ڀٽائيءَ جي کوهي

ڀٽائيءَ جي کوهي: سچل سرمست جي درگاھہ سان لڳ مسجد شريف جي پويان هڪ قديم کوهي ( ننڍو کوھہ ) موجود آهي . جنهن بابت روايت آهي تہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي کهڙا شھر کان ٿيندو جڏهن درازن ۾ پهتو تہ هتي قيام دوران ميان صاحبڏني ۽ ڀٽائي سائينءَ اها کوهي کوٽائڻ جو حڪم ڏنو . جڏهن چڪ رکڻ جي منزل آئي تہ ٻنهي ڀلارن بزرگن سڀني طالبن کي وڌيڪ کوٽائيءَ کان منع ڪري ڇڏي ۽ کوهي مان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو . پاڻ آخري کاٽي ڪرڻ لاءِ اندر موجود هئا تہ ان موقعي تي ڀٽائيءَ جو عاشق صادق ” ميان چنيھہ فقير اڄڻ “ درازين پهتو ۽ بزرگن بابت پڇا ڪيائين . کيس ڪنهن شخص چيو تہ ٻئي بزرگ هن کوھہ ۾ اندر آهن ۽ اتي اندر باھہ لڳل آهي . ميان چنيھہ فقير تي انهن لفظن جو عجيب اثر ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ باھہ لڳل هجي ، مرشد بہ اندر هجي ۽ مريد ٻاهر بيهي رهي تہ مٿس حيف آهي ۽ ائين چئي کوھہ ۾ ٽپو ڏنائين . ڀٽائي بادشاھہ کيس چيو تہ اڳ تون چُنيھہ هُئين هاڻي ” چ “ ڪڍي توکي نسورو ، ’نينھن ‘ ٿا ڪريون ۽ کيس سائين صاحب ڏني جي حلقهء ارادت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنائين . مرحوم قاضي علي اڪبر درازيءَ جي لکت موجب کوهي کوٽائڻ وقت ڀٽائي سائين فرمايو هو ، ” اچو تہ درازا ۽ ڀٽ شاھہ جا جر پاڻ ۾ ملايون . “


هن صفحي کي شيئر ڪريو