تراب علي شاهه

تراب علي شاهه

پير تراب علي شاھہ

پير تراب علي شاھہ : نامور عالم ۽ سياستدان پير تراب علي شاھہ ولد سيد عبدالله شاھہ تاريخ 5 ذي القعد 1274ھہ مطابق 2 نومبر 1857ع تي اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر شھدادڪوٽ) ڳوٺ علي خان لڳ قمبر ۾ ڄائو، جيئن تہ پاڻ پيراڻو ٻار هو، ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو، کيس علم ادب سان بيحد چاھہ هو، هن ”الراشد“ نالي هڪ رسالو بہ شايع ڪيو هو. پير تراب علي شاھہ جي سياسي زندگيءَ جو آغاز ”خلافت تحريڪ“ ۾ شريڪ ٿيڻ سان ٿئي ٿو، پاڻ هن تحريڪ ۾ هڪ سرگرم ۽ پر خلوص اڳواڻ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. جڏهن انگريزن خلافت جي حيثيت ۽ حقيقت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ”امن سڀا“ قائم ڪرائي ۽ پنھنجي حامي هڪ عالم مولوي فيض الڪريم موري واري کان ”تحقيق الخلافت“ نالي هڪ فتويٰ جو رسالو شايع ڪرايو تہ ان جي رد ۾ خلافتي عالمن ”اظهار المڪرامة“ نالي فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن جي پير تراب علي شاھہ بہ تائيد ڪئي هئي. پير صاحب انهن سياسي اڳواڻن مان هڪ هو، جن سنڌ خواه هند جي ڪيترين ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ شرڪت ڪئي. ”خلافت تحريڪ“ جي آغاز ۾ ئي ”جمعيت علماءِ هند“ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو هو، ان ڪري هن 31 ڊسمبر 1919ع تي جمعيت جي امرتسر واري اجلاس ۾ شريڪ ٿي پيش ٿيندڙ تجويزن جي نہ صرف پٺڀرائي ڪئي پر کيس انهيءَ اجلاس ۾ ”جمعيت علماءِ هند“ جي منتظمه ڪاميٽيءَ تي ميمبر طور بہ کنيو ويو.ان کان پوءِ جڏهن ترڪن تي مڙهيل شرطن تي نظرثاني ڪرائڻ لاءِ وقت جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل کي هڪ ياداشت نامو ڏنو ويو، تہ ان تي سنڌ مان ٻين سان گڏ پير تراب علي شاھہ بہ صحي ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح جڏهن خلافتي عالمن جو ن اهي ڪوششون ڪامياب ٿي نہ سگهيون تہ انهن ”ٽرڪِ موالات“ بابت هڪ فتويٰ جاري ڪئي، جنهن جي پير تراب علي شاھہ بہ تصديق ڪئي.جڏهن خلافتي عالمن انگريزن جي مسلم دشمن حڪمت عمليءَ کي ظاهر ڪندي هندستان کي ”دارلحرب“ قرار ڏنو تہ پير صاحب ”هجرت تحريڪ“ کي زور وٺائڻ لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي ۽ رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجي جي رفاقت ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن محب وطن عالم تاريخ 2 شوال سن 1357ھہ مطابق 17 مارچ 1938ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو