
ڀوپال شهر جي خوبصورت تاج مسجد
ڀوپال: ڀوپال شهر، هندستان جي مڌيه پرديش صوبي ضلعي ڀوپال جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شھر هندستان جي سرسبز شهرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو ۽ هن کي ڍنڍن جو شھر بہ سڏيو ويندو اهي. هي شھر پرمار راجا ڀوج (1055-1000ع) جو ٻڌايل آهي، جيڪو سندس نالي، پويان سڏجڻ لڳو، راجا ڀوج جي وقت ۾ هن شھر پنهنجو عروج ڏٺو، پر سندس ديهانت کانپوءِ جهڙوڪر هي شھر مٽجي ويو.
اورنگزيب جي وفات (1707ع) کان پوءِ انهن ئي پڊن تي دوست محمد نالي هڪ افغان، هن شھر کي ٻيهر آباد ڪيو، جنهنڪري هن شھر تي اسلامي ثقافت جو گهرو اثر رهيو. پراڻي ڀوپال جا آثار اسلام ننگر جي نالي سان اڄ بہ موجود آهن. گڏيل هندستان ۾ هي ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي رياست ليکيو وڃي ٿو. هتي 1819ع کان 1906ع تائين چئن راڻين جي حڪومت رهي، قصيده بيگم؛ ڀوپال رياست جي پهرين حڪمران راڻي هئي؛ ان کان پوءِ سڪندري بيگم؛ ان کان پوءِ شاھجھان بيگم ۽ آخري حڪمران راڻي ڪيسرو جھان بيگم هئي. راڻين جي هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڀوپال جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جو هتي هندستان جي ٻين رياستن کان گهڻو اڳ ٽپال جو سڌريل سرشتو، ريلوي جو نظام، پيئڻ جي پاڻيءَ جو سرشتو قائم ٿيو. ان کانسواءِ بہ ڪيترائي اڏاوتي ڪم هنن راڻين جي دور ۾ تڪميل تي پهتا، جيڪي اڃا بہ پنھنجي جاه و جلال سان پنھنجي بھترين ماضيءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. 1907ع ۾ هتي ميونسپل ڪاميٽي قائم ٿي.
هندستان جو ورهاڱو توڙي جو 1947ع ۾ ٿيو، پر ڀوپال، پهرين مئي 1949ع تائين پنھنجي رياست واري حيثيت سان برقرار رهيو. هتي سنڌ کان لڏي آيل هندن کي پڻ آباد ڪيو ويو، 1956ع ۾ هند سرڪار باقاعدي هن جي رياستي حيثيت هڪ حڪم ذريعي ختم ڪري کيس مڌ پرديش پرڳڻي سان ملائي، ان کي سندس گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ضلعي جي حيثيت ڏني.
اسي واري ڏهاڪي ۾ هن شھر ۾ هڪ افسوسناڪ سانحو پيش آيو هو. 3 ڊسمبر 1984ع تي يونين ڪاربائيڊ ڪارپوريشن جي پلانٽ مان اوچتو ڌماڪي سان 32 ٽن گئس خارج ٿيڻ جو وڏو حادثو ٿيو، جنهن ۾ ارڙهن هزار ماڻهو مري ويا. اهو دنيا جي صنعتي حادثن ۾ وڏي ۾ وڏو حادثو ليکيو وڃي ٿو، انهيءَ حادثي نہ رڳو هندستان پر پوري دنيا کي ڇرڪائي وڌو.
ڀوپال، هندستان جي وچ ۾ ونڌيا جابلو سلسلي جي اتر ۾ مٿئين پاسي، سامونڊي سطح کان 1637 فوٽ مٿي آهي. شھر جي اندر ۾ ڪٿي ڪٿي ٽڪريون بہ نظر اچن ٿيون. هتي ٻہ وڏيون ۽ تمام خوبصورت ڍنڍون شھر جي سونهن بڻيل آهن، جن کي ڀوڄ ويٽ لينڊ (Bhoj wet Land) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. عام طور هنن کي وڏو تلاءُ ۽ ننڍو تلاءُ سڏيندا آهن. وڏو تلاءُ يا ڍنڍ روايتن موجب ڀوڄ راجا جي ٺهرايل آهي، جيڪا 361 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جڏهن تہ ننڍو تالاب 9.6 چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ رکي ٿو.
