پير سرهندي

پير سرهندي: سنڌ ۾ آبادپير سرهندي‘ بزرگن جي نسب جو سلسلو هندستان جي وڏي عالم، امام رباني، مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ سان ملي ٿو. پير صاحب جا وڏا دين جي تبليغ خاطر سرهند شريف (هندستان) مان پهرين ’قنڌار‘ (افغانستان) ويا. ٽن پشتن کان پوءِ وري پشاور (پاڪستان) ۾ آيا. سندن ٻن پشتن جي بزرگن جون مزارون پشاور ڇانوڻي ڪابلي گيٽ جي ويجهو ’حضرت جي‘ جي نالي سان مشھور آهن. اتان هڪ بزرگ خواجہ عبدالرحمان جان سرهندي مجددي پهرين مٽياريءَ، ۽ پوءِ ٽکڙ تعلقي حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو، جنهن جو خاندان اڄ تائين سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ديني تعليم ۽ روحاني فيض جي ڪري مشھور آهي. هي پير، هندستان جي شھر ’سرهند‘ جي نسب سان پشت بپشت سرهندي پيرن طور مشھور آهن. هن خاندان جون ڪجهہ اهم شخصيتون هي آهن:
(1) پير خواجہ عبدالرحمان جان سرهندي فاروقي نقشبندي: سندس نسب جو سلسلو ستيتاليهين (47) پشت ۾ حضرت عمر فاروق رضي تعاليٰ عنه سان ۽ ٽيٽيهين (33) پشت ۾ امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقي رح سان ملي ٿو.
هي بزرگ ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ جي شھر مٽيارين ۾ آيو، جتي سندس والد خواجہ عبدالقيوم سرهندي ۽ ڏاڏي خواجہ فضل سرهنديءَ جا مريد موجود هئا. سيد ميران محمد شاھہ اول کي جڏهن خبر پئي تہ هي وڏا بزرگ آهن تہ کين پنھنجي ڳوٺ ’ٽکڙ‘ ۾ آڻي رهايائين. ٿوري وقت کان پوءِ پاڻ حج جي ارادي سان حجاز مقدس ويو ۽ وڃي مديني منوره ۾ رهيو ۽ واپس اچڻ جو ارادو ترڪ ڪيائين. اها خبر جڏهن سيد ميران محمد شاھہ کي پئي تہ مديني منوره وڃي پير صاحب کي سنڌ هلڻ لاءِ زور ڀريائين ۽ پير صاحب هميشہ لاءِ اچي ٽکڙ (سنڌ) ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هن گاديءَ جي پهرئين بزرگ جي آمد ۽ سندس روحاني فيض جي ابتدا ٿي. ٽکڙ جو غير معروف ڳوٺ، ڏسندي ئي ڏسندي روحاني معرفت جو مرڪز بنجي ويو، جتي پوري برصغير، سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار جا پانڌيئڙا منزلون ماڻي اچي فيض حاصل ڪرڻ لڳا.
پير صاحب 1315ھہ مطابق 1897ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو گنجي ٽڪر جي دامن ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري تي حيدرآباد شھر کان ڏکڻ ۾ 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.
(2) پير خواجہ محمد حسن جان سرهندي مجددي: خواجہ عبدالرحمان جان جي وصال کان پوءِ سندس فرزند، خواجہ محمد حسن جان سرهندي مسند نشين ٿيو. پاڻ پنھنجي والد جي وصال جي ٿوري عرصي کان پوءِ 1316 ھہ/ 1898ع ڌاري ٽکڙ کي ڇڏي، ٽنڊي محمد خان جي ڀر ۾ ٽنڊي سائينداد ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. ظاهري ۽ باطني تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. ان بعد ٻہ سال کن مٽيارين جي عالمن کان ديني علم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ مڪي شريف پهتو، جتي پنجن سالن تائين اتان جي ممتاز عالم دين مولانا رحمت مهاجر مڪي ۽ مڪي شريف جي مفتي شيخ احمد زيني دحلان کان ديني علم ۽ علم حديث پڙهيائين. ان بعد سنڌ موٽي آيو ۽ هتي اچڻ سان درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي مدرسا کوليائين ۽ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرائي آباد ڪرايائين. ويهارو کن عربي ۽ فارسي ڪتاب تصنيف ڪيائين. سندس تصنيفون ملڪان ملڪ مشھور آهن ۽ هندستان ۽ ترڪيءَ مان بہ سندس ڪتاب ترجما ٿي، شايع ٿيا ۽ لکين ماڻهن انهن تصنيفن مان فيض حاصل ڪيو. رجب 1365ھہ/ 1945ع ۾ وفات ڪيائين. کيس والد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو.
(3) خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا سرهندي: پير صاحب جي ولادت 8 جمادي الاول 1304ھہ/1886ع ۾ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿي. ڄمڻ کان پوءِ رمضان المبارڪ ۾ ڏينهن جو والدہ جي ٿڃ نہ پيتائين، ۽ نہ ئي وري سندس والدہ بنا وضوءَ جي کيس ٿڃ پياري.
