ڀاڳيا سنتوش گاگو مل

ڀاڳيا، سنتوش گاگو مل: هي فنڪار ۽ قلمڪار 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. هن اداڪار طور ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۽ آل انڊيا ريڊيو تان 35 کن ريڊيو ناٽڪن ۾ حصو ورتو، جن ۾ ”شرط“، ”عمر مارئي“، ”جڏهن پتني پيڪي وئي“ ۽ ”چريتر هيڻ“ شامل آهن. ان کان سواءِ هُن ڪجهہ سنڌي ناٽڪن جھڙوڪ: ”بابا مان هاڻي شادي ڪندس“ ۽ ”مون کي شرم ٿو اچي“ جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو. هو سٺو راڳي ۽ بانسري وڄائيندڙ آهي. هن 40 کان وڌيڪ گيتن جون ڌنون ترتيب بہ ڏنيون آهن. هن وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.12.04  عيسوي

ڀاڳيا سنتوش گاگو مل 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي مير يعقوب علي سيد
بيگم حسن آرا
آچار ڪاڪو
انيلا ابڙو
لکمي کلاڻي
آدم خان پنهور
پٽيل ولڀ ڀائي
صبغت ﷲ انڍڙ ڊاڪٽر
قاضي محمد سلطان مومِن
ضياء الحق جنرل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون