پٿر 2

پٿر 2: فوتيءَ جو تڏو، فوت ٿي ويل جو ويجهو عزيز ٽن ڏينهن تائين پٿر تي ويٺو هوندو آهي، جنهن وٽ ماڻهو عذر خواهيءَ لاءِ ايندا ۽ ڏک ونڊيندا رهندا آهن. آيل ماڻهو سلام ورائي ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ويهي رهندو آهي، سڀني کي قل پڙهڻ لاءِ چوندو آهي. ان بعد دعا گهري وارث سان ملندو آهي. ان طرح ڏک جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ فوتيءَ سان ويجهڙائي هئڻ سبب اڪثر تعزيت ڪندڙ سندس تڏي تي 3 ڏينهن رهي پوندا آهن ان کي پٿر ڪرڻ چيو ويندو آهي. ٻهراڙين ۾ عذر خواهيءَ لاءِ آيل ماڻهو ڪجهه پئسا به فوتي جي عزيز جي کٻي پير هيٺان رکندا آهن. ان کي تڏو ڏيڻ يا پاهت به چئبو آهي. اڪثر چاڙهه (اجرڪ ڏيڻ) جو به رواج آهي. ٽي ڏينهن ائين مٽ مائٽ يا واسطيدار ايندا رهندا آهن. اهي ٽئي ڏينهن سڀئي پٽ تي ويهندا آهن ۽ پٽ تي ئي رات جو سمهندا آهن. ٽئين ڏينهن پٿر تي ويٺل عزيز صبح سان مقام تي ويندا آهن ۽ ختمو بخشيندا آهن پويان ٻيا عزيز اهي بسترا ۽ تڏا کڻندا آهن، پوءِ ٽيجهي جي ختمي جي تياري ڪندا آهن، پاڙيوارن يا برادريءَ وارن کي دعوت موڪليندا آهن. اهڙيءَ طرح اها ٽئين ڏينهن خيرات جي ماني ۽ دعا ٿيندي آهي ۽ پٿر ختم ٿي ويندو ِآهي، پوءِ سڀ ڪو وڃي پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيندو آهي. ان کي ”ٽيجهو“ چئبو آهي (ڏسو: ’ٽيجهو‘- جلد ٻيو). مرداڻي پٿر وانگر گهر ۾ عورتون، جيئن ڪانڌي موٽندا آهن، تڏهن گهر جي ڪا وڏي عمر جي عورت سڀني عورتن کي منهن ڍڪڻ جي هدايت ڪندي آهي، ۽ سڀ عورتون منهن ڍڪي روئينديون آهن. ڪا به عورت کٽ يا پلنگ تي نه سمهندي آهي، سڀئي زمين تي ويهنديون آهن ۽ ٽيئي ڏينهن اتي ئي سمهنديون آهن. ڪي عورتون ميت وارن جي گهر هڪ رات رهنديون آهن ڪي ٻه ڏينهن، ته ڪي ويجهيون مائٽياڻيون ته ٽيئي ڏينهن رهنديون آهن. عورتن ۾ قل پڙهڻ ۽ دعا جو دستور نه هوندو آهي، پر اهي افسوس ڪنديون ۽ پاهت ڏينديون آهن. سنڌ جي شهرن ۾ موجوده دور ۾ قرآن خواني ڪرڻ جو رواج پيو آهي، جنهن ۾ آيل سڀ عورتون ويهي سيپارا پڙهنديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو