ٿامس هنٽ مورگن

ٿامس هنٽ مورگن

ٿامس هنٽ مورگن

ٿامس هنٽ، مورگن (Thomas Hunt, Morgan ):1933ع ۾ وراثتي جيوڙي (Chromosome) جينياتي (Genes) جِيوَ جي اصلي هنڌ دريافت ڪرڻ تي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ٿامس مورگن 25 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽڪي شهر، آمريڪا ۾ ڄائو. مورگن ننڍپڻ کان ئي فطرت جي مطالعي ۾ دلچسپي وٺندو هو. ڏهن ورهين جي عمر ۾ هن پکين جا آنا ۽ ڪيترائي آکيرا گڏ ڪري رکيا هئا. هو 1888ع کان ووڊ هول (Wood Hole) ۾ واقع آمريڪي فش ڪميشن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1890ع ۾ جان هاپڪنز (John Hopkins) يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري، ايڊم بروس (Adam Bruce) فيلو شپ تي يورپ هليو ويو. جتي اٽليءَ ۾ بحري حيات جي تجربيگاھہ ۾ تحقيقي ڪم ڪيائين. 1891ع ۾ برنماوار (Brynmawar) ڪاليج ۾ حياتيات جو ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1904ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ ۾ حيوانيات جو پروفيسر ۽ 1945ع تائين انهيءَ اداري سان لاڳاپيل رهيو. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران وراثتي قانون دريافت ڪيائين. انهيءَ تحقيق تي کيس طب جي شعبي ۾ خدمتن جي اعتراف طور 1933ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. پاڻ 4 ڊسمبر 1945ع تي ڪيليفورنيا ۾ گذاري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1866.09.25  عيسوي

ٿامس مورگن 25 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽڪي شهر ، آمريڪا ۾ ڄائو .


1945.12.04  عيسوي

ٿامس هنٽ 4 ڊسمبر 1945ع تي ڪيليفورنيا ۾ گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اديب فيروز شاهي
ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
قاضي دائود
بيگم عبدالله چنا
شڪيل
آغا عبدالنبي عليگ
تيرٿ وسنت
غلام مجتبىٰ اسراڻ
پير مانڪي شريف
اسماعيل فقير ڏيرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون