
ٿائي لينڊ
ٿائي لينڊ (Thailand ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو موانگ ٿائي، پراٿٽ ٿائي (Kingdom of Thailand) ۽ پراڻو نالو سيام (Siam) آهي. ٿائي ٻوليءَ ۾ هن جي معنيٰ ”آزاد ماڻهن جي ڌرتي“ آهي، ڇو تہ ڪنهن بہ يورپي ملڪ هن کي فتح نہ ڪيو. هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۽ اولھہ ۾ ميانمار (برما)، اتر ۽ اوڀر ۾ لائوس، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪمبوڊيا ۽ ٿائي لينڊ نار، ڏکڻ ۾ ملائيشيا، ڏکڻ اولھہ ۾ انڊيمان سمنڊ آهي. ٿائي لينڊ جي ڪل پکيڙ 513115 چورس ڪلوميٽر (198062 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 11 لک 64 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بينڪاڪ (Bangkok) آهي ۽ سڀکان مٿانهون هنڌ ڊوئي انٿانون (بلندي: 2595 ميٽر) آهي. ٿائي لينڊ جي سرڪاري ٻولي ٿائي آهي ۽ جڏهن تہ هتي لائو، چيني، ملائي ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. هتان جي موسم گرم، گهميل، پر سٺي هوندي آهي، مارچ کان مئي تائين گرمي، جون کان آڪٽوبر تائين برساتون ۽ نومبر کان فيبروريءَ تائين سيءُ پوندو آهي. ٿائي لينڊ ۾ آئيني بادشاهت آهي.بادشاھہ رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. وزيراعظم حڪومت جو اڳواڻ آهي، جيڪو سرڪاري طور رياست جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر بادشاھہ جي منظوريءَ سان وزيراعظم کي چونڊيندا آهن. ٿائي لينڊ جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، ٻج، ناريل، ڪمند، رٻڙ، ڪپھہ، تماڪ آهي ۽ مکيہ صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، چانور ۽ کنڊ جي پيڪنگ، ڪپڙو اڻڻ، ريڊي ميڊ وڳا، اليڪٽرانڪ شيون، سيمينٽ، ڪاغذ ۽ سياحت اهم آهن. ٿائي لينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 24 جون 1932ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 15 ڊسمبر 1946ع کان ٿيل آهي .