پير بخش عالماڻي

پير بخش عالماڻي: موري تعلقي جو مشھور استاد پير بخش عالماڻي، 19 آگسٽ 1919ع ۾ ڳوٺ جھان خان عالماڻي، ديھہ ڪوٽ ستابي، تعلقي موري، ضلعي نوابشاھہ (هن وقت نوشهري فيروز) ۾ جان محمد خان عالماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم تعلقي موري جي پرائمري اسڪول پُرڻ ۾ ورتائين. 5 درجا مشھور استاد محمد عرس جوکيي وٽ پُرڻ ۾ پڙهڻ کان پوءِ ڇهون ۽ ستون درجو پرائمري اسڪول ڏيپارجا ۾ استاد قاضي عبدالهاديءَ وٽ پڙهيو ۽ سنڌي فائنل جو امتحان نوشهري فيروز سينٽر مان 1936ع ۾ سٺن نمبرن ۾ ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين. پير بخش غريب گهراڻي جو فرد هو، پر ذهن تمام سٺو هئس. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس خانبهادر امام بخش خان جتوئيءَ جي سفارش تي ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر قاضي جان محمد گورنمينت پرائمري اسڪول ڀورل، ديھہ 19، داد ۾ پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ڏنو. جتي 6 مئي 1938ع تي ڊيوٽيءَ تي چڙهيو. 18 مئي 1942ع تائين ساڳئي اسڪول ۾ تعليم ڏيندو رهيو. ان بعد کيس موري تعلقي جي سنڌي پرائمري اسڪول ٻلال جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ پرائمري اسڪول رضا محمد ڏاهريءَ ۾ هيڊماستر ٿيو. جتي 1 اپريل 1943ع کان 2 ڊسمبر 1945ع تائين ڪامياب نوڪري ڪيائين. رئيس جان محمد ولد گلڻ ڄام ڏاهري سندس شاگرد هو. استاد پير بخش جي محنت ۽ شراف جو قدر ڪندي، سيد غلام شاھہ کيس هڪ ڀيرو وري پرائمري اسڪول ڀورل ۾ بدلي ڪرائي گهرايو. جتان کيس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد ۾ تربيت لاءِ چونڊيو ويو. 1 مئي 1948ع تائين ٻہ سال ٽريننگ پوري ڪرڻ کانپوءِ تعلقي ماستر سڪرنڊ مقرر ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ پرائمري اسڪول شاهپور چاڪر ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. جتي 24 جنوري 1952ع تائين ڪيترن نائب استادن جي موجودگيءَ سان ڪاميابيءَ سان پڙهائي ڪيائين. ان کانپوءِ کيس پرائمري اسڪول پُرڻ ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. جتان هن پاڻ پرائمريءَ جي تعليم حاصل ڪئي هئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليم، حيدرآباد ريجن، الهڏني خان بلوچ سندس هوشياريءَ ۽ محنت کان متاثر ٿي، کيس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ استاد مقرر ڪيو. جتي سڄيءَ سنڌ جا استاد ٽريننگ وٺڻ ايندا هئا. ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ 2 مئي 1960ع تائين رهيو. جتان وري بدلي ٿي پُرڻ، ڄام سيٺار ۽ ڏيپارجا اسڪولن ۾ رهيو. زندگيءَ جو آخري وقت ڳوٺ جھان خان عالماڻيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ گذاريائين. جتان 31 مئي 1979ع تي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ ايس. ڪي. بلوچ جي سهڪار سان آل سنڌ عالماڻي تنظيم جو بنياد وڌائين. سندس وفات موري ۾ ڪار جي حادثي سبب ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو