ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند

ڀائي ڪلاچند: ڀائي ڪلاچند جو جنم 6 اپريل 1867ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ديوان رامچند گدواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڪلاچند اڃا ننڍو ئي هو تہ هڪ جوڳيءَ کيس ڏسي سندس ماءُ کي چيو تہ ’تنهنجو هي ٻار اڳئين جنم ۾ يوگي هو‘. ڪلاچند چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو تہ سندس من ۾ ويراڳ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ بدران جهنگ ۾ اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ناٽڪ ڏسڻ دوران هن جو من دنيا کان کٽو ٿي ويو. کاڌو پيتو ۽ گهمڻ ڦرڻ وسري ويس. سندس گهر ۾ ڀڳوان ڪرشن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. هو بہ ڀڳوان ڪرشن جي مورتيءَ اڳيان ويهي گيان ۾ ايترو تہ گم ٿي ويندو هو، جو کيس آسپاس ٻي ڪا سڌ ٻُڌ نہ رهندي هئي. ڀائي ڪلاچند جو وڏو ڀاءُ سرڪاري ملازمت ۾ هو. ان ڪري هن ڪلاچند کي سرڪاري نوڪري ۾ رنڀايو. پر جنهن ڌڻي سڳوري جي نوڪري ڪئي هجي ان جي دل ڪٿان ٿي ٻي نوڪري ۾ لڳي. پٽ جي اداسي پرکي سندس ماءُ خيال ڪيو تہ جيڪڏهن ڪلاچند جي شادي ڪرائبي تہ سندس من سنسار ۾ لڳي ويندو، پر هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڀائي ڪلاچند گهر ۾ دروازو بند ڪري ڀڄن ڀڳتيءَ ۾ مگن رهندو هو ۽ رات جو جهنگ ۾ وڃي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گذاريندو هو. سپاهيلاڻي گهٽي حيدرآباد ۾ ان جي ملاقات سنت ڪيشوَ داس سان ٿي ۽ روحاني رنگ ۾ رنگجي ويو. ٽنڊي محمد خان وارو سوامي سچانند بہ کيس ڀائيندو هو. ٻئي گڏجيءَ سڄي سنڌ ۾ تيرٿن تي ويندا هئا. 1890ع ڌاري سماجي براين خلاف هڪ تنظيم جوڙيائين. عاملن ۾ مروج ڏيتي ليتيءَ جي رسم خلاف هلچل هلايائين. 1897ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙي تہ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڃي بيمارن جي خدمت ڪندو هو. کين هٿ سان کارائيندو پياريندو هو، دوا درمل ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو تہ ان جي لاش کي پاڻ کڻي اگني سنسار ڪري ايندو هو. هن ڀڳت، انساني خدمتگار ۽ سنت شاعر، 11 مئي 1911ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ ڀائي ڪلاچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو