ڀورو ڪينئون

ڀورو ڪينئون: ڀورو ڪينئون ، گاھہ جي ڪينئن وانگر واهن ۽ واهڙن جي ڪپن تي آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري انهن ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ رهندو آهي . گاھہ جا ڪينئان ننڍا هوندا آهن ، پر ڀورا ڪينئان وڏا هوندا آهن . اٽڪل چار پنج انچ ٿيندا آهن . اُس نڪرندي آهي تہ هي ڪينئان پنھنجي ٻرن مان نڪري ٻاهر ايندا آهن ۽ آلاڻ ڇڏي سوڪ تي رڙهندا آهن . هي اهڙا ڀيانڪ هوندا آهن جن کي ڏسي ڊپ ٿيندو آهي . پر سندن بت اهڙو ڪونئرو ٿيندو آهي جو ڪنهن شئي سان رهڙجي اڌ ٿي پوندا آهن . ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو مٿن پير اچڻ سان بہ ٽڪر ٿي پوندا آهن ، ۽ هر ٽڪر مڪمل ڪينئن وانگر هلڻ لڳندو آهي . ڀورن ڪينئن جا جيڪڏهن ٻہ ، چار ٽڪر ڪجن تہ هڪ ٽڪر پنھنجي ليکي هڪ ننڍڙو ڪينئون بنجي پوندو آهي ۽ اهي سُرندا رهندا آهن ۽ مرندا نہ ، پر ساڳئي رنگ ڍنگ سان سُرندا رهندا .


لفظ ڀورو ڪينئونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو