ڀُوري3 (ڪتاب ):’ڀوري‘ سنڌ ۽ هند جي نامياري ڪهاڻيڪار خاتون، سندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب جو نالو آهي، جنهن ۾ سندس 11 ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪهاڻي ڪتاب جا نئين دنيا پبلشرس، بمبئيءَ، پاران ڊسمبر 1979ع ۽ مارچ 1981ع ۾ ٻہ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 114 صفحن جي هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي قيمت پنج رپيا ۽ ٻئي ڇاپي جي قيمت ڏھہ رپيا آهي. هن ڪهاڻين جي مجموعي تي ليکڪا کي انعام بہ ملڪي چڪو آهي.