانڊيي ، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو


2002.12.29  عيسوي

پيرل پرديسي سيتائي 29 ڊسمبر 2002ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا خان چوٿون
سڪندر آفتاب خضر
گلشير راهو
پرتاب راءِ مُنشي
سيدي علي رئيس
پائلو بياجي
خانبهادر غلام علي نانا
بهاءُ الدين ذڪريا
ٽڪا خان
رحماني مفتي خان محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون