ڀاون سنگهہ . جي . تلريجا: ڀاون سنگهہ تلريجا جو جنم نائچ ڳوٺ ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1911ع ۾ ٿيو . سندس والد جو نالو گاهي سنگهہ تلريجا هو . ڀاون سنگهہ هڪ سٺو ليکڪ هو . ڊسمبر 1936ع ۾ آريا سماج تحريڪ ۾ شامل ٿيو . هن ڌرمي ۽ پنگتي مسئلن تي ڪتاب لکيا ، جن ۾ جيون وديا ، فرضن جي دنيا ، منهنجو سفر ، وگياني روحاني رهبر ۽ ايشور درٻار ، سنڌ ايڪارڪ ، هيراموتي ، تازا گل ، وشنو ۽ وِشوَ پتي وغيرہ شامل آهن . هو هڪ سماج سڌار انسان هو . ڀاون سنگهہ ” سنڌ اپڪرڪ “ جو ايڊيٽر بہ رهيو . ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي الهاس نگر وسايائين .