پنھنجي والد محمد حسن جان جي وصال کان پوءِ مسند نشين ٿيو. وڏو عالم دين ۽ عربي فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. سندس شاعري قلمي بياضن جي صورت ۾ موجود آهي. پنھنجي بزرگن جي روايت کي برقرار رکندي، دين جي خدمت جي جذبي هيٺ ڪيترائي مدرسا ۽ مسجدون تعمير ڪرايائين.
25 کن ڪتاب سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ تصنيف ڪيائين. جن ۾: راحة القلوب، مونس المخلصين، راحة المخلصين (سنڌي)، انتخاب مڪتوبات امام رباني، اربعين مڪتوبات ۽ گلدسته ابيات (فارسي) وغيرہ مشھور آهن. پير صاحب شڪر، صبر، سخاوت، توڪل، تقويٰ ۽ پاڪائيءَ سان گڏ اسلامي غيرت، دعوت، تبليغ دين، اخلاق ۽ عادات حسنہ جو پيڪر هو. پير صاحب 17 اپريل 1973ع تي تھجد جي وقت قرآن پاڪ جو ختمو پورو ڪري اکيون پوريون. وفات بعد سندس لائق فرزند خواجہ غلام علي جان مسند نشين ٿيو.
(4) خواجہ غلام علي جان سرهندي: خواجہ غلام علي جان سرهنديءَ جي ولادت 21 ربيع الاول 1334ھہ/1915ع ۾ ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. پنھنجي وقت جو وڏو عارف ۽ ممتاز عالم دين هئڻ سان گڏ حاذق حڪيم هو. پرهيزگاري ۽ تقويٰ جو پيڪر ۽ شريعت ۽ طريقت جو امام هو. سندس وفات 26، شعبان 1397ھہ مطابق 12 آگسٽ 1947ع تي ٿي. سندس مزار ساڳئي مقبري شريف گنجي ٽڪر ۾ آهي.
(5) خواجہ عبدالحميد جان سرهندي: خواجہ غلام علي جان جي وفات بعد سندس فرزند حضرت خواجہ عبدالحميد جان مسند نشين ٿيو، جنهن جي ولادت 8 ذوالحج 1362ھہ/1943ع ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. سندس تعليم ۽ تربيت ڏاڏي جي نگرانيءَ ۾ ٿي. پير صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت پرهيزگار، ذڪي هو. عربي ۽ فارسي علمن جو ڄاڻو، نهايت صابر، شاڪر ۽ ڪرامت وارو بزرگ آهي. سندس اولاد ۾ چار فرزند ۽ چار نياڻيون آهن. سندس وڏو فرزند پير عبدالوحيد جان سرهندي هڪ بزرگ هستي آهي، جنهن پنھنجي فرزند عبدالوحيد جان کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏياري وڏو عالم بنايو. ان سان گڏ مريدن کي ذڪر، اذڪار، فڪر آخرت ۽ محبت رسول صلعه جو درس ڏيندو رهي ٿو.
(6) خواجہ علامہ عبدالوحيد جان سرهندي مجددي درگاھہ ٽنڊو سائينداد: خواجہ علامہ عبدالوحيد جان سرهنديءَ جي ولادت 22 ڊسمبر 1963ع مطابق 5 شعبان 1383ھہ آچر جي ڏينهن دارالارشاد درگاھہ عاليه سرهندي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. کيس ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنھنجي ڏاڏي آغا غلام علي جان کان ملي. پوءِ کيس مدرسي رحمانيه موري (سنڌ) ۾ ديني تعليم لاءِ داخل ڪيو ويو. اتي 8 سالن ۾ درسِ نظامي پورو ڪري، مولوي، عالم ۽ فاضل جا امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ فارغ التحصيل جي سَند ورتائين. تنظيم المدارس جا امتحان ڏئي ”سند شهادة العالميه (ايم.اي)“ ڪيائين. ان سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ مان عربي زبان ۽ ادب ۾، ايم. اي فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ ڪري ۽ سونو ميڊل حاصل ڪيائين. کيس شاعري ۽ حڪمت ورثي ۾ مليل آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر آهي، ان کانسواءِ زڪواة ۽ عشر جو چيئرمئن پڻ رهي چڪو آهي. پيـر صاحـب ’بـيـان الـرحمان في ترجمة القرآن‘
نالي سان قرآن پاڪ جو عام فھم تفسيري ترجمو ڪيو آهي.
ان کان سواءِ دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي چڪو آهي. سندس ٻين تصنيفن ۾: ’متبرڪ وظيفا‘، ’تحفة الحجاج‘، ’متبرڪ نعتون‘ جھڙا انمول ڪتاب شامل آهن. سندس سمورن ڪتابن جي ڪتابت، فيض محمد سڪندري پتافيءَ ڪئي آهي ۽ سيد قمر الزمان شاھہ ، قاضي عبدالقدوس راڄڙ ۽ ٻين معتقدن هزارن جي تعداد ۾ شايع ڪري في سبيل ورهايا آهن.
پير صاحب پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو تعمير ڪرايو آهي، جنهن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ٿيڻ واريون آهن.


لفظ پير سرهنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو