پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر

ڀاٽيا، جهامنداس، پروفيسر: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، 1878ع ۾ تاريخي شھر شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن اڪيڊمي هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ تعليم وٺي، 1913ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1919ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مـان بـي. اي ڪـيـائيــن. پنـهـنجـي تعـليم مڪـمـل ڪـرڻ کان پوءِ 1921ع ۾ نيشنل هاءِ اسڪول شڪـارپـور ۾ هـيڊمـاسـتر مقرر ٿيو ۽ 1923ع کــان 1924ع تـائـيــن برهمچاري هاءِ اسڪول شڪارپور جو هيڊماستر ٿي رهيو. ان کانپوءِ هو ڪـنڊيــاري جـي هــاءِ اسـڪـــول جـو وائيس پرنسپال ٿيــو، جـتـي 1924ع کــان 1945ع تـائـيـن رهيـو. جـڏهــن شڪارپور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج کليو تہ اتي استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ قبول ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح هو واپس پنھنجي شھر شڪارپور ۾ آيو ۽ آخر تائين انهيءَ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سندس خدمتن جي مڃتا ۾ کيس برطانيہ جي استادن جي تنظيم “Royal Society of Teachers of London” جو ميمبر بنايو ويو. ڀاٽيا صاحب ڪيترو وقت بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو ممتحن پڻ رهيو. ان وقت سندس هڪ مضمون ”سڌارٿ“ ميٽرڪ جي ڪورس ۾ بہ رکيو ويو هو. ڀاٽيا صاحب سنڌ يونيورسٽي جي ”Board of Studies for Religion“ جو ميمبر ۽ Philosophical Congress of Pakistan جو ميمبر بہ رهيو. پروفيسر جهامنداس جي دوستن ۽ شاگردن جو وسيع حلقو رهيو. پاڻ 30 ڊسمبر 1965ع تي مختصر علالت کان پوءِ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ساميءَ جا سلوڪ“ هڪ عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ وٽ اشاعت جو منتظر آهي. جهامنداس ڀاٽيا جو لائق فرزند پروفيسر لجپت گانڌي پنھنجي پيءُ جي انهن سڀني مقالن ۽ مضمونن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ جي معروف رسالن ۽ اخبارن وغيرہ ۾ وقت بہ وقت شايع ٿيندا رهيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.00.00  عيسوي

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ، 1878ع ۾ تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو


1965.12.30  عيسوي

ڀاٽيا جهامنداس 30 ڊسمبر 1965ع تي ديهانت ڪيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
حسين خان ٺوڙهو
سرتاج لڪياري
امين کوسو
عبدالله جي ميمڻ
عمرالدين زرداري
ٽاڊ جيمز
عبدالرحيم ڀرچونڊي
مخدوم عبدالغفور سيوستاني
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون