ڀاڳيا سنتوش گاگو مل

ڀاڳيا، سنتوش گاگو مل: هي فنڪار ۽ قلمڪار 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. هن اداڪار طور ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۽ آل انڊيا ريڊيو تان 35 کن ريڊيو ناٽڪن ۾ حصو ورتو، جن ۾ ”شرط“، ”عمر مارئي“، ”جڏهن پتني پيڪي وئي“ ۽ ”چريتر هيڻ“ شامل آهن. ان کان سواءِ هُن ڪجهہ سنڌي ناٽڪن جھڙوڪ: ”بابا مان هاڻي شادي ڪندس“ ۽ ”مون کي شرم ٿو اچي“ جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو. هو سٺو راڳي ۽ بانسري وڄائيندڙ آهي. هن 40 کان وڌيڪ گيتن جون ڌنون ترتيب بہ ڏنيون آهن. هن وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.12.04  عيسوي

ڀاڳيا سنتوش گاگو مل 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچو بادشاھہ
سلطان محمود خان بکري
آسو
اعجاز علي بيگ مرزا
شيخ موسيٰ سيوستاني
پاڻيڻي
صديقي نذير احمد پروفيسر
طارق احمد ميمڻ
حشو پارواڻي
ڪريم ڏنو راڄپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون