ڀٽون /وڇون

ڀٽون /وڇون

ڀٽون وڇون

ڀٽون وڇون

ڀٽون وڇون

ڀٽون وڇون: اندازو لڳايو ويو آهي ته ڀٽونءَ يا وڇونءَ جو نسل دنيا ۾ ٽيهن يا چاليهن ڪروڙ سالن کان آهي، پر باوجود ان جي وڇونءَ جي شڪل شبيهه ۾ ڪا خاص تبديلي ڪانه آئي آهي. جيتوڻيڪ قديم زماني جي مخلوق ۾ ڪافي تبديليون اينديون رهيون آهن ۽ ڪن جانورن جا ته نسل ئي نيست ۽ نابود ٿي ويا آهن. حيوانات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته قدرت وڇونءَ کي مڪمل شڪل ۾ پيدا ڪيو آهي، ان ڪري وڇون بلڪل ساڳيءَ حالت ۾ اڄ به موجود آهي. وڇونءَ کي عام طور تي ”جيت“سمجهيو ويندو آهي، وڇونءَ کي اٺ ٽنگون آهن. وڇون حقيقت ۾ فائيلم ارٿروپوڊا جي ڪلاس (ايرڪ نيڊا) سان واسطو رکي ٿو. جيتوڻيڪ وڇون اڪثر گرم ملڪن ۾ لڀن ٿا، ته به اهي رڳو انهن جاين تائين محدود نه آهن. يورپ، يونان، اٽلي، اسپين وغيره ۾ هن جا ڪيترائي قسم لڀن ٿا؛ ۽ هڪ قسم جرمنيءَ جي ڏاکڻين حصي ۾ به پکڙيل آهي. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ به وڇون ملن ٿا. سڄي دنيا ۾ وِڇن جا 500 کان به وڌيڪ قسم لڌا وڃن ٿا. هنن ۾ ”ڪارو وڇون“ سڀ کان وڌيڪ زهريلو ۽ رنگ جو گهاٽو ڪارو هوندو آهي. جنهن جي ڊيگهه 6 کان 8 انچن تائين ٿئي ٿي. عام وڇون وري ميٽائين رنگ جو هوندو آهي، جو اسان وٽ سنڌ ۾ به ملندو آهي. وڇونءَ جو جسم ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي، هڪ کي ”پيٽ جو اڳيون حصو“ (Pre-abdomen) ۽ ٻئي کي ”پيٽ جو پٺيون حصو“ (Post-abdomen) ڪري چيو ويندو آهي. پيٽ جو اڳيون حصو ان جي مٿي ۽ ان سان ڳنڍيل سيني تي مشتمل هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪل ست ”ڳريون“ يا ”ڦاڪون“ (Segments) هونديون آهن؛ جيڪو ان جو پڇ هوندو آهي، جنهن جي آخري ڇيڙي تي زهريلن غدودن جو هڪ جوڙو هوندو آهي. وڇن جي منهن تي هڪ سخت، مڙيل ۽ چهنبدار ڪنڊو هوندو آهي، جنهن کي ”ڏنگ“ چوندا آهن. ڏنگ جو موڙ ڪجهه اهڙي نموني هوندو آهي، جو جيستائين وڇون پنهنجي پيٽ جي پٺئين حصي کي مٿي نه ڪري، ڏنگ ڪم نه ڪندو. ڏنگ هڻڻ لاءِ وڇون پنهنجي پيٽ جي پٺين حصي کي مٿي کڻي، اڳتي ڦٽو ڪندو آهي. ان جي ڏنگ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي شڪار جي جسم ۾ زهر داخل ڪندو آهي. پاڻي ۽ پوسل واريون جايون وڇونءَ جون دل گهريون جايون آهن. وڇون خشڪ موسم يا گرميءَ جي موسم ۾ زمين جي اندر سوراخ ڪري خاموش زندگي گذاريندو آهي، ان ڪري ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. جيئن ئي برسات جي مند شروع ٿيندي آهي ته زمين جي سطح تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ پٿرن جي پاسن ۾ شڪار جي ڳولا ۾ ويهندو آهي. اڪثر ڪري ڇيڻن، ڪاٺين ۽ ٻوٽن وغيره ۾ به ملندو آهي. ننڍڙا جيت جڻيا وڇونءَ جي دلپسند خوراڪ آهن، انڪري ٽنڊڻ، ڪوليون ۽ تڏيون ڏاڍي مزي سان کائيندو آهي. وڇونءَ جي کائڻ جي رفتار ڪولين وانگر سست هوندي آهي ۽ ننڍي جيت کي به کائڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت وٺندو آهي. وڇونءَ ۾ اهڙيون ته غدودي رسون ٿين ٿيون، جي خلين ۾ ڪيميائي عمل پئدا ڪري انهن جي هضم ڪرڻ جي نظام کي درست حالت ۾ رکنديون آهن. وڇون ڪيترا ڏينهن بنا کاڌي جي به جيئرو رهي سگهي ٿو. هڪ اندازي مطابق وڇون هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين بغير ڪجهه کائڻ جي جيئرو رهي سگهي ٿو. سڀني ارٿروپوڊا فائيلم جي جانورن وانگر وڇن جي واڌ به کلن لاهڻ (Molting) ذريعي ٿيندي آهي. کلن جو تعداد مختلف قسمن ۾ مختلف ٿيندو آهي، ايتريقدر جو ساڳين ذاتين جي قسمن ۾ به فرق آهي. مثلاً: “Palmnaeus Longimanus” کي اَٺ ۽ “Androctonus Australis” کي ست کلون لاهڻيون پونديون آهن. اهو عمل جسم جي سڀني حصن تي ٿيندو آهي. وڇونءَ جي بالغ ٿيڻ تي ئي ان جي جنس سڃاڻي سگهبي آهي. نر وڇونءَ جو پڇ ڊگهو ۽ جسم سنهو سيپڪ ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ مادي وڇونءَ جو پڇ ننڍو ۽ جسم ڪجهه ٿلهو متارو ٿيندو آهي. وڇونءَ جي عمر ٽي يا چار سال کن ٿيندي آهي. وڇونءَ جي زهر جا ٻه قسم ٿين ٿا، انهن مان هڪ ته عام آهي ۽ ماڻهوءَ لاءِ جوکائتو نه آهي، ۽ اهو عام وڇونءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. ٻئي جو اثر نانگ جهڙو ٿئي ٿو ۽ اهو ڪاري وڇونءَ ۾ ٿئي ٿو. عام وڇونءَ جو مثال “Euscorpius Italicus” آهي ۽ ڪاري وڇونءَ جو مثال “Centruroides Sculpturratus” آهي. ڪن وِڇُن جا زهريلا غدود گهٽ ٿين ٿا. عام وڇونءَ جي ڏنگڻ جو اثر گهڻو ٿيندو آهي، جو ڏنگيل جاءِ تي سخت سور ٿيندو آهي ۽ اهو هنڌ سڄي پٿر ٿي پوندو آهي. ڪن حالتن ۾ ان جاءِ تي سوزش به ٿي پوندي آهي ۽ اها جاءِ بلڪل بي حس ٿي پوندي آهي. ڪن ماڻهن ۾ ته اهو وهم ويٺل آهي ته ڏنگڻ کان پوءِ جيستائين وڇون جيئرو رهندو، اهو سور وڌندو ويندو. اهو سور چوويهن ڪلاڪن تائين هوندو آهي، پر ان جاءِ جي سوڄ ۽ سوزش ٻن ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويندي آهي. هن ۾ ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ڪو به خطرو نه هوندو آهي ۽ ان جو اثر ائين هوندو آهي، ڄڻ ڪنهن جيت چڪ پاتو هجي. ڪاري وڇونءَ جي زهر جو اثر بلڪل ڪاريهر نانگ جهڙو هوندو آهي. ڏنگڻ جي ڪري سخت سور، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، بي آرامي ۽ وات مان گگ وهندي آهي؛ دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو آهي ۽ هٿن پيرن جا ننهن نيرا ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو 45 منٽن کان وٺي 10-12 ڪلاڪن جي اندر مري به سگهي ٿو. ڊراگو، ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا ۾ ڪيترائي ماڻهو هن جي ڪري مري ويا آهن. ڪاري وڇونءَ جي خشڪ ڪيل زهر جو 105 ملي گرام مقدار پاڻيءَ ۾ ڳاري، جيڪڏهن هڪ وچولي عمر جي ڪتي کي انجيڪشن لڳائبي اُهو مري ويندو. وڇونءَ جي زهر جو بهترين علاج تماڪ جي ڦلهيار، پاڻياٺ حالت ۾ امونيا يا خشڪ حالت ۾ نوشادر، رجيل چرٻي، ليمي جو ست يا پوٽاشم پر مئگنيٽ آهي. انهن مان جيڪو به ملي، اهو لڳائجي. امونيا سنگهائڻ سان به ڪافي فائدو پهچندو آهي. برازيل، ميڪسيڪو، لنڊن ۽ الجيريا ۾ ته وڇونءَ جي ڏنگ لاءِ خاص انجيڪشنون تيار ڪيون ويون آهن. هڪ وڇونئڙي هڪ ئي وقت سوين ٻچا پيدا ڪندي آهي، جيڪي سندس پيٽ ۾ پلبا آهن ۽ مقرر وقت تي ماءُ جي پيٽ کي اندران کائي ڦاڙي ٻاهر نڪرندا آهن ۽ وڇونئڙي مري ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو