ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان

ڀاڳچنداڻي، رام نولراءِ ”گيان“: ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو. مضمون نگار، ناٽڪ نويس ۽ ترجمي نگار جي حيثيت سان مشهوري حاصل ڪيائين. سندس ترجمو ڪيل ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ڀڳت ۽ ڀڳوان، (2) اپنشدن جو سنديش، (3) هي ڌن ڪنهن جو ۽ (4) جاڳ اي انسان وغيرہ شامل آهن. شڪارپور مان نڪرندڙ ’سنڌو‘ رسالي ۾ هن جا ڪيترا ئي ليک شايع ٿيل آهن. هن جا ڪجهہ ڪتاب گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيل ملن ٿا. رام نولراءِ ماهوار رسالن ”گلستان“ ۽ سالياني رسالي ”هنس“ جو ايڊيٽر بہ رهيو. سندس ناٽڪ ۽ ٻيون رچنائون آل انڊيا ريڊئي تان بہ نشر ٿيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ وطن جا وڻ ڇڏي، احمد آباد (ڀارت) ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فياض ڏاهري
بگٽي شر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
شھاب الدين ملا
احمد شيخ
احمد علي شاھہ ڊاڪٽر
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
حنا اگناڻي
شيري رحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون