ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان

ڀاڳچنداڻي، رام نولراءِ ”گيان“: ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو. مضمون نگار، ناٽڪ نويس ۽ ترجمي نگار جي حيثيت سان مشهوري حاصل ڪيائين. سندس ترجمو ڪيل ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ڀڳت ۽ ڀڳوان، (2) اپنشدن جو سنديش، (3) هي ڌن ڪنهن جو ۽ (4) جاڳ اي انسان وغيرہ شامل آهن. شڪارپور مان نڪرندڙ ’سنڌو‘ رسالي ۾ هن جا ڪيترا ئي ليک شايع ٿيل آهن. هن جا ڪجهہ ڪتاب گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيل ملن ٿا. رام نولراءِ ماهوار رسالن ”گلستان“ ۽ سالياني رسالي ”هنس“ جو ايڊيٽر بہ رهيو. سندس ناٽڪ ۽ ٻيون رچنائون آل انڊيا ريڊئي تان بہ نشر ٿيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ وطن جا وڻ ڇڏي، احمد آباد (ڀارت) ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ع ق شيخ
پير شھاب الدين لڪياري
جسڪاڻي محمد مٺل
ايڊورڊ سعيد
اسدالله کهڙوي
شھاب الدين جيلاني قادري
رضوي سيد خادم علي شاھہ
امام علي مرزا ڊاڪٽر
راءِ سنگهہ
ڀيمنداس منواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون