ڀنگر آچا2: هي ڳوٺ، قمبر کان اولهه طرف، 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، 120 گھرن تي آباد آهي. يونين ڪائونسل بوهڙ ۾ هن کي ديهه جي به حيثيت حاصل آهي. هن جي اتر ۾ نور محمد شيخ ڳوٺ، ڏکڻ ۾ قمبر ڳڙهي ڪرٽيو روڊ وايا ٻير روڊ، اوڀر ۾ گيلو کوسو ۽ اولهه ۾ وارهه برانچ اٿس. هي ڳوٺ، ڀنگر قبيلي جي ماڻهن 52-1750ع ڌاري آباد ڪيو. جيڪي بلوچستان جي علائقي ”ڇٽ“ مان لڏي هتي اچي ويٺا، هي بلوچستان جي باراني علائقي ۾ ڪاري ڏڪر پوڻ ڪري اتان لڏي موجوده ماڳ کان ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ ۾، هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آباد ٿيا. درياهه کي بند نه هجڻ ڪري، ساڳي سن ڌاري انهيءَ ڳوٺ کي درياهه پائي ويو. ان کان پوءِ ڀنگر هتي اچي واريءَ جي دڙي تي آباد ٿيا. هنن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ 1800ع ڌاري آچا ”پير ڳوٺ آچا“ مان لڏي هتي ويٺا، جنهن تان هي ڳوٺ ”ڀنگر آچا“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. محمد سليمان ۽ محمد پنهل آچن جا وڏا هئا. جوڻيجا به 1800ع ڌاري نورنگ شاخ ڀرسان ”سارين جي ڳوٺ“ مان لڏي آيا. سندن وڏا ڇتل خان ۽ عبدالله خان جوڻيجو هئا. هتي اڪثريت ڀنگرن جي آهي. رئيس غلام حيدر خان ڀنگر هتان جو چڱو مڙس آهي. ڀنگرن 1815ع ڌاري هتي هڪ مدرسو به کوليو، جيڪو 1940ع تائين درس ۽ تدريس جو مرڪز رهيو. هن مدرسي ۾ حافظ حاجي محمد قاسم سومرو 67-1862ع ڌاري پڙهائيندو هو. مولوي صاحب اصل تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي آباد“ جو رهاڪو هو. هي پنهنجي دور جو وڏو عابد ۽ زاهد ماڻهو هو. 1967ع ۾ وفات ڪري ويو. وصيت موجب کيس هن ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. هي ڳوٺ شاعريءَ جي تاريخ ۾ به سٺي حيثيت رکي ٿو. حافظ حاجي الهڏنو ڀنگر، شاهد فقير ڀنگر ۽ لعل بخش ڀنگر پنهنجي دؤر جا سٺا شاعر ۽ مجزوباڻي طبع جا ماڻهو هئا. حافظ حاجي الهڏنو ڀنگر 1968ع- 1918ع ڌاري هتان جي مدرسي جو مدرس به هو. سنڌيءَ، سرائڪيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سٺا شعر لکندو هو. 1968ع ۾ وفات ڪري ويو. شاهين فقير به ڪمال درجي جو في البديه شاعر هو. موقعي ۽ مهل تي ٺهه پهه شعر چوندو هو. فقير حافظ الهڏني ڀنگر جو همعصر هو. 1955ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. لعل بخش فقير مجذوب قسم جو ماڻهو هو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق سندس ذهني توازن کي متاثر ڪيو ۽ پوءِ هو اڪثر ننگو گذاريندو هو. چون ٿا ته ڊسمبر ۾ رات جو پاڻيءَ جي کڏ ۾ وهنجي ڇت تي سمهندو هو. ذهني توازن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ فقير تمام گھٽ ڳالهائيندو هو، نه ته اڪثر چپ گذاريندو هو.
سنڌيءَ ۾ هن فقير جو به شعر ملي ٿو. 1952ع ۾ گذاري ويو. هن وقت گل حسن ڀنگر سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر لکي ٿو. هي شاعر 1 سيپٽمبر 1939ع تي هتي ڄائو. ٻيلي کاتي ۾ فاريسٽر هو. 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ڳوٺ جا ماڻهو محنتي ۽ ايماندار آهن. سندن ذريعه معاش گھڻو ڪري پوکي راهي تي آهي. ڀنگر مائينر تان آبادي ڪن ٿا. ڀنگر مائينر وارهه برانچ مان نڪري ٿو ۽ سوين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري سٺي پيدائش ڪري ٿو. بنيادي سهولتن ۾ بجلي، پرامري بوائز ۽ گرلز اسڪول موجود آهن. 1953ع ۾ بوائز اسڪول جو بنياد پيو. گرلز اسڪول 1990ع ۾ کليو. هن ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان صحت ۽ صفائيءَ جو ڪوبه جوڳو بندوبست ٿيل نه آهي. جَر هتان جو سٺو آهي.