ڀوپال جو شھر ڇھن مکيہ حصن ۽ 75 سيڪڙو ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ورهايل آهي. هن جا خاص علائقا نئون شھر ۽ پراڻو شھر ڪري سڏجن ٿا، شھر ۾ ڪيترائي بجليءَ جي سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا، ڪپھہ ٽاٽڻ جون فيڪٽريون، زيورن ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻيون صنعتون لڳل آهن، هتان جو ڀرت ۽ ٻٽون سڄي هند ۾ مشھور آهن.
ڀوپال شھر ۾ 550 سرڪاري اسڪول آهن، جيڪي مڌيه پرديش بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهن. ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي غير سرڪاري ادارا تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هتي ئي مشھور انجنيئرنگ ڪاليج، ”مولانا آزاد نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ آهي، جيڪو 1960ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪاليج کي قومي حيثيت حاصل آهي. ان کانسواءِ بہ هند سرڪار هتي ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ ۽ ٻيو اهم ادارو ”اسڪول آف پلاننگ اينڊ آرڪيٽيڪچر“ (SPA) 2009ع ۾ قائم ڪيا آهن. ان کان علاوہ صرف انجنيئرنگ جي تعليم ڏيڻ لاءِ هتي 70 نجي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. برڪت ﷲ يونيورسٽي سان لاڳاپيل گانڌي ميڊيڪل ڪاليج بہ هن ئي شھر ۾ آهي، جنهن جي اسپتال ڀوپال گئس سانحي ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڀوپال شھر سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي ڪري بہ مشھور آهي.
ڀوپال، مڌيه پرديش پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هئڻ ڪري هتي اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي ڪم ڪندي آهي، جنهن ۾ 230 ميمبر چونڊجي ايندا آهن. ڀوپال ضلعي جا چونڊن ۾ 7 ميمبر چونڊجي ايندا آهن ۽ ڀوپال کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو حاصل آهي.
285 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ڀوپال ميونسپل، ڪل 66 وارڊن ۾ ورهايل آهي، جنهن جا الڳ الڳ مقامي نمائندا چونڊيل آهن. شھر ۾ خوبصورت ۽ جديد ريلوي اسٽيشن ۽ هوائي اڏو ٺهيل آهي، ڪيتريون ئي ريل گاڏيون هتان روز اچن وڃن ٿيون. هوائي اڏو راجا ڀوج جي نالي منسوب ٿيل آهي. ڀوپال ۾ سمورا اسلامي توڙي هندو ڏڻ هڪ جيڏي جوش ۽ خروش سان ملهايا وڃن ٿا. هتي ڀارت ڀون نالي وڏو ثقافتي مرڪز ٺهيل آهي، هتان جي مشھور ماڳن مڪانن ۾ ڀوچپور شوِ مندر، سانچي ٻڌن جو وهارو، ڀيم بيٽڪا نالي هزارين سال پراڻا ٽاڪرو اجها، جن تي قديم زماني جا چٽ چٽيل آهن. انهن کانسواءِ ڀوپال ۾ ڪيترا مندر، مسجدون ۽ محل ٺهيل آهن، مسجدن ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد ’تاج مسجد‘ بہ شامل آهي. گور محل، صدر منزل ۽ پراڻي قلعي جون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. ڀوپال هاڪي جي رانديگرن جي شھر طور بہ مشھور آهي، جو هتي عام طور اها ئي راند کيڏي ويندي آهي.
هتان جي مشھور شخصيتن ۾ بالي ووڊ جو مشھور اداڪار سيف علي خان، سندس پيءُ منصور علي خان، هندستان جو اڳوڻو صدر شنڪر ديال شرما، اميتاب بچن جي گهر واري جيا پڌوري (جيڪا هاڻي جيا بچن جي نالي سان مشھور آهي)، مشھور فلم ”شعلي“ جو ليکڪ ۽ فلمي شاعر جاويد اختر، ڀارت ڀون سان لاڳاپيل مصور جي. سوامي ناٿ، مشھور هاڪيءَ جو رانديگر اسلم شير خان، جنهن 1975ع ۾ هاڪيءَ جو ورلڊ ڪپ کٽيو هو، بعد ۾ پارليامينٽ جو ميمبر بہ چونڊيو ويو هو، پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري شھريار خان، مشھور شاعر ڪيف ڀوپالي ۽ پاڪستان جي ايٽمي توانائي جو بنياد رکندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير بہ هتان جو رهاڪو هو، پاڻ اڃا اسڪول ۾ هو تہ سندس پيءُ پاڪستان لڏي آيو. ان کان سواءِ نامياري اردو شاعر محسن ڀوپالي جو جنم بہ هتي ٿيو هو، جيڪو بعد ۾ سنڌ لڏي آيو .