
پِڙ1
پِڙ1: سنڌي ٻوليءَ ۾ امام بارگاھہ يا امام باڙه کي پڙ چيو ويندو آهي، پڙ اها مقدس جاءِ آهي جتي حضرت امام حسين عليہ السّلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي عزاداري ڪئي وڃي، جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پڙ جي معنيٰ: ”اهو هنڌ جتي علم پاڪ لڳل هجي ۽ محرم الحرام ۾ ماتم ڪيو وڃي، امام جو پڙ جتي ذوالجناح، سيجون، تابوت، تعزيه ۽ پينگها پڻ رکيل هجن“ لکي آهي. چون ٿا تہ سڀ کان پهرين پڙ قائم ڪري عزاداري جناب بيبي زينب سلام ﷲ عليها ڪئي، حضرت امام حسين عليہ السّلام ۽ سندن انصارن جي شهادت کان پوءِ اهلبيت کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن اهي بيبيون يزيد جي قيد مان آزاد ٿيون تہ سڌيون ڪربلا حضرت امام حسين عليہ السّلام جي روضي تي آيون، جڏهن اهو لٽيل قافلو جنهن جو سربراھہ حضرت امام زين العابدين علي ابن الحسين عليہ السّلام هو قافلي سميت ڪربلا پهتو تہ امام حسين عليہ السّلام جي مزار تي هڪ بزرگ کي تمام گهڻو روئيندي ڏٺائين، پڇا ڪرڻ تي خبر پين تہ اهو حضور اڪرم صلعم جن جو پيارو اصحابي بن عبدالله الانصاري'>جابر بن عبدالله الانصاري آهي، امام زين العابدين عليہ السّلام حضرت جـابـر بن عبدالله جي غلام بشير کي چيو تہ چاچا جابر کي چئو تہ هاڻي امام حسين جي مزار تي بيبيون آل رسول صلعم اينديون، جڏهن اها خبر حضرت جابر عبدالله کي پئي تڏهن هن پنھنجي غلام بشير کي چيو تہ: اي بشير! مون کي هتان کان ايترو پري وٺي هل، جو اسين هنن پاڪ بيبين جي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز بہ نہ ٻڌي سگهون، سڀ کان پهرين مجلس ڪربلا ۾ شھيدن جي مزارن تي بيبي زينب عليہ السّلام ۽ حضرت امام زين العابدين عليہ السّلام ڪئي، اها مجلس 20 صفر المظفر 62 ھہ تي ٿي ۽ لڳاتار ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون جاري رهي، هن مجلس ۾ بيبي زينب سلام ﷲ عليها، بيبي امه ڪلثوم سلام ﷲ عليها ۽ حضرت امام زين العابدين عليہ السّلام عربيءَ ٻوليءَ ۾ دردناڪ مرثيا پئي پڙهيا، اهي مرثيا مستند تاريخ ڪربلا جي ڪتابن ۾ موجود آهن.
بهرحال پڙن ۽ عزاداري جو بنياد اتان کان شروع ٿيو ۽ پوءِ اهو رواج سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو، سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ پڙ موجود آهن ۽ خصوصاً ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد ۾ جن علائقن ۾ پڙ موجود هئا، اهي پڙ جي نالي سان مشھور ٿيا. مثلاً فقير جو پڙ (جتان مير فتح علي خان ٽالپر جي دور ۾ تعزيي جو جلوس نڪرندو هو) واڍن جو پڙ، نهال شاھہ جو پڙ، مرزائن جو پڙ، ڪورين جو پڙ، روشن جو پڙ، دادن شاھہ جو پڙ، ايلي ڪاٽ جو پڙ ۽ بزگرن جو پڙ وغيرھہ. ان کان سواءِ روهڙي، خيرپور ۽ ٻين هنڌن جا پڙ بہ مشھور آهن.