ڀنگر آچا3

ڀنگر آچا2: هي ڳوٺ، قمبر کان اولھہ طرف، 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، 120 گهرن تي آباد آهي. يونين ڪائونسل بوهڙ ۾ هن کي ديھہ جي بہ حيثيت حاصل آهي. هن جي اتر ۾ نور محمد شيخ ڳوٺ، ڏکڻ ۾ قمبر ڳڙهي ڪرٽيو روڊ وايا ٻير روڊ، اوڀر ۾ گيلو کوسو ۽ اولھہ ۾ وارھہ برانچ اٿس. هي ڳوٺ، ڀنگر قبيلي جي ماڻهن 52-1750ع ڌاري آباد ڪيو. جيڪي بلوچستان جي علائقي ”ڇٽ“ مان لڏي هتي اچي ويٺا، هي بلوچستان جي باراني علائقي ۾ ڪاري ڏڪر پوڻ ڪري اتان لڏي موجودہ ماڳ کان ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ ۾، هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آباد ٿيا. درياھہ کي بند نہ هجڻ ڪري، ساڳي سن ڌاري انهيءَ ڳوٺ کي درياھہ پائي ويو. ان کان پوءِ ڀنگر هتي اچي واريءَ جي دڙي تي آباد ٿيا. هنن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ 1800ع ڌاري آچا ”پير ڳوٺ آچا“ مان لڏي هتي ويٺا، جنهن تان هي ڳوٺ ”ڀنگر آچا“ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. محمد سليمان ۽ محمد پنھل آچن جا وڏا هئا. جوڻيجا بہ 1800ع ڌاري نورنگ شاخ ڀرسان ”سارين جي ڳوٺ“ مان لڏي آيا. سندن وڏا ڇتل خان ۽ عبدالله خان جوڻيجو هئا. هتي اڪثريت ڀنگرن جي آهي. رئيس غلام حيدر خان ڀنگر هتان جو چڱو مڙس آهي. ڀنگرن 1815ع ڌاري هتي هڪ مدرسو بہ کوليو، جيڪو 1940ع تائين درس ۽ تدريس جو مرڪز رهيو. هن مدرسي ۾ حافظ حاجي محمد قاسم سومرو 67-1862ع ڌاري پڙهائيندو هو. مولوي صاحب اصل تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي آباد“ جو رهاڪو هو. هي پنھنجي دور جو وڏو عابد ۽ زاهد ماڻهو هو. 1967ع ۾ وفات ڪري ويو. وصيت موجب کيس هن ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. هي ڳوٺ شاعريءَ جي تاريخ ۾ بہ سٺي حيثيت رکي ٿو. حافظ حاجي الھڏنو ڀنگر، شاهد فقير ڀنگر ۽ لعل بخش ڀنگر پنھنجي دؤر جا سٺا شاعر ۽ مجزوباڻي طبع جا ماڻهو هئا. حافظ حاجي الھڏنو ڀنگر 1968ع- 1918ع ڌاري هتان جي مدرسي جو مدرس بہ هو. سنڌيءَ، سرائڪيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سٺا شعر لکندو هو. 1968ع ۾ وفات ڪري ويو. شاهين فقير بہ ڪمال درجي جو في البديه شاعر هو. موقعي ۽ مھل تي ٺھہ پھہ شعر چوندو هو. فقير حافظ الهڏني ڀنگر جو همعصر هو. 1955ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. لعل بخش فقير مجذوب قسم جو ماڻهو هو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق سندس ذهني توازن کي متاثر ڪيو ۽ پوءِ هو اڪثر ننگو گذاريندو هو. چون ٿا تہ ڊسمبر ۾ رات جو پاڻيءَ جي کڏ ۾ وهنجي ڇت تي سمهندو هو. ذهني توازن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ فقير تمام گهٽ ڳالهائيندو هو، نہ تہ اڪثر چپ گذاريندو هو.
سنڌيءَ ۾ هن فقير جو بہ شعر ملي ٿو. 1952ع ۾ گذاري ويو. هن وقت گل حسن ڀنگر سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر لکي ٿو. هي شاعر 1 سيپٽمبر 1939ع تي هتي ڄائو. ٻيلي کاتي ۾ فاريسٽر هو. 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ڳوٺ جا ماڻهو محنتي ۽ ايماندار آهن. سندن ذريعہ معاش گهڻو ڪري پوکي راهي تي آهي. ڀنگر مائينر تان آبادي ڪن ٿا. ڀنگر مائينر وارھہ برانچ مان نڪري ٿو ۽ سوين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري سٺي پيدائش ڪري ٿو. بنيادي سهولتن ۾ بجلي، پرامري بوائز ۽ گرلز اسڪول موجود آهن. 1953ع ۾ بوائز اسڪول جو بنياد پيو. گرلز اسڪول 1990ع ۾ کليو. هن ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان صحت ۽ صفائيءَ جو ڪوبه جوڳو بندوبست ٿيل نہ آهي. جَر هتان جو سٺو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو